علائقي جا عام ماڻهو جيڪي سڌي ريت ان بغاوت جو حصو ۽ ان ۾ شامل نه هئا. هر ملڪ جيان انهن مان گھڻن جون باغين سان همدرديون هيون ۽ گھڻا اڻ ڌريا هئا. انهن مان گھڻن ڳوٺن کي نڪسل باغين پاران پناهه گاهه ۽ کاڌ خوراڪ جي فراهميءَ لا استعمال ڪيو ويندو هو. ان ۾ اتان جي ماڻهن جي رضامنديءَ جو شامل هئڻ ضروري نه هو.
سلوا جدوم ۾ مقامي ماڻهن کي زوري شامل ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد انهن پاران نڪسل جي نشاندهي ڪرڻ هو. بجاءِ باغين کي ختم ڪرڻ جي ان تحريڪ ڪنهن متڀيد کانسواءِ ڳوٺاڻن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي. سندن نالو ئي ڳوٺاڻن لا هڪ دهشت ۽ ڊپ جي علامت هو. ڳوٺن کي باهيون ڏيڻ، عورتن سان زنا ڪرڻ ۽ مال ملڪيت جي ڦرمار سندن طريقيڪار هو. ڳوٺاڻن کي جيئن ئي سندن اچڻ جي خبر ملندي هئي ته اهي پنهنجا گھر ٻار ڇڏي جهنگن ڏانهن ڀڄي ويندا هئا. حڪومت پاران مختلف ڪئمپ قائم ڪيا ويا هئا، جتي ماڻهن کي ڳوٺن مان لڏائي رهايو ويندو هو. جيڪي انهن ڪئمپن ۾ اچڻ کان انڪار ڪندا هئا، انهن لا اهو فرض ڪيو ويندو هو ته اهي مائوسٽن جا حامي آهن. انهن ڪئمپن قائم ڪرڻ جو هڪ مقصد اهو به هو ته ڳوٺن کي ڊاهي جھنگ کي صاف ڪيو وڃي ته جيئن ڪمپنين وغيره کي کاڻين ۽ هائيڊرو اليڪٽرڪ رٿائن تائين پهچڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿئي ۽ انهن کي ماڻهن جي ڪنهن مزاحمت کي منهن ڏيڻو نه پوي.
سلوا جدوم جي انهن ڪاررواين ۽ جھنگ صاف ڪري ڪئمپ وغيره قائم ڪرڻ ۽ اتي مختلف سهولتن جي فراهميءَ جي ڪري اهي ڄڻ شهرن جو ڏيک ڏيڻ لڳا هئا ۽ هڪ لحاظ کان اتي شهرن هئڻ جو عمل ٿيڻ لڳو هو.
گهڻا ڳوٺاڻا ان ظلم کان جهنگ ڏانهن ڀڄي ويا ۽ گھڻا پاسي واري رياست آندرا پرديش هليا ويا، جتي اهي اڳ به روزگار وغيره جي سلسلي ۾ ويندا رهندا هئا. آديواسين ۾ گھڻا پڙهيل ڳڙهيل بيروزگار نوجوان به هئا، جيڪي پنهنجو مفاد ان ڳالهه ۾ سمجھندا هئا ته علائقي ۾ مختلف رٿائن شروع ٿيڻ ۽ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ ۾ ان ريت سندن مفاد آهي ته کين روزگار ملندو ۽ اهي ذاتي طور خوشحالي ماڻيندا.
ان صورتحال ۾ ماڻهن کي عدالتن کان ڪنهن رليف ملڻ جي توقع گھٽ هوندي هئي. ماڻهو پاڻ ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل ڪارڪن ۽ وڪيل مختلف معاملن ۾ عدالتن سان رجوع ڪندا هئا. پهرين ڳالهه ته انهن جي شنوائي ٿيڻ ڏکي ڳالهه هوندي هئي ۽ جيڪڏهين عدالتن پاران سندن حق ۾ ڪو فيصلو ڏنو به ويندو هو ته ان تي عمل نه ٿيندو هو ۽ نه ئي عدالتون ان ڳالهه جي پوئواري ۽ پڪ ڪنديون هيون ته ان تي عمل ٿئي ٿو يا نه. ساڳي ريت رياستي ادارن جي ڏاڍ خلاف ماڻهن جي دانهن کي ملڪ جي مين اسٽريم پريس ۽ ٻئي ميڊيا به ڪا ڪوريج ۽ اهميت نه ٿي ڏئي. اهي سيڪيوريٽي ايجنسين ۽ حڪومت جي موقف کي وڌيڪ اهميت ڏيئي ان کي ماڻهن تائين پهچائيندا هئا. اهڙي ريت اتان جي ماڻهن جو هڪ منفي تاثر ڏنو ويندو هو ته اهي ملڪ جا دشمن ۽ ترقي جا مخالف آهن.
