ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جيئن دير، تيئن خير؟

Editorial-Article- Ajaz Mangi

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون آهن. هاڻي اها اليڪشن 24 جولاءِ بدران 28 آگسٽ تي ٿيندي. ان کي فارسيءَ ۾ چئبو آهي ”دير آيد، درست آيد“ جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ان جو سادو ترجمو آهي ”جيئن دير، تيئن خير“ ۽ نه صرف انهن ٻن ٻولين ۾ پر انگريزيءَ ۾ به اهو لکيو، پڙهيو ۽ چيو ويندو آهي ته ”Later the Better“!
ڇا انهن پهاڪن مان اها پروڙ ملي ٿي ته انسان بنيادي طور تي يعني پنهنجي فطرت ۾ سست آهي؟ ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو. پر اهو پورو سچ ناهي. اهو اڌورو سچ آهي. مڪمل سچ اهو آهي ته معاملن کي آهستي ۽ سوچي سمجهي اڪلائڻ گهرجي!
هن مهل اهم سوال اهو آهي ته آخر اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊ جو ٻيون مرحلو ملتوي ڇو ڪيو؟ ظاهري طور تي ته ان جو سبب اهو بيان ڪيو ويو آهي ته پري مون سون ۽ هاڻي وقتي مون سون جي برساتن سبب چونڊن جي حوالي سان موسم مناسب ناهي. پر ڇا اصل ۽ حقيقي سبب اهو آهي؟ ظاهر آهي ته هر عاقل ۽ سمجهه رکڻ واري ماڻهوءَ کي معلوم آهي ته اصل سبب اهو ناهي. مڪاني چونڊ ملتوي ٿيڻ جو اصل ڪارڻ اوچتو اڀري آيل سنڌي پٺاڻ تضاد آهي. اهو تضاد اڳ ۾ به هو. پر جنهن تيزيءَ ۽ جنهن شدت سان اهو بلال ڪاڪا جي قتل کان پوءِ پيدا ٿيو آهي، اڳ ان جي اهڙي شڪل صورت ڪڏهن به ڪو نه هئي.
بلال ڪاڪا جي قتل جو ڪارڻ سياسي نه هو. اهو ڪنهن به طور تي سياسي ڪو نه هو. اهو جهيڙو يا اهو حملو مڪمل طور تي ذاتي هو. پر ان جنهن تيزيءَ سان لساني ۽ بعد ۾ قومي رنگ اختيار ڪري ورتو، ان مان پتو پيو ته هتي ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اسان جو سماج تضادن جي ان بارودي ڍير تي بيٺل آهي، جنهن ۾ ڪنهن به وقت ڪو به تضاد ڀڙڪي باهه جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
بلال ڪاڪا جو قتل حيدرآباد ۾ ٿيو. ان جي باهه وڌيڪ ڪراچيءَ ۾ نظر آئي. جڏهن ته ان جو اثر مجموعي طور تي پوري سنڌ مٿان پيو پر پوءِ به هن مهل تائين ان تضاد جو نشانو سنڌ جا ٻه مک ۽ وڏا شهر بڻيل آهن. جڏهن ته هن مهل مڪاني چونڊ جو ٻيون مرحلو انهن شهرن ۾ شروع ٿيڻ وارو هو. حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽيءَ پنهنجي فتح کي يقيني بڻائڻ لاءِ آصفه ڀٽو زرداريءَ کي به اها تڪليف ڏني جو هن پنهنجي گاڏيءَ مان لهي فروٽ خريد ڪري عوام ۾ پنهنجي پارٽيءَ کي مقبول بڻائڻ جو جتن ڪيو. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي معلوم هجي ها ته مڪاني چونڊ ملتوي ٿيندي ته شايد اها آصفه کي تڪليف نه ڏئي ها.
