بشريات جي حيثيت سان فن ۽ ادب جي تاريخ ۾ انهن مسئلن کي به مرڪزي حيثيت حاصل آهي، جن جو تعلق عوام ۾ زبردست تبديلي ۽ سندن روحاني/ذهني ترقيءَ سان آهي. اهڙي نموني 19هين صديءَ جي وچ ڌاري ئي روسي ادب عوام جي ارتقاءَ جي امڪانن ۽ ان جي واٽ جي مسئلن يا بقول سالتيڪوف شيدان “روسي اوسر” جي مسئلن کي پنهنجو موضوع بڻائي ورتو هو. ان وقت ان ڳالهه تي بحث ٿيو ته گڏيل مقصدن لاءِ گڏ ٿيڻ متحد ڪوشش سان هڪ سوشلسٽ سماج جي اڏاوت لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڪهڙي حد تائين سگهه رکي ٿو ۽ ڇا ان ورڇ کي ميسارڻ ممڪن آهي، جيڪا عام ماڻهن ۽ فرد وچ ۾ موجود آهي. چرنيشيوسڪي پنهنجي ناول “ڪرڻو ڇا آهي؟” ۾ مستقبل جي سوشلسٽ سماج ۾ هر انسان جي روحاني/ذهني ارتقاءَ تي اعتماد جو اظهار وڏي شدت سان ڪيو آهي. انهن مسئلن جي حل ڪري ذهن ۾ جيڪي سخت ۽ ايذائيندڙ شڪ پيدا ٿين ٿا ۽ جن سان گڏوگڏ سخت روحاني ڳولا جي تڙپ ٿئي ٿي، ان جو المياتي اظهار دوستوفسڪيءَ جي لکڻين ۾ ملي ٿو.
ويهين صديءَ ۾ گورڪيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي ادب انهن لقائن ۽ عملن کي پنهنجي توجهه جو مرڪز بڻايو جيڪي سوشلسٽ انقلاب جي تياري ۽ ان جي حاصلاتن ۾ يعني هڪ نئين سماج جي اڏاوت ۾ عوام ۽ شخصيتن جي عام ارتقاءَ جو آئينو هوندا آهن.
عوام جي ذهني/روحاني ترقيءَ ۾ زبردست تبديلين جو سوال اڄوڪن ۽ سوشلسٽ ۽ بورجوا نظرين جي جدوجهد جي تمام اهم سوالن مان آهي.
عام ماڻهن جي ذهني ۽ روحاني ترقيءَ جي خيال کي لينن جي لکڻين ۾ مڪمل طور سنواريو ويو. انهن لکڻين ۾ پورهيت عوام کي، سندن تاريخي تجربي ۽ سندن ايندڙ ڏينهن جي تجربي کي، ان واٽ کي جيڪا هنن انقلاب لاءِ طئي ڪئي آهي، سندن خواهشن ۽ ضرورتن کي ۽ گڏوگڏ انهن عملي ڪمن کي مڪمل درست سمجهڻ جو ڏس ملي ٿو جن کي عوام منهن ڏئي رهيو آهي.
لينن معاشي ۽ سياسي رشتن جا جيڪي تجزيا ڪيا آهن انهن مان بنهه چٽو ٿئي ٿو ته کيس سدائين عوام جي ڳڻتي هوندي هئي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون ان پورهيت انسان جو آئينو آهن جيڪو داخلي ۽ خارجي ڏکياين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جنهن سان سندس وڌندڙ قد جو، انقلاب ۾ سندس رول جو اندازو ٿئي ٿو. اهو پورهيت انسان پارٽيءَ جي تعليم جي اثر هيٺ پنهنجن اوڻائين کي ختم ڪري رهيو هو، پنهنجي پاڻ کي نئين سانچي ۾ وجهي بدلائي رهيو هو، سوشلزم جي واٽ دريافت ڪري رهيو هو ۽ هڪ نئين دنيا جو سرگرم اڏيندڙ بڻجي رهيو هو.
لينن روسي حالتن جو ڳوڙهو تجزيو ڪيو ۽ انقلاب جي تياريءَ وارن ڏهاڙن ۾ اهو ٻڌائي ڇڏيو هو ته پورهيت عوام ۾ انفراديت جو احساس وڌي رهيو آهي ۽ منجهن انقلابي جذبو زور وٺي رهيو آهي ۽ سندن شعور ۽ سندن تاريخي سرگرميءَ جي ارتقاءَ ٿي رهي آهي.
آڪٽوبر انقلاب عام ماڻهن جي روحاني ارتقاءَ کي هڪ فيصلائتو اتساهه ڏنو. ان منزل ڏانهن وٺي ويندڙ عملي رستو، اهو رستو لينن ٻڌايو جيڪو ڏيکاري ٿو ته “انساني مواد جي هڪ اهڙي ڍير مان ڪميونزم جي اڏاوت ڪيئن ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪرڻ گهرجي جنهن کي هزارين سالن جي غلامي، زرعي غلامي، سرمائيداري، ننڍي ۽ ننڍن ٽڪرن ۾ ورهايل معيشت، منڊيءَ ۾ جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ڪنهن پيداوار يا پورهئي جو وڏو حصو حاصل ڪرڻ لاءِ ڇتڪتائيءَ جي جنگ خراب ڪري وڌو آهي.”
