ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

33 مارڪن وارا پاس، 40 وارا فيل

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

دستگير ڀٽي
اسان نون ڏھن سالن جي ڄمار ۾ جڏهن پنهنجي ميان باز محمد پرائمري اسڪول گاڏي کاتي حيدرآباد مان موڪل مھل نڪري، پنڌ ئي پنڌ حيدر چوڪ وٽان لنگهي پنهنجي گھر ڏانهن موٽندا هئاسون ته ان زماني ۾ حيدر بخش جتوئي چوڪ تي ھڪڙو پنجاب مان روزگار خاطر آيل شخص مداري جو کيل تماشو ڏيکارڻ لا ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪري بيٺو هوندو هو. اسان کي ٻاراڻي وهيءَ ۾ ڊگڊگي وڄائڻ به ھڪ نئين ايجاد لڳندي هئي تنھن ڪري گھر وڃڻ بدران ماڻھن جي ميڙ ۾ بيٺل ڪراڙن کي ٺونٺيون ھڻي اڳڀرا ٿي مداري جو جادو ڏسندا ھئاسون. ان زماني ۾ سنڌ جو امر جوڌو حيدر بخش جتوئي حيات ھو ۽ ڪجھه سال اڳ سرڪاري نوڪريءَ کي لت هڻي ھارين جي حقن لاءِ باقاعدي ھڪ سگھاري تنظيم ھاري ڪميٽي ٺاهي، پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو زميندارن ۽ جاگيردارن جي ظلمن خلاف مظلوم طبقن جي سجاڳيءَ واسطي هر ھنڌ جوت جلائيندورھيو. حيدر چوڪ تي ان زماني ۾ ھڪڙو سھڻو گول باغ ھوندو ھو جيڪو ورھاڱي کان اڳ ترقي پسند ھندو سنڌين ٺاھيو ھو. اتي ئي پنجابي مداري پنهنجن جادوئي ھٿ ناٽن ۾ ھڪڙو ڊرامو اھو به ڪندو ھو ته ھڪڙي وڏي رومال (پوتڙي) ۾ بيدو/آنو وجھي، ان کي ڇنڊي ڦوڪي پنهنجي وڏي ڊگهي ڪوٽ ۾ وجهي ، ساڳئي رنگ جي بوڇڻ ڊگڊگي مان ٻاهر ڪڍي، ان کي ڇنڊيندو ھو ته ھڪڙو ڪبوتر ڦڙڪيون ھڻي جيئرو ڄاڳندو ماڻهن جي سامھون اچي ويندو هو. ھو بيدو لڪائي، ڪبوتر ٻاھر ڪڍي ھام ھڻندو ھو ته ڏسو ھن بيدي مان ڪبوتر ڄائو آهي. ننڍي عمر ۾ ٻارن يا ويندي پوڙھن پڪن کي به مٿس اعتبار اچي ويندو هو ته برابر هي وڏو جادوگر آھي.
انھيءَ نقلي جادوگر جيان سنڌ ۾ چوڏهن سالن کان ويھاريل بدترين حڪمراني ڪندڙ حادثاتي حاڪم آصف علي زرداري حڪومت جي بداعمالي ۽ عوام دشمن پاليسين عمران خان جھڙي اسٽيبلشمينٽ جي پاليل ۽ تاتيل طوطي کي “خوددار ۽ خودمختيار ڪراچي” جو نعرو ۽ وال پوسٽر لڳائي سنڌ جي ورهاڱي واري الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سازش کي نئون رت ڏيئي ڇڏيو آهي. مون کي ٻڌايو ته، “ڄڃ پرائي دوسو نچي” واري چوڻي پنجاب اسيمبلي ۾ ٿيل آصف زرداريءَ جي ھيراڦيري تي ٺھڪندڙ ناھي؟ ھي اڻپڙهيل سياسي جادوگر چوڌري شجاعت حسين جي جماعت قاف ليگ کي بينظير ڀٽو شهيد جي قاتل ليگ چوندو هو، سو اڄ انهن ساڳين ئي چوڌرين کي پيرين ڇو ٿو پوي ان پنجاب اسيمبلي لاءِ جنهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي شھادت کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو جي شھادت تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو دل جان سان ساٿ ڏنو ۽ نواز شريف جي انھيءَ قومپرستيءَ واري سلوگن کي رد ڪيو ته ،”جاڳ پنجابي جاڳ، تنھنجي پڳ کي لڳندو داغ “
