ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ جي شرح

Editorial

ملڪ ۾ هڪ پاسي سياسي ڏڦيڙ آهي ته ٻئي پاسي معيشت جي چيلهه ڀڳل آهن. انهن ٻنهي مسئلن جي ڪري عوام جي حالت بنهه گهڻي خراب ٿي رهي آهي. عوام کي هر حڪومت مان اهو آسرو هوندو آهي ته اها عوام جي مسئلن کي حل ڪندي ۽ ان کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪي اهڙا اپاءَ وٺندي جيڪي ساراهه جوڳا هوندا. پر جڏهن به ڪا حڪومت ايندي آهي ته اها نه رڳو عوام جي ڦٽڻ تي لوڻ ٻرڪيندي آهي پر ان جي مسئلن ۾ به واڌ ڪندي آهي. جڏهن وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي ته اها عوام جي مسئلن کي حل نه ڪري سگهي هئي. ان به مهانگائيءَ کي ڪنٽرول نه ڪيو ۽ نه ئي بيروزگاريءَ کي گهٽائي سگهي. پرڏيهي قرضن جي واڌ جيئن جو تيئن برقرار رهي. ايستائين جو پي ٽي آءِ انهن قرضن ۾ تمام گهڻي واڌ ڪئي، جنهن جي ڪري هن وقت ملڪي معيشت جي جيڪا حالت آهي، ان جي تباهي ۾ پي ٽي آءِ جو گهڻو حصو پتي آهي. اهڙي ريت هاڻوڪي آيل پي ڊي ايم جي حڪومت به عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. نه ڊالر ڪنٽرول ۾ آهي ۽ نه ئي مهانگائي گهٽجي رهي آهي پر هاڻوڪي حڪومت جي هوندي ته مهانگائي بنهه گهڻي وڌي وئي آهي. عوام لاءِ هر قسم جي پريشاني پڻ وڌي وئي آهي. ڪالهه جيڪا رپورٽ ملڪي مهانگائيءَ جي حوالي سان سامهون آئي آهي، ان موجب پاڪستان عوام لاءِ مهانگو ترين ملڪ بڻجي ويو آهي.
ايشيائي ترقياتي بينڪ آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب گذريل 6 مهينن ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي 12 مان وڌي 21 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جنوري کان جون تائين جا معاشي انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته مهانگائي ۽ عالمي معاشي حالتون ايشيا کي متاثر ڪري سگهن ٿيون. رپورٽ موجب گذريل 6 مهينن ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي 12 مان وڌي 21 سيڪڙو تي پهتي، سريلنڪا ۾ مهانگائي 14 مان وڌي 45 سيڪڙو ۽ ڀارت ۾ 5 ڏهائي 7 سيڪڙو مان وڌي 7 سيڪڙو ٿي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بنگلاديش ۾ مهانگائي 6 ڏهائي هڪ سيڪڙو مان وڌي 7 ڏهائي 4 سيڪڙو، چين ۾ ڏيڍ سيڪڙو مان وڌي اڍائي سيڪڙو، جڏهن ته ٿائيلينڊ ۾ 2 ڏهائي 2 سيڪڙو مان وڌي 7.7 سيڪڙو ٿي وئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان گذريل 6 مهينن دوران منافعي جي شرح سوا 5 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته سريلنڪا ۾ 9 ڏهائي 5 سيڪڙو، ڀارت ۾ ٻڙي ڏهائي 9 ۽ بنگلاديش ۾ ٻڙي ڏهائي 7 سيڪڙو وڌي.
مٿئين رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ڪيتري تيزيءَ سان پنهنجو سفر جاري رکندي پئي اچي. حڪمران اهو ته چوندا رهندا آهن ته اهي مهانگائيءَ کي ترت ڪنٽرول ڪري وٺندا ۽ ان کان سواءِ اهي عوام کي رليف ڏيڻ وسان ڪين گهٽائيندا پر اهي فقط ڳالهيون آهن. پي ڊي ايم جي حڪومت کي عمران خان جي حڪومتي دور ۾ مهانگائي نظر ايندي هئي، اها هر شهر ۾ مهانگائي خلاف احتجاج پئي ڪندي هئي، لانگ مارچ پئي ڪندي هئي پر هاڻ اها ئي پي ڊي ايم جڏهن کان حڪومت ۾ آئي آهي ته مهانگائيءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي. پي ڊي ايم پنهنجي حڪومت ۾ ڪيل مهانگائيءَ جو دفاع پڻ ڪري رهي آهي. ان کان انڪار ناهي ته مهانگائي هن وقت سڄي دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي پر ڇا دنيا جو هر ملڪ مهانگائيءَ جي ڪري پاڪستان جيترو متاثر ٿيو آهي. انهن ملڪن ۾ عوام جي حالت ايتري خراب آهي، جيتري پاڪستان جي عوام جي آهي. ملڪ ۾ مهانگائيءَ کي ڪنٽرول لاءِ ڪو اهڙو لائحه عمل جوڙڻ لازمي ٿي پيو آهي، جنهن سان ان جي شرح اڃا نه وڌي پر گهٽجي سگهي. پر لڳي ائين ٿو ته هيءَ حڪومت ان معاملي ۾ ايتري سنجيده ڪانهي، تنهنڪري اها مهانگائيءَ جو طوفان آڻي ان وسيلي عوام کي نشانو بڻائي رهي آهي. پر حڪومت کي ايترو ضرور سوچڻ گهرجي ته مهانگائيءَ جو بار وڌائڻ سان ملڪ جي عوام جي حالت ويتر خراب ٿي ويندي ۽ ان لاءِ جيئڻ جا گس به سوڙها ٿيندا رهندا. تنهنڪري ان پاسي گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته ملڪي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڇا ڪجي. ڪهڙي ري غيرپيداواري ۽ اجاين خرچن کي گهٽايو وڃي ته جيئن ملڪي خزاني تي پوندڙ بار کي به گهٽائي سگهجي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ 21 سيڪڙو مهانگائيءَ جي شرح بنهه گهڻي آهي. تنهنڪري ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بهتر معاشي پاليسيون اختيار ڪرڻيون پونديون. عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کان سواءِ حڪومت کي پنهنجو شاهه خرچيون به بند ڪرڻيون پونديون ته جيئن ان جو فائدو عوام کي ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button