
سنڌ پرڏيهين جي ملڪ ۾ آبادڪاري، انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ، تعليمي ادارن ۾ داخلائن ۽ نوڪريون ڏيڻ خلاف هر فورم تي دانهيندي رهي آهي. هتان جي عام ماڻهوءَ جو به اهو چوڻ آهي ته پرڏيهين کي ڪنهن به ريت هتان جي شهرين وارا حق نٿا ڌئي سگهجن. ڇاڪاڻ ته اهي هتان جا شهري نه آهن ۽ اهي سنڌ جي وسيلن تي وڏي وقت کان بار لڳا پيا آهن. لکن جي انگ ۾ سنڌ ۾ هڪ سازش تحت آباد ڪيل پرڏيهي پنهنجو اثر رسوخ هر هنڌ هلائي رهيا آهن. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهين جو بچاءُ ڪندي چيو هو ته انهن کي ڪيڏانهن ڪريون، جڏهن ته انهن جا ٻه نسل هتي پيدا ٿيا آهن. جيڪڏهن انهن جي ٻه نسل هتي پيدا ٿيا، تڏهن به انهن جا ملڪ هن ڌرتي تي موجود آهن، اهي گم ڪونه ٿي ويا آهن. تنهنڪري انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ڪرڻ ضروري آهي. ملڪ ۾ جيڪا به وفاقي حڪومت اچي ٿي، اها ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺندي رهندي آهي پر انهن کي نيڪالي ڏيڻ کان انڪار ڪندي رهندي آهي. هاڻ ته اهي پرڏيهي تعيلمي بورڊن مان به سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري رهيا آهن.
هڪ رپورٽ موجب پرڏيهي ماڻهن پاران سنڌ مان تعليمي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. دستاويز موجب ڪيترائي پرڏيهي ميرپورخاص بورڊ مان تعليمي سرٽيفڪيٽ وٺي چڪا آهن، ڪجهه پرڏيهي هاڻوڪن امتحانن ۾ به ويٺا هئا، دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته حساس ادارن اطلاع ملڻ تي ميرپورخاص بورڊ ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ امتحانن ۾ ويهندڙ پرڏيهي شاگردن جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو، دستاويز ۾ پرڏيهي شاگردن جا ضروري ڪاغذ به دستياب نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. بورڊ آفيسرن رڪارڊ ختم ڪرڻ لاءِ 3 ڀيرا باهه به لڳرائي. سيڪريٽري بورڊ سنڌ حڪومت کي حساس ادارن جي ڪارروائي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي بورڊز ۽ يونيورسٽيز جي کاتي جي عملدارن معاملي جي تصديق ڪندي چيو ته معاملو حساس آهي، تنهنڪري احتياط سان جاچ ڪري رهيا آهيون، سندن چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن سنڌ جي تعليمي بورڊ واري وزير اسماعيل راهو معاملي جو سخت نوٽيس وٺندي يونيورسٽي ۽ بورڊ جي سيڪريٽري محمد مريد راهمون کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. محمد اسماعيل راهو تعليمي بورڊ واري سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري هڪ هفتي اندر رپورٽ ڏني وڃي، غيرملڪي ماڻهن کي ميرپورخاص بورڊ ۾ امتحانن ۾ جنهن به ويهاريو آهي، ان جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اسماعيل راهو چيو ته حقيقت تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن ملوث آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪري انهن آفيسرن کي هٽايو وڃي. هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت تعليمي بورڊ ۾ ڪرپٽ ملازم ۽ پئسن عيوض تعليمي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري رهيا آهن ۽ انهن کان ڪو پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪونهي. هن سان نه رڳو اهي مقامي ماڻهن جا حق ماري رهيا آهن پر پرڏيهين لاءِ ماحول بهتر پڻ ڪري رهيا آهن، سڀاڻي اهي انهن ڪاغذن جي مدد سان سنڌ جي مختلف کاتن ۾ نوڪريون به ماڻي وٺندا ۽ ڪوبه انهن کان پڇاڻو نه ڪري سگهندو. ميورپورخاص بورڊ اڳ ئي ڪرپشن جو ڳڙهه لڳو پيو آهي، جتي شاگردن کي من پسند گريڊ پئسن عيوض ملندا رهيا آهن پر هن وقت تائين ميرپورخاص بورڊ جي ملازمن خلاف ڪا اهڙي ڪارروائي نه ٿي سگهي جو بورڊ انتظاميه ايمانداريءَ سان پنهنجون ذميواريون نڀائي سگهي. اهو به سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ جي هڪ ڪڙي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ميرپورخاص بورڊ ۾ پرڏيهين کي تعليمي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو سلسلو ترت بند ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان سان پرڏيهين جي لوڌ اڃا به وڌيڪ تعليمي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ان در کي بند نه ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پرڏيهين لاءِ هر قسم جون سهولتون پيدا ٿينديون رهنديون. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي به بورڊ جا ملازم ان معاملي ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ۽ جن ڌارين کي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن، اهي ترت رد ڪيا وڃ ته جيئن سنڌ جي ماڻهن جي حق تلفي جو سلسلو بند ٿي وڃي.