پنجاب جي عوام ته انهي سرمائيدار جي ھن نعري کي لتاڙي بينظير ڀٽو کي 1988 ۽ 1993 وارين عام چونڊن ۾ سوڀارو ڪري ڇڏيو پر ڇا بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي عوامي ڪردار کي سردارن، ڀوتارن ۽ وڏيرن جي پارٽي جو روپ ڏيئي ھن شخص ميان نواز شريف ۽ عمران خان جھڙن اسٽيبلشمينٽ جي پيدا ڪيل ڪردارن لاءِ ميدان خالي نه ڇڏيو؟ مسخرن ۽ مدارين جو ڪردار به ساڳيو ئي ھوندو آھي. آئون پريشان آهيان ته ھڪ وڏي سنڌي اخبار جي چڱن مڙسن يا ان جي نيوز ايڊيٽر اڄ ڇنڇر واري ڏينهن 8 ڪالمي ھيڊ لائن لڳائي آهي ته، “آصف زرداريءَ جي گيم ڪامياب، پرويز الاھي جا سمورا ووٽ رد، حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير برقرار. “
مون کي حيرت آهي اھڙي ھيڊ لائين لڳائڻ تي جن سمجهيو ته ھي سڄو جادو زرداري جي ڊگڊگي ڪيو آهي. اصل ڌڻي ويچارا بنھه نيوٽرل آهن! سڄي راند رچائي آهي آصف زرداريءَ!؟ اسان جي بدبختي اھا آھي ته جادوگر جي ڪاميابي پويان سندس ڊگھي ڪوٽ جي گيدن/کيسن ۾ ڪو جيئرو جاڳندو ڪبوتر لڪل ھوندو آھي، جنھن کي استعمال ڪرڻ خاطر ڪوٽ جي گيدن يا کيسن ۾ ٻاجھري جا داڻا لڪل ھوندا آھن جن کي چڳڻ ۾ بکيو پکي رڌل ھوندو آهي. سياسي اڳواڻن جو نيپاڄ ڪندڙ سگھارن ادارن جي مرضي آهي ته پنهنجن اھڙن ڪبوترن کي جيئارين يا مارين بلڪ ڦاھي تي چاڙهي ڇڏين.
ھڪڙو ڪرڪيٽ جو رانديگر جيڪو سڄي دنيا ۾ سمورن رانديگرن کان وڌيڪ مشهور ٿي ويو ان تي لکين ڇوڪريون عاشق ٿي ويون. سندس عشق ۾ ايئن ڦاسجي ويون جو پنھنجي ماءُ پيءُ ۽ مٽن مائٽن کي به ڇڏي ڏنائون. عمران خان جنھن ظاهري طرح ٽي يا چار شاديون ڪيون آهن، ان جون دنيا جي ھر ملڪ ۾ ارب پتي عورتن خاص ڪري طلاق ورتل شادي شده جوان جماڻ ڇوڪريون مبينا طور دوست رهيون آهن جن جا سچا قصا ڪهاڻيون برطانيا جي سڀني اخبارن، ٽي وي چئنلز جي ريئلٽي شوز کان وٺي آمريڪا جي وڏن ھفتيوار رسالن جھڙوڪ، ٽائيم مئگزين ۽ نيوز ويڪ ۾ بار بار ڇپجندا رهيا آهن، جيڪو دوکي باز ۽ بدڪردار سمجهيو ويندو هو، ان کي سياسي رھنما ٺاهڻ تي قومي خزاني مان اسٽيبلشمينٽ جي ھرھڪ رکوال ڪيترا ارب خرچ ڪيا ۽ ڪيترائي جنرل شجاع پاشا ۽ جنرل ظهير الاسلام وانگر پنهنجي پنهنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيائون، اھو سوال ھاڻي عمران خان کان وڌيڪ واڳ ڌڻين کي ڏنگ هڻندو رهندو.
ساڳي ريت ھندستان جي شھر جالنڌر مان لڏي آيل جنرل ضياءَالحق پنهنجي ڀر واري شهر امرتسر لڳ ڳوٺ جاتي امرا مان پاڪستان لڏي آيل پنھنجي پراڻي سنگتي ميان محمد شريف جي سفارش تي سندس وڏي پٽ ميان نواز شريف کي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي واري دؤر ۾ پنجاب جو چيف منسٽر زوريءَ چونڊايو. جناب محمد خان جوڻيجو جيڪي به فيصلا ڪندو ھو سي پھرين پنھنجن وزيرن جي ڪابينا ۽ ٻئي ٽئين ڏينهن قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ مان منظور ڪرائي انهن کي قانوني شڪل ڏيئي ڇڏيندو هو. اھا ڳالهھ جنرل ضياءَ ۽ سندس ساٿاري جنرلن کي ھرگز نه وڻندي ھئي. جنهن ڏينهن جوڻيجي صاحب گورنر جي عهدن تي سالن کان ويٺل جنرلن کي ھٽائي، سياسي گورنر مقرر ڪيا ان ڏينهن جنرل ضياءَ ڇتو ٿي پيو. ملن پنهنجي ڪتاب ۾ انھيءَ زماني جا اکين ڏٺا احوال لکيا آهن. مثال طور وزيراعظم محمد خان جوڻيجي چوڏھين آگسٽ 1985 تي پنھنجي عھدي جو حلف کڻڻ ۽ پارليامينٽ ۾ سالن کان پوءِ داخل ٿيڻ شرط پنهنجي پھرين تقرير ۾ ھي جملو چئي مارشل لا جي مھندارن کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو ته،
Democracy and Martial Law can not co-exist.
