
ڳڻتي واري ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ شهري ۽ ضلعي حڪومتن جي انتخاب لا ٿيندڙ مقابلن ۾پي ٽي آ ۽ ڪپتان عمران خان طرفان سنڌ کي ورهائڻ ۽ ڪراچي کي ڌار ڪرڻ واري نعري کي سنڌ لا هاڃيڪار چونڊ مهم جو موضوع بڻايو ويو آهي. جنهن ۾ ڪراچي سميت صوبي جي 16 ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ نفرتون وڌائڻ واري طريقيڪار تحت ”ويڙهايو، ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري فرنگي سياست وارو جهنڊو کڻي ”آزاد ۽ خودمختيار ڪراچي“ واري مهم شروع ڪئي وئي آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هو پنهنجي نفرت واري سياست ۽ غير ذميواراڻي هلت کي سنڌ ۾ فسادن لا پڻ استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ لا هو هر حد تائين وڃي سگهن ٿا. ملڪ جي جادوگرن طرفان ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ ۽ جمهوري سرشتي کي شخصي آمريت ۾ تبديل ڪرڻ لا رانديگرن، جنونين، شينهن ۽ ٽائيگر ٺاهڻ واري ڪارخاني ۾ پيداوار وڌڻ لڳي آهي ۽ جمهوري سرشتي خلاف تياري ڪيل چٽيل ٻجن مان پوک سرجڻ ۽ وڌي وڻ ٿيڻ لڳي آهي ۽ هو ملڪ ۾ نفرتن واري هٽلري سياست کي وڌائڻ واريون هاڃيڪار منزلون طئي ڪندي هاڻي اڳتي وڌي رهيا آهن.
ملڪ جي سياسي صورتحال تمام گهڻي غير يقيني جو شڪار آهي، وفاق ۽ ٽن صوبن پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اتحادين جون حڪومتون، پنهنجا ساهه بحال ڪري اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجو رهيل سوا سال وارو مدو پورو ڪرڻ لا هٿ پير هڻي رهيون آهن. ملڪ تي پوڻا 4 سال حڪومت ڪندڙ ڪپتان خان ۽ سندس جماعت تحريڪ انصاف جي ڪيل تباهه ڪارين مان نجات لا قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ ذريعي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي حڪومتن کي نيڪالي ڏيڻ بعد ڪجهه مهينا اڳ اتحادي ڌرين طرفان گڏيل حڪومتون ضرور قائم ڪيون ويون هيون پر اهي حڪومتون اڃا تائين پنهنجي پيرن تي مضبوطي سان بيهي نه سگهيون آهن لڳاتار بحرانن جو شڪار آهن. پنجاب اسيمبلي جي 20 خالي تڪن ۾ تازو ٿيل ننڍين چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان پنهنجيون 5 سيٽون وڃائڻ بعد باقي 15 سيٽون واپس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي پنجاب اسيمبلي ۾ وري پنهنجي وڃايل اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي پر هو پنجاب ۾ حڪومت به وري حاصل ڪري سگهندي يا نه اهو معاملو اڃا صاف ٿي نه سگهيو آهي. عام خيال آهي ته، جيڪڏهن پنجاب ۾ وري حڪومت پي ٽي آ کي ملي ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ وفاق ۾ پڻ معمولي تعداد جي سرسي سان قائم وزير اعظم ميان شهباز شريف ۽ اتحادين واري حڪومت به شايد گهڻو وقت قائم نه رهي سگهي.
ملڪ جي ميڊيا ادارن موجب، اتحادي جماعتن واري وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کي وري”مفاهمت جي بادشاهه ۽” اتحادين جي حڪومت جي انتظام ڪار آصف علي زرداري طرفان وزير اعظم ميان شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير ۽ اتحادين جي حڪومتن کي قائم رکڻ لا کين ڀرپور نموني مدد مهيا ٿي وئي آهي ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر طرفان پنهنجا سمورا اثر رسوخ، تعلقات استعمال ڪرڻ ۽ بااختيار ڌرين جي مرڪزن کي وري اتحادين جي مدد لا يڪجا ڪرڻ لا لاڀائتيون ڪاوشون ڪيون ويون آهن، جنهن جي ابتدائي ڪاوشن جي ڪامياب ٿيڻ تي اتحادي ڌرين کي وڪٽري جو نشان ڏيکاري حوصلو ڏنو ويو آهي. امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته جادوگرن جي بڻايل جماعت پي ٽي آ ۾ شايد هڪ ٻيو گروپ ڌار ٿي بغاوت ڪري وجهي ۽ پي ٽي آ پنجاب اسيمبلي ۾ وري پنهنجي اڪثريت وڃائي ويهي رهي. ٻئي صورت ۾ اهو پڻ ممڪن آهي ته، چوڌري شجاعت ۽ آصف علي زرداري جي تازين خاص ملاقاتن ۽ ٿيل اتفاق جا نتيجا هن ريت به سامهون اچي سگهن ٿا ته، مسلم ليگ (ق) جي پنجاب اسيمبلي جا گهربل 5 ميمبر حمزا شهباز جي حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪن ۽ هو پنجاب حڪومت ۾ شامل ٿي وڃن. يقينن پارلياماني سياست ۾ اهڙي قسم جا وقتي اتحاد يقينن، ٿر، ڪاڇي يا ڪوهستاني علائقن ۾ وسندڙ برساتن وانگر هوندا آهن جنهن ۾ اوچتو ٿورڙي مدت يا حياتي واريون کنڀيون پيدا ٿي پونديون آهن، جيڪي سستي ڀاڄي يا ٻوڙ طور کائي موسم وارا مزا ماڻي سگهجن ٿا.
