ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

19هين صديءَ جو هندستاني ادب ۽ مرزا غالب-IV

Editorial-Article-Yameen Jatoi

هيءَ سمجهڻ بهرحال غلط ٿيندو ته اسان ڪنهن هندستاني اديب جي ترقي پسندي يا رجعت پسنديءَ کي طئي ڪرڻ لاءِ ان ڳالهه کي هڪ مطلق معيار طور استعمال ڪري سگهون ٿا ته برطانوي فاتحن ڏانهن هن جو رويو دشمناڻو هو يا دوستاڻو. ڪيترن ئي اهڙن وطن دوست هندستاني ليکڪن ۽ روشن خياليءَ جي علمبردارن جن جون دليون پنهنجي وطن جي خوشحاليءَ لاءِ نيڪ نيتيءَ سان بيچئن هيون ۽ جن وچين دور جي تنگ نظري ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي مخالفت ڪئي برطانيا کي هڪ اهڙي واحد وسيلي جي روپ ۾ ڏٺو جيڪو هندستاني عوام کي جديد تهذيب تائين پهچائي ٿو ۽ ان ڪري اسان 19هين صديءَ جي انهن اديبن کي اڄ جي معيار تي نٿا پرکي سگهون. وٽن پنهنجي زماني جي هندستاني سماج ۾ طبقاتي قوتن جي حقيقي صورتحال جو هڪ تمام اڻچٽو تصور هو. سندن ڪو واضح نقطه نظر نه هو ۽ نه ئي هنن وٽ سماجي ارتقاءَ جي تاريخي امڪانن جو ڪو خاص تصور هو. مثال طور روشن خياليءَ جي دور جي جديد اردو ادب جي باني سيد احمد خان جون همدرديون 1857، 1859، جي عظيم قومي بغاوت دوران انگريزن سان هيون ۽ هو ان کي رڳو اهڙي ڪوشش سمجهندو هو، جنهن جو مقصد وچين دور جي نظام کي نئين سر قائم ڪرڻ آهي. ٻئي طرف روشن خياليءَ جي دور جي هندي ادب جي باني ڀارتيندو هريشچندر، 1850، 1858، چڀندڙ طنزيا انداز ۾ نظم (مڪري) لکيو، جنهن ۾ برطانوي استعمارن کي اگهاڙو ڪيو ويو هو. گڏوگڏ هو انهن نظمن جو خالق به هو جن ۾ برطانوي قبضي جو گرمجوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته اهو قبضو هندستانين کي جهالت جي اونداهين کان ڇوٽڪارو ڏياريندو.
يورپ کان متاثر هڪ خيال مطابق، جيڪو پرڏيهي بورجوا مفڪرن ۾ چڱو مشهور آهي، اها رڳا برطانوي استعمارن جي “روشن خيال مشن” جي ڀلائي هئي جنهن هندستاني عوام جي جديد ادب کي جنم ۽ ترقي ڏني. ڪجهه هندستاني اسڪالر به ان نظرئي کان متاثر آهن ۽ اهي ماڻهو اڪثر هندستاني ادب جي تاريخ جي جديد دور لاءِ “برطانوي” جو اصطلاح استعمال ڪن ٿا.
اولهه يورپ جي اثرن جي سلسلي ۾ وڌاءُ کان ڪم وٺندي ۽ هندستان جي صدين پراڻين روايتن کان اکيون بند ڪري ڪجهه بورجوا مفڪر “اثرپذيري” جي اصطلاح کي اولهه جي ادب ۽ هندستاني ادب جي انتهائي مختلف نوعيت جي عمل ۽ لقاءُ کي هڪٻئي سان هٿرادو نموني ڳنڍڻ وارين ڪوششن جي سلسلي ۾ استعمال ڪن ٿا.
هندستاني عوام جي جديد ادب قومي ۽ سماجي آزاديءَ لاءِ جدوجهد دوران قومي ڪلچر جي تاريخي واڌويجهه جي نتيجي طور اکيون کوليون. سڀني قومي ٻولين جي ادب جيان هندستاني عوام جو ادب به ٻين قومن جي ادب سان گڏيل لاڳاپو رکي ٿو. پنهنجي واڌويجهه جي مختلف مرحلن تي ان ٻاهريان اثر قبول ڪيا ۽ پنهنجي طرف کان مختلف ملڪن جي ڪيترن ئي اديبن تي ڀانت ڀانت جا اثر وڌا.