حڪومت پاران ماڻهن ۽ علائقي جي ڀلائي ۽ ترقيءَ لا جيڪي ڪجھه ڪيو ويو اهو انهن ڳالهين مان ظاهر آهي. هتان جي کاڻين مان ساليانو ٻه ڪروڙ ٽن لوهي معدنيات حاصل ڪئي وڃي ٿي. پر علائقي جا ماڻهو بکيا سمهن ٿا. هتان جا آديواسي ملڪ جي غريب ترين ماڻهن ۾ شمار ٿين ٿا. هتي 2011ع ۾ غريب ترين ماڻهن جو تناسب 45 ڏهائي 3 سيڪڙو هو جيڪو ملڪ جي سراسري غربت جي سظح جي 25 ڏهائي 4 سيڪڙو کان گھڻو وڌيڪ هو. هتي حڪومت جي نظر ۾ ترقيءَ جو مطلب ئي سيڪيوريٽيءَ تي خرچ ڪرڻ آهي. تعليم ۽ صحت جون اڻ پوريون سهولتون آهن. بجيٽ جو هڪ وڏو حصو ٿاڻن کي محفوظ ڪرڻ، پوليس ۽ ٻين فورسز کي هٿيار وٺي ڏيڻ وغيره تي خرچ ٿئي ٿو. گھڻو زور سڙڪن جي تعمير تي آهي. بجيٽ جو اٽڪل چاليهه سيڪڙو ان تي خرچ ٿئي ٿو. ان جو بنيادي مقصد جهنگ ۾ پري تائين هڪ ته سيڪيوريٽي فورسز کي باغين تائين رسائي ڏيڻ ۽ ٻيو معدني وسيلن جي کاڻين تائين رسائي حاصل ڪرڻ آهي. ڏٺو وڃي ته ان جو آديواسين کي ڪو فائدو ناهي. ڇاڪاڻ ته موٽر ڪار وغيره ته پري جي ڳالهه آهي، انهن جي هڪ سيڪڙو کان به گھٽ ماڻهن وٽ سائيڪلون آهن. اٺ سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ٿو ۽ ٽي سيڪڙو صحت تي جڏهن ته رڳو ٻڙي ڏهائي 81 سيڪڙو پيئڻ جي پاڻيءَ لا آهي.
جيتوڻيڪ بي جي پيءَ جو باغين خلاف مهم ۾ وڏو حصو آهي پر ٻين وڏين سياسي جماعتن جهڙوڪ ڪانگريس وغيره مان به باغين کي ڪا سهائتا نه ٿي ملي. اها سلوا جدوم ۽ ٻين مسئلن تي ورهايل هوندي هئي. ايستائين ته پارٽيءَ جا راهول گانڌي ۽ سونيا گانڌي جهڙا اڳواڻ ان بنياد تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين جي حمايت ڪن ٿا ته ان سان مائوسٽن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙي ريت اها ڄڻ انهن جي مخالفت ۾ ئي هوندي آهي. ساڳي ريت وزير اعظم من موهن سنگھه ۽ سندس گھرو وزير پڻ سلوا جدوم جي ڪارواين کي ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. انهن جماعتن جي لاتعلقي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته رياستي اسيمبليءَ ۾ 2005 کان 2015ع تائين ڪنهن رڪن انهن ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم تي ڪو آواز نه اٿاريو. اهي ميمبر ان وقت ڳالهائيندا هئا، جڏهن مائوسٽ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪندا هئا ۽ انهن حملن ۾ انهن جا ڪي ماڻهو مرندا هئا. نڪسل جا ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان جيتوڻيڪ اختلاف آهن ۽ اهي گهڻين ڳالهين ۾ هڪٻئي سان متفق ناهن هوندا پر ملڪ جي اهم جماعتن مان اها واحد جماعت آهي، جيڪا هتان جي ماڻهن سان گڏ هوندي آهي. سندس ان گھر جي ڪري ته ڀارت جي قانون ۾ شيدول 6 تحت ان علائقي جي زمين وغيره جي حوالي سان سڀ فيصلا هتان جي مقامي ماڻهن جي رضامنديءَ سان ڪيا وڃن. ان کي سلوا جدوم، سيڪيورٽي فورسز،ِ بي جي پي ۽ ڪانگريس پاران پنهنجي لا سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪري ليکيو ويندو آهي. ان جماعت جي اهم ڳالهه اها آهي ته ان جي اڳواڻن مان گھڻائيءَ جو واسطو مقامي آديواسين سان آهي جڏهن ته اها ڳالهه مائوسٽن لا به نه ٿي چئي سگھجي.
انساني حقن جا مختلف گروپ جيڪي علائقي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي پڻ سلوا جدوم. سيڪيورٽي فورسز ۽ حڪومت پاران باغين جي حامي مخالف قوت طور ڏٺو وڃي ٿو.
تجزيه نگار ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته انهن جماعتن جي ان رويي هڪ سياسي خال کي جنم ڏنو آهي جنهن جي ڪري صورتحال ويتر خراب ٿي آهي. اهي ان حوالي سان آندرا پرديش جو حوالو ڏين ٿا، جتي وڏين سياسي جماعتن جي شموليت جي ڪري مسئلي جي حل ۾ مدد ملي هئي.
ڪشمير جيان انهن علائقن ۾ به چونڊن وغيره ڪرائڻ ۽ پنهنجي اختيار کي صحيح ثابت ڪرڻ لا سيڪيورٽي جي فراهمي، فوج، هيلي ڪاپٽر ۽ ٻين هٿيارن وغيره تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن اهو پئسو علائقي جي ماڻهن جي ڀلائي تعليم، صحت، روزگار ۽ صاف پاڻي وغيره جي فراهمي تي خرچ ڪيو وڃي ته ماڻهن جي زندگيءَ ۾ بهتري اچڻ سان گڏوگڏ علائقي جي صورتحال ۾ به بهتري اچي سگھي ٿي.
رياست باغين سان ڳالهه ٻولهه ۽ کين رعايتن ڏيڻ کي پنهنجي شڪست سمجھندي آهي ۽ اها ساڳي صورتحال ڀارت سرڪار سان به آهي. بهرحال اهو ته طئي آهي ته ڳالهه ٻولهه کانسواءِ ان مسئلي جو ٻيو ڪو حل ڪونهي.
)پورو ٿيو)