
پاڪستاني اداڪارا آمنا الياس ڊانس انداز اختيار ڪرڻ تان تنقيد جو شڪار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق آمنا الياس جي نئين تصوير ڏسي مداحن نامناسب لفظن سان چٿر ڪئي آهي. جڏهن تھ مداحن جي ڪجهه تعداد آمنا الياس کي آنٽي بھ چئي ڏنو ۽ ڪجهه مداحن کيس ساراهيو آهي. هوڏانهن آمنا الياس تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ مون خاص گيت تي شاندار ڊانس ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.