ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برساتن سبب متاثر ٿيندڙ سنڌ جي زرعي معيشت

Eiditorial

برساتون وسڻ کان اڳ ۾ سنڌ جا آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، هاڻ جڏهن برساتن جو سلسلو شروع ٿيو آهي ته جتي به آبادگارن جا فصل تيار هئا، اهي برسات جي پاڻي سبب سخت متاثر ٿي رهيا آهن. هن وقت نه رڳو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آبادگار سانوڻيءَ جي برساتن سبب ٿيندڙ نقصان جي ڪري پريشان لڳا پيا آهن پر سنڌ جي زرعي معيشت جي حالت به ڳڻتي جوڳي نظر اچي رهي آهي، جنهن جي ڪري ايندڙ وقت به سنڌ جي آبادگارن جون معاشي حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي. سنڌ جو آبادگار هونئن به ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي. ڪڏهن ان کي پاڻي ناهي ملندو ته ڪڏهن وري نقلي دوائن سبب نقصان پرائيندو آهي. پر هاڻوڪي صورتحال کيس ويتر پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي ايوان زراعت به پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي.

ايوان زراعت سنڌ چيو آهي ته سنڌ ۾ سانوڻيءَ جي برساتن جي ڪري زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، ڦُٽي جو فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو، ڪيلي جا باغ ۽ ڀاڄيون به ختم ٿي ويون، جنهن جي ڪري سنڌ جي آبادگارن کي اربين روپين جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڦٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي جي ڪري آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ڦٽي جو اگهه گهٽ ٿي 35 سئو کان 3 هزار روپين تائين وڃي پهتو آهي، موسميات کاتي پاران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي. ايوان زراعت سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سانوڻيءَ جي تيز برساتن جي ڪري فصلن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، جنهن ۾ ڦُٽي، مرچ ۽ ٻيون ڀاڄيون سخت متاثر ٿيون آهن، جڏهن ته ڪيلي جا باغ پڻ سڙي ويا آهن، اتر سنڌ ۾ کجيءَ کي نقصان پهتو آهي، اتر سنڌ ۾ کجيءَ جي وڏي پيداوار ٿيندي آهي، جنهن تي هزارين ماڻهن جو گذر سفر هوندو آهي، پر کجيءَ به هاڻوڪين برساتن ۾ متاثر ٿي آهي، اهڙي ريت مختلف فصل 60 سيڪڙو ختم ٿي چڪا آهن، مٿان وري باقي بچيل فصلن جا اگهه به نه هئڻ جي برابر آهن، جنهن سان نه فقط زميندار مقروض ٿي چڪا آهن، پر هارين ۽ پورهيتن جي به حالت خراب ٿي وئي آهي. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ حڪومت فصلن جي اگهن کي آبادگارن جي حق ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، فصلن جي مناسب قيمت ملڻ گهرجي ۽ فصلن کي ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ حڪومت آبادگارن ۽ هارين کي رليف فراهم ڪري.
سنڌ ۾ گذريل وڏي وقت کان آبادگار مختلف فصلن جي اگهن جي حوالي سان حڪومت آڏو مطالبو رکندا رهيا آهن، جيئن اهي ڪمند ۽ ڦٽيءَ جي فصلن لاءِ مناسب اگهن جو مطالبو ڪندا رهيا آهن پر هيستائين نه رڳو حڪومت انهن جي مطالبن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر پنهنجي مرضيءَ جا اگهه مقرر ڪري اهو چوندي رهي آهي ته انهن کي سرڪاري اگهه قبول ڪرڻا پوندا. سنڌ حڪومت ۽ زراعت کاتي کي اها ڄاڻ هجڻ گهرجي ته سنڌ جي گهڻي آبادي زراعت تي ڀاڙيندي آهي ۽ جيڪڏهن ان جي زراعت بهتر ناهي ته ان جون معاشي حالتون به بهتر نه هونديون آهن. اڄ به اسان وٽ روايتي طريقن سان زراعت ڪئي وڃي ٿي، نه ڪا جديد مشينري آهي ۽ نه ئي وري فصل پوکڻ جا ڪي جديد طور طريقا آهن. ان ڪري جڏهن به ڪا قدرتي آفت اچي ٿي ته آبادگارن جا فصل گهڻا متاثر ٿين ٿا. پر اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها انهن سان سهڪار ڪري. انهن کي ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳيان اچي. اڃا برساتن جو سلسلو بيٺو ناهي، پر اهو سلسلو امڪاني طور آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو. ڇا سنڌ حڪومت آبادگارن جي فصلن کي بچائڻ لاءِ ڪا تياري ڪري ورتي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جو آبادگار هاڻوڪين برساتن کان پوءِ ڏکي وقت مان گذري رهيو آهي، جنهن جي مالي مدد ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ڪئين آبادگار اهڙا هوندا آهن، جيڪي قرض کڻي فصل پوکيندا آهن، جيڪڏهن انهن جا فصل برساتن سبب ٻڏي ٿا وڃن ته پوءِ اهي قرض ادا ڪرڻ جي حالت ۾ به نه رهندا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت ۽ زراعت کاتو آبادگارن جي مطالبن کي ٻڌي، انهن سان ڳالهيون ڪري ڪو اهڙو حل ڳوليو وڃي جنهن سان آبادگارن جي معاشي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سنڌ جي زرعي معيشت کي اڃا به گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو. سنڌ جي آبادگارن کي گهربل سهولتن کان وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button