هي اهڙيون برساتون آهن، جهڙيون سر سارنگ ۾ لطيف گهريون هيون. سنڌ جهڙي ٽراپيڪل Tropical ڌرتيءَ لاءِ اهڙي برسات بهار جي موسم آهي. سنڌ انهن ديسن مان ناهي، جتي بهار جي موسم ۾ گل ٽڙندا آهن. پوپٽ مڙندا آهن. جڏهن ايران ۾ بهار ايندو آهي، تڏهن سنڌ ۾ ڌوڙيا هلندا آهن. سنڌ جي ان مند سان ڪڏهن ڪا اوچتي ملاقات به نه ٿي آهي، جنهن مند ۽ موسم جي باري ۾ فارسيءَ جي اثر هيٺ ڪيل اردو شاعريءَ ۾ چيل آهي ته “فصل گل آئي يا اجل آئي؟” ۽ ان طرح جي بيشمار شعرن ۾ هڪ شعر اهو به آهي ته “اب ڪي بهار آئي تو شايد ڪه هم گئي!”
سنڌ موسم جي اهڙي روپ ۽ رنگ لاءِ تخليق نه ڪئي وئي آهي. پر جهڙي طرح هڪ عرب شاعر لکيو آهي:
“هر ديس جي بسنت رت
الڳ هوندي آهي…..!”
تهڙي طرح سنڌ ۾ بهار جي موسم برسات جي موسم آهي. اهڙي موسم کي بهار جي موسم سمجهندڙ سرزمين صرف سنڌ ناهي. هن خطي ۾ کوڙ سارا ماڳ مڪان آهن، جتي بادل برسندا آهن ۽ نيڻ ترسندا آهن. پوءِ ملاقاتون ٿينديون آهن. محبتون ونڊبيون آهن. دليون جڙنديون آهن. اکيون اکين سان ڳجهه ۾ نه پر بلڪل بي حجاب ٿي مخاطب ٿينديون آهن. تڏهن اهڙا گيت دل جي ڌڙڪڻ تي پاڻ ئي پيدا ٿيندا آهن:
“برسات مين هم سي ملي تم نه سجن
تم سي ملي هم، برسات مين!!”
برسات جي موسم ميلاپ جي موسم آهي.
۽ ڇو نه هجي؟ جڏهن جهڙ جي جهالر ۾ ڌرتي ۽ آڪاس پاڻ ۾ هم آغوش ٿيندا هجن ته پوءِ پريمي پري ڇو رهن؟
سنڌ ان ساوڻ جي مينهن لاءِ سمورو سال ڪنڀار جي آويءَ وانگر اندران ٻاهران سڙندي رهندي هئي ته اهو وسڪارو اچي، جنهن لاءِ لطيف لکيو آهي:
“ڪڪر منجهه ڪپار، جيئن جهڙ نيڻون نه لهي
جهڙا منهنجا پرين تهڙا ميگهه ملار
کڻ اکيون کل يار ته وڃن سور سنڌا ڪري”
هن ڀيري سنڌ مٿان ڪڪر ڪپار ڪري بيٺو آهي ۽ جهڙ نيڻون لهڻ جو نالو نه ٿو وٺي. هيءَ موسم اها البيلي موسم آهي، جنهن ۾ صرف سڪا گاهه ئي نه سڪا ساهه به ساوا ٿي ويندا آهن. پر افسوس صد افسوس انهن سمورين سرڪارين تي جن جي مسلسل منفي ڪارڪردگين سبب سنڌ ڪڏهن ڪڏهن ايندڙ بسنت جي برسات جو لطف به ماڻي نه ٿي سگهي. جنهن طرف تڪ، جنهن پاسي نهار ته هڪ ماتم آهي. درد آهي. دانهون آهن. انسانن جون آهون آهن. اهو سسٽم آهي، ڪرپٽ سسٽم، جنهن پاڻيءَ واري بهار کي باهه جهڙي خزان بڻائي ڇڏيو آهي.
