ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وفاقي سرڪار جو مدو رڳو ساڍا ٽي مھينا

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

ھاڻوڪي وفاقي سرڪار کي اٽڪل ساڍا ٽي مھينا ئي مس گذريا آھن ته ان جي خاتمي لاءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازي شروع کان مھم ھلائي رھيو آھي ته وقت کان اڳ اليڪشن ڪرايو يعني وفاقي سرڪار پنھنجو مختصر مدو ڪنھن صورت ۾ پورو نه ڪري. اھا ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته عمران خان سرڪار ته پوڻا چار ورھيه اڳوڻِي وزيراعظم طور سرڪار ھلائي رھيو ھو، جيتوڻيڪ ھو پاڻ “سليڪٽيد” ھو. سرڪار جو مدو قانون موجب پنج ورھيه ھوندو آھي پر عام طور انھيءَ عرصي دوران آخر ۾ اليڪشن به ٿيندي رھندي آھي. بھرحال، ھاڻوڪي سرڪار جو ڪل مدو ھڪ سال کان بہ گھٽ بچيو آھي پر پوءِ به وفاقي سرڪار جي ترت خاتمي لاءِ عمران خان نيازي گهڻو ڪري ھر ڏھاڙي خطرناڪ اختلافي بيان جاري ڪري ڪات ڪھاڙا کڻي مخالفت ڪندو رھندو آھي.
سندس انھيءَ نامناسب رويي ڪارڻ، اسان کي به سندس باري ۾ ڪجھه سچايون دھرائڻيون پونديون. اھو ڏسڻو پوندو ته سندس پوڻن چئن ورھين واري وفاقي سرڪار توڙي چئن مان ٽن صوبن ۾ سندس سرڪار عوام جي ڀلائي لاءِ جدوجھد ڪئي ھئي يا خطرناڪ پاليسيون اختيار ڪري ھن ماڻھن جون کلون لاھي ڇڏيون ھيون. انھيءَ سلسلي ۾ سچائيءَ کان ڪم وٺڻو پوندو.
عمران خان سرڪار، ملڪ ۾ لاڳيتي ۽ تاريخي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي ھئي ۽ سچائي اھا به آھي ته ھاڻوڪي وڌندڙ مھانگائيءَ جو اصل ذميدار به سڌي يا اڻ سڌي ريت عمران خان نيازي ئي آھي. سندس حامي دعوى ڪن ٿا ته عمران خان نيازي ھاڻي وزيراعظم ڪونھي سو مھانگائيءَ جو ذميدار بلڪل ناھي پر انھن کي شايد ياد ڪونھي ته عمران جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ وڊيو جاري ڪيل ھئي ته مون حڪومت ۾ اچي انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) کان قرض ورتو ته آپگھات ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيندس. اھا سچائي آھي ته ھن اقتدار ۾ اچي آءِ ايم ايف کان ڳاٽي ٽوڙ شرطن تي وڏو قرض ورتو ته کيس ڪنھن پنھنجو پراڻو آپگهات جو وعدو ياد ڏياريو ته ھن ترديد نه ڪئي، شايد انھيءَ ڪري جو سندس آپگهات جي وڊيو فيس بوڪ تي وائرل ٿيل آھي جيڪا مون وٽ به آھي. بھرحال، عمران رڳو اھو بيان ڏنو ته مون “يو ٽرن” اختيار ڪيوآھي. اھا کل جھڙي ڳالھه آھي ته آءِ ايم ايف سان به مھانگائي جاري رکڻ وارو ٺاهه مڃڻ کان لنوائي ٿو. ٻي اھم ڳالهھ اھا آھي ته ڪابه سرڪار آءِ ايم ايف سان ٺاهه ترت ختم ڪانه ٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان سرڪار وٽ ٺاهه ختم ڪرڻ لاءِ مکيه مڪمل رقم ڪونھي، مون ڪٿي پڙھيو ھو ته اربين نه پر کوڙ کربين رپيا ڏيڻا پوندا، جڏھن ته ايڏي وڏي رقم پاڪستان سرڪار وٽ موجود ئي ڪانھي. اسان وٽ عام ماڻھو به سادا آھن. عمران سرڪار ختم ٿي ھئي ته ڪنھن 5 يا 6 ڏينھن کانپوءِ پوسٽ رکي هئي ته مھانگائي ختم ڇو ڪانه ٿي آھي؟ جڏھن ته ائين ممڪن ڪونه ھو.
اھا پنھنجي جاءِ تي سچائي آھي ته عمران ھن ملڪ لاءِ جيڪي پاليسيون حڪومت دوران ۽ پوءِ اختيار ڪيون آھن، تن مان اھو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته ھو غلط پاليسين ۽ ڪوڙن بيانن ذريعي شايد ملڪ کي مڪمل تباهه ڪرڻ چاھي ٿو. افسوس!! سندس حامين کان اھو اھم سوال پڇندا آھيون ته جيڪڏھن عمران خان نيازي ٻيھر اقتدار ۾ آيو ته ڇا ملڪ مان مھانگائي ختم ڪري، گھڻي سستائي آڻي ڇڏيندو؟ ھو انھن سوالن جا جواب ته ڪونه ڏيندا آھن پر سوال کي ٽارڻ لاءِ نوان نوان ناٽڪ رچائيندا رھندا آھن. عمران خان ۽ سندس حامي، مھانگائي آڻڻ جي مڃتا ڪونه ڪندا آھن پر اھو ناٽڪ رچائيندا آھن ته مھانگائي ته رڳو ساڍن ٽن مھينن واري نئين سرڪار آندي ھئي. بھرحال، اھڙي ريت عمران خان نيازي توڙي سندس حامي، سکڻن بيانن تي اڳ وانگيان گذر سفر ڪندا رھندا آھن پر اھو به ياد رکو ته ھو اڳتي ھلي ٻيھر اقتدار ۾ آيو ته ڳاٽي ٽوڙ نئين مھانگائي لاڳيتو آڻيندو رھندو. اھا اھم ڳالهھ نوٽ ڪرڻ گهرجي. پر ڳالھه اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي.