تحريڪ انصاف واري ڪپتان، ٽائيگر خان طرفان پنجاب جي وڃايل 20 سيٽن کي حاصل ڪرڻ لا جهڙي قسم جي وات ڳاڙهي ۽ اگهاڙي سياست ڪئي وئي ۽ نفرتن واري چونڊ مهم هلائي وئي ان عمل سان يقينن ملڪ ۾ عوامي سطح تي نفرتون وڌائڻ ۽ تهمتن واري سياست کي رواج ڏنو ويو آهي. اهڙي قسم جي سياست پنجاب ۾ پکڙجڻ وارا نظارا يقينن ڏسڻ لا مليا پر ان جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ هڪ نئين قسم جي ڇڪتاڻ وري شروع ٿيندي نظر اچي رهي آهي. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته، پنجاب جي هاڻوڪي ننڍي چونڊ ۾ ٿيل خاص قسم جي پٺڀرائي ۽ وقتي ڪاميابي کي هٿيار بڻائي، نفرتن وارا ساڳيا هٿيار سموري ملڪ ۾ هلائڻ واريون تياريون ڪيون پيون وڃن، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته، اسان جي ملڪ ۾ پڻ جرمني جي آمر ايڊولف هٽلر واري طرز سياست کي رواج ڏئي، ڪوڙ کي سچ ڪري بيان ڪرڻ ۽ تهمتن نفرتن واري سياست ۽ جهيڙن کي رواج ڏئي، گمراهي وارن سمورن طريقن کي استعمال ڪري هر قيمت تي ڪرسي هٿ ڪرڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لا سندرا ٻڌا ويا آهن پو چاهي ملڪ ۽ صوبن جو ڪهڙو به حال ٿئي انهي سان سندن ڪوبه مطلب ناهي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جيڪو اڳ ئي تمام بدحالي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ دنيا جي قرضن جي جبلن هيٺان دٻيل آهي ان جي وڌيڪ زيربار ٿيڻ ۽ ساهه گهٽجڻ واريون حالتون وڌي ويون آهن. ملڪ ۾ صبر، برداشت ۽ ڏاهپ وارين ڳالهين کي پاڻي نه ملڻ ۽ رستا روڪ ٿيڻ جا يقينن وڏا نقصان ٿي رهيا آهن.
ملڪ جي وفاق، صوبن ۾ پيدا ٿيل هاڃيڪار صورتحال ۾ ملڪ جي جمهوريت پسندن، ساڃهه وندن ۽ سڄاڻ سياسي جماعتن لا پارلياماني ۽ جمهوري سرشتو بچائڻ ۽ سنڌ صوبي جي وحدت کي بچائڻ وارا معاملا پڻ اڀري سامهون اچي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جتي وفاق ۾ سنڌ جي چونڊيل قيادت جو سموري ملڪ ۾ اهم ڪردار اڀري سامهون اچي رهيو آهي ته ٻئي پاسي، اسان جي صوبي جي مختلف سياسي ڌرين ۾ سنڌ جي وسيع تر مفاد ۾ اڳتي وڌي گڏجڻ جي حوالي سان صورتحال ڪا حوصلي واري نه آهي. ڳڻتي واري ڳالهه آهي ته، سنڌ جي بقا، سلامتي ۽ قومي ترقي ۽ تعمير جي شعبن کي گڏجي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان لاتعلقي واري صورتحال موجود آهي. ساڃهه وندن ۽ عوامي سطح تي وسيع اتحاد قائم ٿيڻ ۾ ذاتي ناراضگيون، نظر نه ايندڙ اجايو خوف ۽ سياسي رقابتون ۽ ناراضگيون ورهين کان رڪاوٽ بڻيل آهن ۽ اهي سياسي اختلاف سنڌ جي سياسي ۽ قومي مفادن جي رستي ۾ هماليا جبل کان به مٿانهيون رڪاوٽون بنجي بيٺل آهن. ڪابه ڌر اڳتي وڌي انهن رڪاوٽن کي عبور ڪرڻ واري همت ۽ حوصلو ڏيکاري يا هڪٻئي سان ڳالهيون ۽ چونڊ نقطن تي ئي وسيع اتحاد قائم ڪري قوم کي ڪنهن گڏيل ڪاميابي واري خوشخبري ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن ته جيئن، سنڌ واڳوئن جي وات ۾ وڃڻ کان بچي نڪري سگهي ۽ قوم پڻ پنهنجي ملڪ ۽ دنيا جي ڪاميابين، زرعي، صنعتي ۽ جديد علمن ۾ ترقي ۽ بخت حاصل ڪري سگهي.