هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن معاشري جي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ اخبارن جو انتظار ڪرڻو پوندو هو. ان کان پوءِ ٽي وي آئي ۽ ان معلومات مهيا ڪري ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪافي تيزي آندي. اهو هڪ بهتر اضافو هو. پر هاڻي اسان جنهن دور ۾ آهيون، اهو دور هٿن ۾ موجود موبائل فون جو آهي. اسان ان فون جي هڪ اشاري سان معلوم ڪري ٿا وٺون ته هن مهل ڪٿي ڇا پيو ٿئي؟ منهنجي خيال ۾ ايتري تڪڙي معلومات اڳ ڪڏهن به ممڪن نه هئي. پر اها حقيقت آهي ته اسان کي موبائل فون ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا معرفت جيڪا معلومات ملي ٿي، ان ۾ خوشيون گهٽ ۽ غم وڌيڪ آهن. ڇو ته اسان جي آس پاس جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان ۾ تشويش جو پهلو تمام گهڻو آهي. اسان چاهيندي به پنهنجي نظر معاشري جي انهن زخمن تان هٽائي نه ٿا سگهون، جن ۾ گهڻو ڪري انساني حقن جي لتاڙ جو پهلو سڀ کان وڌيڪ نمايان آهي. اسان جو معاشرو سورن سان سلهاڙيل آهي. ان ڪري جيڪو ڪجهه معاشري ۾ موجود هوندو، اهو ڪجهه موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا تي نظر ايندو. آخر اسان کي موبائل فون سماج جو سچ ڏيکاري سگهي ٿي پر ان کي تبديل ڪري نه ٿي سگهي.
معاشري ۾ جيڪا به تبديلي ايندي، اها ماڻهن جي ڪردار سبب ايندي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ اسان کي مايوسيءَ جو اظهار ڪرڻ ۾ ڪا به مشڪل پيش نه ٿي اچي ته اسان جو معاشرو مڪمل طور تي ان ڪردار کان محروم آهي، جنهن ڪردار ۾ معاشري کي تبديل ڪرڻ جي قوت ۽ طاقت هوندي آهي. ماڻهو انفرادي طور تي به گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهن پر مسئلو اهو آهي ته معاشري ۾ ڪجهه ماڻهن جو مثبت ڪردار منفيت جي سمنڊ کي روڪي نه ٿو سگهي. ان لاءِ اسان جي سياسي پارٽين کي اڳتي اچي پنهنجي تاريخي ڪردار جو تعين ڪري عملي طور تي اهو ڪجهه ڪرڻو پوندو، جنهن جي هن مهل اشد ضرورت آهي.
اسان کي ان وقت تمام گهڻي ڪاوڙ به اچي ٿي ۽ شديد افسوس به ٿئي ٿو، جڏهن اسان پنهنجي سياست کي صرف ۽ صرف اقتداري راند جي طور تي مصروف ڏسون ٿا. اسان جي اکين جي آڏو پنجاب جي اقتداري مقابلي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو افسوس جي لائق ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ڇا اها حقيقت ناهي ته آصف زرداري پنهنجي سموري عزت ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي ماضيءَ وارو وقار تباهه ۽ برباد ڪري چوڌري شجاعت جي گهر ديرو ڄمائي ويٺو ته هن کي ڪنهن به صورت ۾ پرويز الاهيءَ سان ملڻو آهي ۽ هن کي قائل ڪرڻو آهي ته عمران خان جو اميدوار ٿيڻ بدران هن کي سندس اميدوار ٿيڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ رپورٽون اهي آهي ته دولت ٺوڪرن ۾ هئي ته ڪهڙي طرح ڪنهن اسيمبليءَ ميمبر جو سياسي ايمان ڪيتري قيمت ۾ خريد ڪري سگهجي. جڏهن ته ان وقت لاڙڪاڻي مان اهي خبرون اچي رهيون هيون ته هڪ دکي ماءُ پنهنجي اولاد جي لاءِ وڊيو رڪارڊ ڪرائي روئي رهي هئي ۽ سمورن وس وارن کي اپيل ڪري رهي هئي ته هن سان انصاف ڪيو وڃي. هوءَ اهو به ٻڌائي رهي هئي ته هوءَ جتي به وئي آهي، اتي هن کان پئسا طلب ڪيا ويا آهن. جڏهن ته هوءَ بنهه غريب آهي ۽ انصاف کي خريد ڪري نه ٿي سگهي. جڏهن هن کي انصاف نه ملي سگهيو ته هن پنهنجو پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي.