انگريزن جي هندستان تي حاڪميت، استعمارن هٿان انگريزي ٻوليءَ کي طاقت سان مڙهڻ، ۽ هندستان جي نئين دانشور طبقي جو اڀار جنهن يورپي طرز مطابق تعليم پرائي هئي، هڪ اهڙي صورتحال جو سبب بڻيو هو جنهن ۾ هندستاني ادب 19هين صديءَ جي وچولي عرصي کان اولهه يورپي ۽ بنيادي طور انگريزي ادب جي واضح اثر جو شڪار رهيو آهي. ڪو به ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهي ته هندستان ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ رابطا قائم ٿيڻ سان ۽ يورپي ڪلچر سان رابطي نئين هندستاني ادب جي ارتقاءَ ۾ چڱو موچارو حصو وڌو آهي. پر ان وقت به يورپي ڪلچر ڏانهن هڪ ٻه رخو رويو، ان بابت هڪ ٻه رخو نقطه نظر ۽ گڏوگڏ ان جي اثرن جي ٻه رخي نوعيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سماجي ترقيءَ لاءِ پنهنجين ڪوششن دوران مدي خارج سماجي رشتن ۽ وچين دور جي زنگ لڳل جاگيرداراڻن تصورن خلاف پنهنجي جدوجهد دوران سماج جي ترقي پسند قوتن ان وقت به يورپي ڪلچر ۾، جيڪو هندستان لاءِ بنهه نئون هو، انتهائي صحتمند ترقي پسند قوتن جي ڳولها ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جتي هڪ پاسي ٻين ملڪن جي بهترين ادبي ڪارنامن کي تخليقي طور جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته ٻئي پاسي هڪ بنهه ڌار لاڙو به نظر اچي ٿو. هر ٻاهرين شئي ڏانهن هڪ انتهائي ناڪاري رويو هندستان ۾ موجود هو. هندستاني سماج جي پراڻ پسند حلقن هندستاني اديبن جي ذهن کي وسيع ڪرڻ جي سمورين ڪوششن جي مخالفت ڪئي ۽ ٻاهرين اثرن کي هندستاني ادب لاءِ “هاڃيڪار” قرار ڏنو.
اولهه جي اثرن جي ٻوڏ بابت هڪ دشمنانو رويو هندستان جي وچين ۽ اترين اولهندن علائقن جي مسلمانن ۾ وڏي پئماني تي پکڙيل هو. جواهر لال نهرو لکيو آهي ته ڪجهه کي ڇڏي مسلمان عام طور انهن اثرن کان متاثر نه ٿيا ۽ روشن خياليءَ جي نئين ڌارا کان شعوري طور الڳ رهيا. هن ٻڌايو آهي ته هندوئن ۾ اهڙن ماڻهن جو انگ تمام گهڻو هو، جيڪي بورجوا طبقي متعلق هئا ۽ جن واپار، ڪاروبار ۽ مختلف پيشن کي اختيار ڪيو. اهي ماڻهو انگريزي تعليم کان گهڻو متاثر ٿيا ۽ ان سان گڏوگڏ رابطا قائم ڪرڻ جي خواهش به انهن ۾ تمام گهڻي تيز هئي.
18هين ۽ 19هين صديءَ ۾ جاگيرداراڻي سماج جي زوال درٻاري ڪلچر جي اهميت گهٽائي ڇڏي ۽ اردو شاعريءَ ۾ انهن روايت پرست مذهبي رهباني لاڙن جي وڌيڪ ارتقاءَ جون راهون روڪي ڇڏيون جن کي حقيقي زندگي سان پري جو به واسطو نه هو. ڪيترن ئي اردو اديبن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته پراڻو دور ختم ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي هڪ نئون دور جنم وٺندو پر پوءِ به هو پنهنجين لکڻين ۾ پراڻين روايتن جي انڌي تقليد ڪندا رهيا. جمود جي قوت ڏاڍي مضبوط هئي. اهي مذهبي ۽ جمالياتي تصور جن انهن کي مڪمل طور پنهنجي گرفت ۾ آڻي رکيو هو، لڳو ٿي ته انهن کي ڪڏهن به شڪست نه ملي سگهندي.
۽ ان ڪري اردو ادب کي وچين دور جي جمودي حالت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ روشن خياليءَ جي ان سرچشمي ڏانهن موڙڻ جي سلسلي ۾ چڱو پورهيو ڪرڻو پيو، جنهن سان هندستاني عوام جي ٻين ٻولين جا ادب وک سان وک سان گڏي هلي رهيا هئا. ان منزل ڏانهن ويندڙ واٽ سيد احمد خان سڌي ڪئي. هن علي ڳڙهه ۾ 1867 ۾ جنهن اينگلو اورينٽل ڪاليج جو بنياد وڌو اهو جلد ئي اردو ادب جي اڀياس ۽ ترقيءَ جو هڪ اهم مرڪز بڻجي ويو. اردوءَ ۾ روشن خياليءَ جي تحريڪ جي شروعاتي اديبن ۾ اڪثر ماڻهو انهيءَ ڪاليج جا اڳوڻا شاگرد هئا.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button