مڪاني چونڊ جو ٻيون مرحلو هڪ مهيني لاءِ ملتوي ٿيو. اهو ٺيڪ ٿيو. ڇو ته سنڌ جو سماج هن مهل جنهن تضاد واري تلخ ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، ان ۾ ان قسم جي سرگرمي ٻرندڙ باهه مٿان تيل جو ڪم ڪري ٿي سگهي. ڇو ته اسان جي سياست ڪافي وقت کان وٺي ايتري ته منفي بڻجي چڪي آهي جو اها بهتر پاسن کي پنهنجي پک ۾ آڻڻ بدران برن پاسن کي پنهنجي ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ان جو آسان ۽ سادو مطلب اهو آهي ته اسان جي سياست مثبت معاملن کي ميڙڻ ۽ سهيڙڻ بدران منفي معاملن کي پنهنجي آغوش ۾ سمائڻ جي سلسلي ۾ سرگرم رهي ٿي. ان جي معنيٰ اها ٿي ته اسان جي سياست مثبت گهٽ ۽ منفي وڌيڪ بڻجي رهي آهي. ان جو معاشري تي اثر منفي ٿو پوي. سماج مٿان منفي سياست جو اثر به منفي آهي. ان حوالي سان اهي امڪان گهڻا هئا ته سنڌ جي ٻن مک شهرن ۾ ان مڪاني چونڊن جي ٻين مرحلي ۾ پٺاڻ سنڌي تضاد جو ڪارڊ ڀرپور طرح سان استعمال ٿئي ها ۽ رٿيل چونڊ ۾ رتوڇاڻ جي امڪان کي ڪنهن به طور تي رد ڪرڻ محال هو. ان حوالي سان جيڪو ٿيو. بهتر ٿيو. پر سوال اهو آهي ته آخر اسان ڪيستائين مسئلن کي سلجهائڻ بدران معاملن کي ملتوي ڪرڻ جو رستو اختيار ڪنداسين؟ آخر اسان پنهنجي معاشري کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ واري روش ڪڏهن ترڪ ڪنداسين؟ اسان ڪڏهن اهڙا قدم کڻنداسين، جن سان سماج جي منفي تضادن کي ختم ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي سگهي؟ اسان ڪڏهن اٺ پکيءَ وانگر معاملا ملتوي ڪرڻ واري روش جي واريءَ ۾ پنهنجي منڍي ڇپائي اهو سمجهنداسين ته ٻاهر ڪو به طوفان ڪو نه آهي. اسان کي هن دور ۾ هلندڙ سماجي تضادن جي طوفان جو نه صرف ادراڪ پر ان جي مڪمل طور تي پرک ۽ پروڙ هجڻ گهرجي.
پاڪستان ۾ بهتر سياست جي راهه روڪڻ ۾ اهم ڪردار ان آمريت جو رهيو آهي، جيڪا ايوب کان ضياءَ ۽ ضياءَ کان مشرف تائين ڪڏهن ڪهڙو ته ڪڏهن ڪهڙو روپ اختيار ڪندي رهي آهي. ايوب جي دور ۾ ان آمريت فاطمه جناح کي قتل ڪيو. ضياءَ جي دور ۾ ان آمريت ذوالفقار ڀٽي کي ڦاهيءَ چاڙهيو. پرويز مشرف جي دور ۾ ان آمريت بينظير ڀٽو کي سرعام خون ڪيو. اها آمريت قاتل رهي آهي. ان آمريت جي ورديءَ واري دامن تي هن ملڪ جي معصوم عوام جي خون جا اهي داغ آهن، جن کي ڪنهن به طور تي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته ”داغ تو اچهي هوتي هين“ اهي داغ معصوم عوام جي رت جا داغ ڪڏهن به سٺا ٿي نه ٿا سگهن. اهي اهڙا داغ آهن، جن کي ڪو به واشنگ پائوڊر ڌوئي نه ٿو سگهي. قتل بنگال کان وٺي ايم آر ڊي تائين جيڪو به خون وهيو آهي، ان جا داغ ڪا به برسات ميساري نه سگهي آهي. اهو ئي سبب هو ته ڍاڪا کان واپس ورندي فيض احمد فيض لکيو هو:
”هم ڪي ٺهري اجنبي، اتني مداراتون ڪي بعد
ڪب بنين گي آشنا، ڪتني ملاقاتون ڪي بعد
ڪب نظر مين آئي گي، بي داغ سبزي ڪي بهار
خون کي دهبي دهلين گي، ڪتني برساتون ڪي بعد؟“
تاريخ جي چچريل چپن مٿان اڄ به ان سوال جو زخم تازو آهي.
پاڪستان جي مخصوص سياسي مزاج سبب هت ڪنهن به مقتول معاملي جو پوسٽ مارٽم ڪري، ان جي قتل جي حقيقت سمجهي، ان کي سلجهائڻ ۽ انصاف کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. اسان سدائين معاملا لڪائڻ بلڪه مٽيءَ ۾ مدفون ڪرڻ ۾ يقين رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن مهل اسان انهن حالتن مان گذري رهيا آهيون، جن حالتن جي منظرڪشي ڀوَ وارين فلمن يعني Horror Movies ۾ بي چين ۽ انتقام پسند آتمائن جي صورت ۾ پيش ڪئي ويندي آهي. پاڪستان جي سياست ۾ اهي بيچين آتمائون آخر ڪڏهن شانت ٿينديون؟
اسان پنڊت ۽ پروهت يا تانترڪ ناهيون. اسان کي صرف اهو معلوم آهي ته جيستائين ڪن هن به معاملي جو ٺيڪ طرح سان ڪريا ڪرم نه ڪيو ويندو، اهو بار بار اٿي پريشان ڪندو رهندو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معاملن کي ملتوي ڪرڻ بدران انهن جي سلجهاءَ جي واٽ ورتي وڃي. اهڙا قانوني قدم کنيا وڃن، جن سان معاشري کي انصاف ملي سگهي. اسان کي اهو به يقين ڪرڻ گهرجي ته صرف انصاف سان ئي امن حاصل ٿي سگهندو آهي.
