بالي ووڊ اداڪارا تنوشري دتا دعوا ڪئي آهي تھ سياسي توڙي بالي ووڊ جي هڪ مافيا مون کي هراسان ڪري رهي آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ ممبئي تي راڄ ڪندڙ مافيا توڙي بالي ووڊ وارا گڏجي مون کي هراسان ڪري رهيا آهن. هن چيو تھ 2018ع ۾ مي ٽو مهم هلائڻ جي بدلي مون کي خوفزدا ڪرڻ جي بھ مهم هلائي وئي ايستائين جو منهنجي پويان نوڪرياڻي لڳائي وئي آهي، ان ذهر بھ ڏنو، مان مرندي مرندي بچي آهيان. هن اهو پڻ انڪشاف ڪيو تھ مان پاڻ پنهنجي زندگي ختم نھ ڪنديس، پر مون کي قتل ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close