ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ هلندڙ معاشي ۽ سياسي بحران

Editorial

ملڪ ۾ معاشي بهتري جا امڪان نظر نه پيا اچن. هڪ پاسي معاشي گهوٽالو آهي ته ٻئي پاسي سياسي بحران به ختم نه پيو ٿئي. هڪ ٻڏتر واي صورتحال آهي، جنهن معاشي گهوٽالي کي اڃا به تيز ڪري ڇڏيو آهي. هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. هڪ پاسي عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌي رهيا آهن ته ٻئي طرف پاسي ڊالر جو قدر وڌي رهيو آهي ۽ رپئي جو قدر گهٽجي وڌي رهيو آهي.
حڪمرانن معاشي گهوٽالي جو حل وري اهو ڪڍيو آهي ته ڏينهون ڏينهن وڃن ٿا مهانگائي کي وڌائيندا جنهن سا عام ماڻهو جي زندگي اذيت ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. تازو ئي اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نوان اگهه وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ لاڳو ٿيندا. نيپرا موجب نئين ٽيرف تحت جولاءِ کان في يونٽ بجلي ساڍا 3 رُپيا مهانگي ٿيندي.
آڪٽوبر ۾ بجلي في يونٽ 91 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيندي، ٽيرف ۾ واڌ وارو فيصلو وفاقي حڪومت جي درخواست تي ڪيو ويو آهي. نيپرا موجب گڏيل طور تي بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 7 رُپيا 91 پئسا واڌ ٿيندي، بنيادي ٽيرف ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ تي به لاڳو ٿيندي، جڏهن ته بنيادي ٽيرف ۾ واڌ وارو فيصلو لائف لائن واهپيدارن تي لاڳو نه هوندو. نيپرا جا نوان بنيادي ٽيرف وفاقي حڪومت جي نوٽيفيڪيشن کانپوءِ لاڳو ٿيندا.
هوڏانهن انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اوچتي اڏام به جاري آهي. جمعي تي ڪاروبار شروع ٿيڻ تي ڊالر جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ڏٺو ويو ۽ انٽر بئنڪ ڪاروبار دوران ڊالر 19 پئسا مهانگو ٿي ويو ۽ هڪ ڊالر جي قيمت 228 رپيا ٿي وئي. انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار بند ٿيڻ سان ڊالر مجموعي طور تي 56 پئسا وڌي ويو ۽ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 228 ڏهائي 37 روپين تي بند ٿيو.
جڏهن ته حڪمرانن جي ملڪي معاملن کي هلائڻ لا ڪا به منصوبابندي نظر نه پئي اچي. اهو ئي سبب آهي جو اڃا تائين بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لا ڪا اثرائتي پاليسي نه اچي سگهي آهي. ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 4800 ميگاواٽ ٿي ويو آهي. اين ٽي ڊي سي جي ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جي گهرج 27800 ۽ پيداوار 23 هزار ميگاواٽ آهي. ذريعن موجب ليسڪو جي لاسز وارن فيڊرز تي 3 ڪلاڪن تائين لوڊيشڊنگ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڊو پاور پلانٽ جي ٻن يونٽس جي بجلي بحال ٿي وئي آهي. جڏهن ته پلانٽ جو 247 ميگاواٽ وارو هڪ يونٽ اڃا تائين بند آهي.
حڪمرانن وٽ بس رڳو هڪ معاشي پاليسي آهي جيڪا عوام جو وڌ ۾ وڌ رت ست ڪڍڻ واري ئي پاليسي آهي. اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال ڪنهن به ريت عوام جي حق ۾ نٿي چئي سگهجي. باربار اهو چيو پيو وڃي ته مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا. هاڻي هر دور ۾ مشڪل فيصلن جي قيمت ڀلا عوام ادا ڪري ڇا؟ انهن مشڪل فيصلن جو حڪمرانن جي زندگي تي ته ڪو اثر نٿو ٿئي پر عام ماڻهو جي زندگي اذيتن ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. حڪمران چون ٿا ته اڳوڻي سرڪار جي ڪري هي مهانگائي ٿي آهي. ان ۾ نئين ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اڳوڻي سرڪار جڏهن حڪومت ۾ آئي هئي ته ان به اهو چوڻ شروع ڪيو هو ته ان اڳ واري سرڪار جي پاليسين جي ڪري مهانگائي ٿي رهي آهي. پو هن حڪومت ۽ اڳوڻي حڪومت ۾ ڀلا فرق ڪهڙو ٿيو؟ هو حڪومت به اڳوڻي سرڪار تي الزام هڻي پنهنجا عوام دشمن ڪرتوت لڪائيندي هئي، هي حڪومت به اڳوڻي سرڪار تي الزام هڻي پنهنجين عوام دشمن پاليسين جو بار پاڻ تان هلڪو ڪري رهي آهي. اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن کي هاڻي اهڙي روش ختم ڪرڻ گهرجي. هاڻي سڀ اختيار حڪمرانن وٽ آهن، هو جيڪڏهن چاهين ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. آخر ڪيستائين پنهنجين ڪوتاهين جو بار اڳوڻين حڪومتن جي ڪلهي تي وجهي پاڻ آجو ڪرڻ جو سلسلو هلندو؟ هي وقت عوام کي رليف ڏيڻ جو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪي تاريخ ۾ جيڪي اڳوڻن حڪمرانن جا ٽي چار سال گذريا آهن، اهي عوام لا ڪنهن وڏي مصيبت کان گهٽ نه هئا، اڳوڻي حڪومت واقعي هڪ سونامي بڻجي آئي ۽ عوام جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري هلي وئي، پر هاڻي جيڪڏهن نوان حڪمران آيا آهن ته انهن کي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button