شوبز

عائزا خان جي خاندان تي عروبا نالي عورت جا سنگين الزام

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عائزا خان ۽ سندس خاندان تي عروبا طارق نالي هڪ عورت فراڊي ۽ ڪوڙو سڏيندي سنگين الزام هنيا آهن. ميڊيا مطابق عروبا طارق پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ پاڻ کي عائزا خان جي ادا احد جي اڳوڻي مڱيندي سڏائي الزام هنيا آهن. عروبا طارق جو چوڻ هو تھ عائزا خان جي ادا احد مون کي شادي جي آڇ ڪئي، مڱڻي بھ ٿي هئي، پر بدقسمتي سان شادي نھ ٿي سگهي، ڇوتھ احد، عائزا خان ۽ سندن سڄو خاندان فراڊي توڙي ڪوڙو آهي. هن چيو تھ عائزا جو ادا اڻپڙهيل آهي، خاندان وارن وڏو پڙهيل ۽ وڏي نوڪري بھ ڄاڻائي، پر احد ڀيڻ عائزا خان جو محتاج آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button