عمران خان نيازي پاڻ ۽ سندس حامي جيڪا ٻولي ڪم آڻيندا ھئا سا سخت اعتراض جوڳي ھوندي ھئي ۽ آھي. نه رڳو ايترو پر سندس پارٽيءَ جا ڪراچيءَ جا ميمبر به کليو کلايو گندي ٻولي عام طور ڪم آڻيندا رھندا ھئا. جيڪڏھن عمران خان نيازي ٻيھر اقتدار ۾ آيو ته سندس پارٽيءَ وارا نه رڳو وڌيڪ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻيندا پر گارين واري عام ٻولي به ٻيھر ڪتب آڻيندا رھندا، ڀلي ڪيترا ماڻھو اعتراض ڇو نه ڪن.
ٻئي طرف، وفاقي سرڪار جي حڪومتي اتحادي پارٽين ٻيھر فيصلو دھرايو آھي ته ھاڻوڪي سرڪار پنھنجو مدو پورو ڪندي. اھو فيصلو وزير اعظم شھباز شريف جي صدارت ۾ لاھور ۾ اتحادين پارٽين جي گڏجاڻيءَ ۾ ٿيو ته اسيمبليءَ جو مدو پورو ڪيو ويندو. ياد رهي ته پنجاب جي 20 سيٽن تي 17 جولاءِ تي ٿيل ننڊين چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 15 ۽ مسلم ليگ (ن) 4 سيٽون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته هڪ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو هو (نوٽ: اھي ڪل 20 سيٽون اصل ۾ عمران خان جي پارٽيءَ جون ھيون جيڪي رد ڪيون ويون ھيون مطلب ته پي ٽي آءِ پنھنجن 20 مان 15 سيٽون کٽيون آھن). وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جو اجلاس لاھور ۾ ٿيو جنهن ۾ شڪست جا سبب معلوم ڪرڻ ۽ مستقبل جي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموريون اتحادي پارٽيون گڏجي پنجاب ۾ به وڏي وزير (مسلم ليگ ن) کي بچائڻ جون ڪوششون ڪنديون.
اھو به ڄاڻايو ويو ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ بھتر آپشن ناھي. وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چواڻي گڏجاڻيءَ ۾ ڄاڻايو ويو ته پنجاب ۾ ننڍي چونڊ جي بنياد تي وفاقي سرڪار يا ملڪ جي سياست جي حوالي سان ڪو فرق نٿو پوي.
ٻئي طرف ميڊيا خبر ڏني آھي ته عمران خان نيازيءَ خلاف آرٽيڪل 6 ھيٺ سنگين غداريءَ جو مقدمو ھلائڻ لاءِ ٺھراءُ، خير پختونخواهه اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آھي، جيڪو مسلم ليگ (ن) جي صوبائي اسيمبلي ميمبر اختيار وليءَ جمع ڪرايو آھي.
ھئڻ ته ائين گهرجي ھا عمران خان پاڻ پوڻا چار سال حڪومت ڪئي ھئي ته مخالف پارٽين کي به، رڳو ھڪ سال حڪومت ڪرڻ ۾ کيس باهه نه لڳڻ گهرجي ھا پر بردباريءَ کان ڪم وٺي، مخالفن کي ھڪ ورھيه سرڪار ھلائڻ جي، سڌي يا اڻ سڌي ريت حمايت ڪري ھا ۽ پوءِ جيڪڏھن انھن کان ڪي غلطيون ٿين ھا ته ايمانداريءَ سان کليو کلايو اعتراض ڪري ھا پر ھينئر ئي سکڻا ناٽڪ رچائڻ سان کيس اڳتي ھلي فائدو ڪونه رسندو، الٽو نقصان پھچندو، رڳو پاڻ ۽ پنھنجي پارٽيءَ وارن کي خوش ڪرڻ لاءِ الٽو ناٽڪ رچائيندو رھي ٿو، اھا سندس اعتراض جوڳي ڪارروائي آھي. منھنجو ملڪ جي عظيم مفاد خاطر عرض آھي ته عمران خان نيازيءَ جون پاليسيون اڳ توڙي ھاڻي، سنڌ سميت سڄي ملڪ لاءِ زوردار عوام دشمن آھن. ملڪ جي عظيم مفاد خاطر، سندس زوردار مخالفت ڪريو، ڪنھن به ٻي سياسي پارٽيءَ جي پٺڀرائي ڪريو سا اوھان جي مرضي آھي. ھونئن به جيڪڏھن عمران خان نيازي ملڪ اندر اقتدار ۾ ٻيھر آيو ته پنھنجن پراڻن اعلانن موجب پهرين سنڌ ٽوڙيندو ۽ ٿي سگهي تو اڳتي ھلي سڄي ملڪ کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button