عوام ۾ تبديليءَ جو خيال، جيڪو “رڳو هڪ عملي تحريڪ ۾” انقلاب ۾ ئي، ممڪن آهي.” مارڪس ۽ اينگلز پيش ڪيو هو. سڀ کان پهرين لينن ان خيال کي مڪمل طور نکاريو ۽ ان کي دليلن سان مالا مال ڪيو ۽ طبقاتي جدوجهد جي خاص حالتن ۾ ۽ مختلف سماجي گروهن جي سلسلي ۾ ان جي عملي اطلاق جا طريقا وضع ڪيا.
لينن ان زبردست ۽ بي مثال ڪم کي ان جي ٺوس عملي پاسي جي لحاظ کان ۽ گڏوگڏ عالمي تاريخي پيماني تي سهڻي نموني نڀايو. لينن جي ورثي ۾ گهرائي ۽ وضاحت جي لحاظ کان عوام جي سياسي ۽ ذهني زندگيءَ جو خاص تجزيو ۽ تاريخ جي مختلف گهڙين ۾ ان جي نفسيات جي سمجهه ملي ٿي.
ڪروڙين پورهيت عوام جي جذبن، احساسن ۽ خيالن کي لينن پنهنجي استاداڻي تيز نظر وسيلي محسوس ڪندو هو ۽ سمجهندو هو. هن ڏسي ورتو هو ته عوام جي ذهني زندگيءَ کي مڪمل طور نئين شڪل ڏيڻ هڪ تاريخي ضرورت آهي. گڏوگڏ هن ڪميونزم ڏانهن مختلف ماڻهن جي وڌڻ جي انوکين خاصيتن کي ۽ سندن روزمرهه جي زندگيءَ جي تجربن، ڪم ۽ ذهني/روحاني ارتقاءَ جي گوناگونيت کي به ڏسي ورتو هو.
عوام ۾ اها زبردست ۽ عام تبديلي، جيڪا سوشلزم ۽ ڪميونزم جي اڏاوت ڪندڙ سماج جي عمل ۾ پيش اچي ٿي، انسان کي ان جي انفرادي خوبين کان عاري نٿي ڪري. ان جي ابتڙ هڪ مڪمل طور اسريل شخصيت جي تخليق ڪرڻ لاءِ بس اهو ئي هڪ بنياد آهي جتي شخصيت جي ارتقاءَ انفرادي استثنا جي حيثيت سان نه پر هڪ وڌندڙ عمل جي حيثيت سان ٿئي ٿي. جيڪا عوام جي ذهني/روحاني زندگيءَ تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اثر انداز ٿي رهي آهي. ان عمل ۾ هر فرد کان جنهن شئي جي اميد ڪئي وڃي ٿي اها آهي پنهنجي پاڻ کي پاڻ ترقي ڏيڻ، پاڻ تعليم ڏيڻ، پنهنجي ورتاءُ ۽ سرگرمين لاءِ شخصي ذميواريءَ جو احساس پيدا ڪرڻ.
هڪ اهڙي عمل جي حيثيت سان، جنهن جي رهنمائي پارٽي ۽ سوويت عوام جي پوري تنظيم ڪري رهي هجي، هڪ اهڙي عمل جي حيثيت سان جنهن کي سوشلزم جي آدرش عزم بخشيو هجي، عوام ۾ عام تبديلي، ماڻهن جي هڪ وڏي انگ لاءِ ارتقاءَ جا وسيع امڪان پيدا ڪري ٿي ڇڏي. جن کي سرمائيدار دنيا ۾ ان امڪان کان محروم رکيو ويندو آهي. جيئن لينن ٻڌايو آهي سوويت سماج جي ارتقاءَ بي پناهه صلاحيتن کي عمل ۾ آڻي ٿي، هڪٻئي کان اڳ ڪڍڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿي ۽ هر مرد عورت کي اهڙي جاءِ حاصل ڪرڻ ۾ سهائتا ڏيئي ٿي جيڪا سندس شخصي خوبين پٽاندڙ هجي. لينن جي لکڻين ۽ سوويت سماج جي سڄي عمل مان سڌ پئي ٿي ته پارٽيءَ جي ليڊرشپ ۾ ڪهڙي نموني عوام هڪ باشعور زندگيءَ ڏانهن، بامقصد تاريخي عمل ڏانهن، سوچيل سمجهيل دليريءَ ڏانهن ۽ ڪميونزم جي اڏاوت ڏانهن اڳيان وڌيو. اها اهڙي واٽ آهي جيڪا عوام جي اتحاد ۽ ان جي سلامتيءَ جو، گڏيل مقصد لاءِ ذميواريءَ جي احساس جو يعني نيون انساني خوبيون پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي سنوارڻ جي گهر ڪري ٿي. بقول لينن ڪميونزم جي جدوجهد ڪروڙين اربين ڇڙوڇڙ، ورهايل ۽ هڪ وسيع ملڪ ۾ وکريل عوام جي مرضيءَ سان هڪ واحد عزم کي جنم ڏنو.
(هلندڙ)