سنڌي پٺاڻ تضاد هجي يا اردو سنڌي تضاد يا ننڍن صوبن ۽ وڏي صوبي جي وچ وارو تضاد هجي يا جمهوري ۽ غير جمهوري تضاد هجي! جيڪي به تضاد آهن، انهن کي لڪائڻ بدران انهن کي ظاهر ڪري انهن جا جمهوري ۽ شعوري حل تلاش ٿيڻ کپن. صرف ان صورت ۾ هي سماج آزاديءَ سان ساهه کڻڻ جو حق حاصل ڪري سگهي ٿو. هن وقت ته هن معاشري جو دم گهٽيل آهي. هن وقت هوا ۾ آڪسيجن جو مقدار مسلسل گهٽجي رهيو آهي. معاشرو هڪ اهڙي تابوت جي صورت اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ جنازا نه پر جيئرا ماڻهو زوريءَ زبردستيءَ پوريا ويا آهن.
سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ جو ٻيون مرحلو ملتوي ٿيڻ جي آجيان ڪجي ٿي پر اها آجيان، اها آڌرڀاءَ مشروط آهي. اها آجيان صرف ان ڪري ٿي ڪجي ته هن وقت حالتون تمام گهڻيون تلخ آهن. هونءَ به اسان جي چونڊ اهڙي چڻنگ جهڙي هوندي آهي، جنهن کي باهه ڀڙڪائڻ جا بهانا گهرجن. سنڌ جي مک ۽ گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ڪافي هنڌن تي مڪاني چونڊ ۾ بيٺل اميدوار مختلف قومن سان تعلق رکن ٿا ۽ انهن جو مقابلو ٻرندڙ باهه جا شعلا شديد ڪري ٿي سگهيو. ڇو ته گذريل ڏينهن همدرديءَ جو ووٽ وٺڻ لاءِ هو اردو ڳالهائيندڙ اميدوار پنهنجي نڪ ۽ وات مان رت ڳاڙيندو سوشل ميڊيا تي لائيو Live ٿيندو، نظر آيو ۽ هو اردوءَ پٺاڻن جي خلاف دانهون ڪري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته اليڪشني ورڪ جي دوران هن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. اردو اسپيڪنگ ان شخص جي وڊيو سوشل ميڊيا جي سنڌي سيڪشن ۾ وائرل ٿيڻي هئي، سو ٿي. ان مان اهو خطرو پيدا ٿيڻ لازمي هو ته ڪنهن به وقت سنڌي پٺاڻ تضاد ۾ اردو ڳالهائڻ واري آبادي به شامل ٿي سگهي ٿي. اسان کي ان سلسلي ۾ اهو نه وسارڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ جا سبب ڀلي ڪهڙا به هجن پر ان جو اوچتو پروان چڙهڻ جو ڪارڻ ان بشريٰ زيدي نالي نينگريءَ جو لاش هو، جيڪا هڪ پٺاڻ ڊرائيور جي مني بس جي ڦيٿن هيٺان چيڀاٽجي مئي هئي ۽ سنڌي مهاجر فسادن کان اڳ ۾ ايم ڪيو ايم جي قافلي مٿان جيڪا مبينا فائرنگ ٿي هئي، ان جو ماڳ سهراب ڳوٺ بيان ڪيو ٿو وڃي. اهو سهراب ڳوٺ جتي تازو سنڌي پٺاڻ تضاد جو تلخ تماشو نظر آيو. اسان تاريخ جي ان دور ۾ جيئڻ جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون، جيڪو قاتل به آهي ۽ رهزن به آهي. ان کي پنهنجي بک مٽائڻ لاءِ انسانن جو ماس ۽ پنهنجي اڃ اجهائڻ لاءِ انسانن جو خون گهرجي.
هن مهل سنڌ ۾ جيڪو خطرو پيدا ٿيو آهي، ان کان بچڻ لاءِ مڪاني ادارن جي چونڊ ملتوي ڪرڻ گهٽ کان گهٽ قيمت آهي. پر سوال اهو آهي ته اسان آخر التوا بدران اڪلاءُ بلڪه سلجهاءُ ڇو نه ٿا سوچيون؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button