“ملڪ ۾ ھڪ ئي وقت جمھوري سرشتو ۽ آمراڻو راڄ ھلي نه ٿا سگهن.” جوڻيجي صاحب جي ھن ھڪڙي سٽ جنرل ضياءَ ۽ سندس ساٿارين کي دنيا ۾ اھڙو بڇڙو ڪري ڇڏيو جو ھفتي ڏھن ڏينھن اندر اونداهي ڊڪٽيٽرشپ جي سرپرست جنرل ضياءَ کي اعلان ڪرڻو پئجي ويو ته ڪجھه مھينن کان پوءِ 31 ڊسمبر 1985 تي ملڪ مان مارشل لا ختم ڪري ڇڏيندس. جوڻيجي صاحب وڏن وڏن جنرلن کان ڪروڙين رپين جون وڏيون گاڏيون کسي کين سوزوڪي مھراڻ ۾ ويھاريو ۽ راولپنڊي ڇانوڻيءَ جي اوجھڙي ڪئمپ ۾ ٿيل ڌماڪن جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ته ان وقت جا سمورا جنرل ۽ ڪرنل مڇرجي پيا ڇاڪاڻ ته آمريڪا پاران سوويت يونين خلاف افغان جنگ ۾ جيڪي جديد اسرائيلي ميزائيل جنرل ضياءَ تي اعتبار ڪري پاڪستان کي ڏنا ويا، انھن کي جنرلن ۽ ڊاڪٽر قدير ايران ۾ وڪڻي، پنھنجي ايٽمي ھٿيارن جي ٽيڪنالاجي ايران کي ڏيئي، ڏوڪڙ ڪمائي آمريڪي سي آئي اي کي چيڙائي وڌو، ان جا ثبوت به جوڻيجي صاحب اسلام آباد ۾ رهندڙ آمريڪا جي سفير حوالي ڪري ٽن سالن اندر پنھنجي شاندار حڪومت وڃائي ڇڏي.

انھيءَ تاريخي حقيقت جي ابتڙ ميان نواز شريف ھر سال جنرل ضياءَ جي ورسيءَ واري موقعي تي سندس ڪوڙي قبر تي حاضري ڀري، گلن جون چادرون چاڙهي کيس پاڪستان جو عظيم اڳواڻ سڏيندو ھو. زرداري صاحب پنهنجي زال ۽ وزير اعظم بينظير ڀٽو کي مجبور ڪري سندس ھٿان جنرل اسلم بيگ جھڙي تعصبي ۽ بي ايمان کي الطاف حسين جي چوڻ تي زوريءَ”تمغه جمھوريت” ڏياريو ۽ عمران خان جي ڪھڙي ڳالهھ ڪجي، ھو ته پنھنجن محسن واڳ ڌڻين تان صدقو گھوري وڏي واڪي بار بار اعلان ڪندو هو ته منهنجي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ھڪ صفحي تي آهيون. نيٺ ھن به same page جو حشر ڏسي ورتو آهي اسلام آباد مان نيڪال کانپوءِ جمعي ڏينهن لاھور مان ٿيل نيڪالي منجهان.
پر اھا ڳالھه ياد رکو ته 23 ڪروڙ مسڪين ماڻهن جي ملڪ ۾ مداري وارو ھي جعلي کيڏ بي پاڙو ۽ عوامي طاقت جي ھڪڙي ڌڪ سان ختم ٿيڻ وارو آهي، تاريخ انھيءَ شاندار ڪم جي ذميواري عمران خان جھڙي اسٽيبلشمينٽ جي نوڪري ڪندڙ شخص تي رکي آهي بلڪل ائين، جيئن جنرل ايوب خان کي ڊيڊي سڏڻ واري ذوالفقار علي ڀٽو تي رکي ڇڏي ھئي. ڏسون ته عمران خان ان آزمائش ۾ سوڀارو ٿئي ٿو يا ڀٽو صاحب وانگر مارجي ويندو جيڪا سامراجي سازش ھاڻي ظاھر ظھور ٿي ويئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button