هن معاشري جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو هوندو ته هڪ طرف اسان جا ليڊر مخالف ميمبر خريد ڪرڻ جي لاءِ ڪروڙين روپيا کڻي ڦرندا پيا وتن ۽ ٻئي طرف اسان جي غريب ماڻهن وٽ ايترا پئسا ناهن جو رشوت ڏئي پنهنجو حق حاصل ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ ته صرف ٻه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ماڻهن کي مفت ۾ انصاف ملي ته پوءِ هو ان دولت جي تمنا نه ڪندا، جيڪا رشوت ۾ ڪم اچي سگهي ۽ جيڪڏهن انصاف کي مفت نه بڻايو وڃي ته پوءِ اها دولت جيڪا لوٽن جي مٿان خرچ ڪئي پئي وڃي، اها عوام جي حوالي ڪئي وڃي ته جيئن عوام پنهنجي حصي جو انصاف حاصل ڪري سگهي. ان مهل تمام گهڻي مصيبت ۾ آهي، ڇو ته انصاف ملڻ تمام گهڻو مشڪل آهي ۽ موت حاصل ڪرڻ نهايت آسان آهي. اسان کي ٿر مان ۽ سنڌ جي ٻين حصن مان به جيڪي خبرون ملن ٿيون ۽ جن خبرن ۾ پتو پوي ٿو ته غريب ماڻهو معاشي پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪري رهيا آهن، انهن مان به اها معلومات ملي رهي آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي سستو انصاف نه ملندو ته پوءِ هو سستي موت کي حاصل ڪندا. لاڙڪاڻي جي ناريءَ به اهو ڪجهه ڪيو ۽ ٿر ۾ اهي ڪولهي جيڪي پاڻ کي ڦاسيءَ جي جهولي ۾ جهولائي چڪا آهن، انهن جو به اهو مسئلو هو پر افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته هن مهل تائين عوام کي انصاف نه ملي سگهيو آهي ۽ عوام انصاف نه ملڻ جي ڪري موت حوالي ٿي رهيو آهي ۽ اسان جو عدالتي نظام به ايتري گهڻي ناانصافيءَ سبب تمام گهڻو پريشان آهي. ڇو ته بي انصافي گهڻي ۽ انصاف جو نظام تمام گهٽ آهي. ان لاءِ جيترا وڪيل، جج ۽ عدالتون گهرجن، اهي ميسر نه هجڻ سبب اسان جي ماڻهن کي انصاف کان سواءِ جيئڻ جي سزا ملي رهي آهي ۽ سوال اهو آهي ته آخر اها سزا انهن کي ڪيستائين ملندي؟ آخر هن ظالم ۽ قاتل نظام جو انت ڪڏهن ايندو؟
سياسي پارٽين جو ڪردار اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي ۽ بيان ٿيندو به رهيو آهي ۽ اها حقيقت آهي ته اسان سياسي پارٽين جي ڪم کي اين جي اوز جي ڳچيءَ ۾ وجهي انهن کان توقع ڪري نه ٿا سگهون ته هاڻي انهن کي اهو ڪجهه ٺيڪ ڪرڻو آهي. اين جو اوز يا سماجي تنظيمون ڪجهه به ڪري نه ٿيون سگهن. ڇو ته هن مهل جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي اهو ڪجهه پاور جي حوالي سان ٿي رهيو آهي. اسان طاقت کان سواءِ انصاف حاصل ڪري نه ٿا سگهون ۽ اسان کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻي پوندي ته اين جي اوز وٽ طاقت ناهي. اين جي اوز وٽ صرف ۽ صرف سيشن آهن ۽ لفظ آهن. جڏهن ته انصاف لاءِ هڪ سرشتي سان وڙهڻ ۽ ان کان انصاف حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي ۽ اسان جي لاءِ اها ڳالهه به تمام افسوس جي آهي ته اسان وٽ اهو ڪجهه به ناهي، جنهن سان انصاف کي غريب ماڻهن تائين رائي گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ اسان لاءِ سرڪار ڪائي واٽ به جوڙي آهي، جنهن تي هلي اسان اهو ڪجهه ڪري سگهون، جيڪو ڪجهه ڪرڻ سان انصاف ميسر ٿي سگهندو آهي. جيڪڏهن انصاف سياست وٽ يرغمال نه هجي ها ته ماڻهو ۽ خاص طور تي مسڪين ۽ غريب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ جي سلسلي ۾ مجبور ڇو هجن ها؟ زندگي ته هر ڪنهن کي پياري هوندي آهي. انسان جي زندگيءَ سان محبت ڪنهن کان به ڳجهي ناهي ۽ نه وري ان کي بيان ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪنهن علم ۽ عقل جي ضرورت آهي. ڇو ته زندگيءَ سان پيار انسان جي فطرت ۾ شامل آهي پر جڏهن انسان پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو پنهنجن هٿن سان اجهائي ٿو ته ان جا به ڪي سبب ٿين ٿا ۽ هي اهي سبب گهڻو ڪري انصاف حاصل نه ڪري سگهڻ جي افسوس جي پيداوار هجن ٿا ۽ انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ ماڻهو پاڻ کي مارين ٿا.
اسان کي جيڪڏهن انسانن کي بچائڻو آهي ته اسان کي انصاف عام ڪرڻو پوندو. مون کي معلوم آهي ۽ اوهان به ڄاڻون ٿا ته پاڻ کي مارڻ به هڪ ڏوهه آهي ۽ اهو عمل به بدامنيءَ جي زمري ۾ اچي ٿو پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ملندو يا آخر انسان ڇا ڪندو؟ ان سوال اٿارڻ جو مطلب اهو ناهي ته خودڪشيءَ کي ڪنهن به طرح سان جائز ثابت ڪيو وڃي. پر ماڻهن جي مجبوري آهي. ماڻهو جڏهن بنهه بيوس بڻجي وڃن ٿا، تڏهن انهن کي موت ۾ فرار نظر اچي ٿو ۽ اهو فرار جيڪو زندگيءَ کان فرار آهي، اهو غلط آهي. پر اسان ان غلط روش کي صرف ان صورت ۾ روڪي سگهون ٿا، جيڪڏهن اسان پنهنجن ماڻهن کي انصاف مهيا ڪري ڏئي سگهون ۽ اسان عام ماڻهن تائين انصاف کي تيستائين پهچائي نه ٿا سگهون، جيستائين اقتدار جي راند مان ٻاهر نه ٿا نڪرون.