اهڙي ڪيفيت آمر ايوب جي دور ۾شيخ اياز ڪجهه هن ريت چٽي هئي:
“اڄ گوڏي جيڏو مينهن وٺو
ڪي هٿ دعا کان بان ٿا ڪن
دور ستارا ٽم ٽم ڪن
۽ ڏيڏر در تي ٽان ٽان ڪن
اي ماءُ اڃان به آهرڙ ۾
هو ڪونه آيو، هو ڪونه آيو!
مون روز مڃر جي ٽارين جا
ٿي ڍير لڳايا آڳر ۾
هو ڪرهو ڪاهي اچڻو هو
پر منهنجي ڪاڻياري ڪر ۾
هو ڪو نه آيو، هو ڪو نه آيو!!”
مند جيڪڏهن ملاقات جو ڪارڻ نه بڻجي ته پوءِ بهار به سوريءَ سزا وار بڻجي ويندو آهي. اهو ڪجهه سنڌ سان مسلسل ٿي رهيو آهي. سنڌ جي عوام جي ان انصاف سان هن مهل تائين ملاقات ٿي نه سگهي، جنهن ملاقات ۾ سنڌ کي اهو حق حاصل ٿيندو، جنهن حق کان پوءِ مظلوم مسڪرائيندا آهن.
ڪيترو خوبصورت هوندو آهي، مظلومن جو مسڪرائڻ!!
جڏهن آلين اکين سان ڪوئي کلندو آهي، تڏهن واقعي پنهنجا سور به پل لاءِ وسري ويندا آهن!!
سنڌ مسلسل سورن ۾ آهي. سنڌ هڪ اهڙي ڪيفيت ۾ آهي، جنهن ڪيفيت کي هندي ٻوليءَ جي هن سٽ ۾ بيان ڪيو ويو آهي:
“آلي بن ڪي لڪڙي جيسي
سلگت هون دن رين!!”
سنڌ به هن ساوڻ ۾سلگي رهي آهي. دکي رهي آهي. سنڌ جون دانهون ۽ آهون ڪير ٻڌي؟
ڇا سنڌ اڃان به انصاف جي اميد انهن مان رکي جيڪي اقتدار جا واپاري آهن؟ جن لاءِ ماڻهو صرف ووٽ آهن. جن جي منزل ۽ جن جو مقصد صرف نوٽ آهن. نوان نوان نوٽ. يورپ جا يورو. برطانيا جا پائونڊ ۽ آمريڪا جا ڊالر. نوٽ. نوٽ ۽ صرف نوٽ!!
سنڌ کي جيڪڏهن انهن اقتداري ڌرين کان انصاف ملي ها ته هيءَ موسم ڪيتري نه خوبصورت هجي ها؟
هيءَ موسم جنهن کي ڪنهن به طرح سان خطرناڪ ڪوٺي نه ٿو سگهجي. ڇو ته هيءَ اها موسم ناهي، جنهن ۾ طوفاني برساتون پهاڙن کي به پاڙان پٽڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. هيءَ اها موسم ناهي، جنهن ۾ تمام تيز هوائن ۾ صرف پکين جا آکيرا ئي نه پر وڻن جا ڏار به اڏامي ويندا آهن ۽ نه صرف ڏار پر پاڻ وڻ به ڪک پن بڻجي ويندا آهن. هيءَ اها موسم ناهي، جنهن جا منظر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن آمريڪا جي ساحلي شهر ۾ نظر ايندا آهن، جن ۾ ماڻهن جي گهرن جا ڪمرا ڪشتين وانگر لڙهندا ويندا آهن. جڏهن زندگي پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندي نظر ايندي آهي. هيءَ اها طوفاني برسات ناهي، جنهن ۾ قدرت پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي آهي. هي اهڙي برسات ناهي، جنهن مان پناهه پني ويندي آهي!
هيءَ ته اهڙي مند ۽ موسم آهي، جنهن ۾ ڇٽي به کولبي آهي. هيءَ ته رم جهم آهي. هيءَ ته اها برسات آهي، جنهن ۾ آسمان جا بند نه ٽٽندا آهن. هيءَ اها برسات آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ لا موسم ئي مڌ ۽ موسم ئي موسيقي ٿي ويندي آهي. هن شراب ۽ هن راڳ جهڙي موسم خلاف ٻه اکر لکندي به تمام گهڻي تڪليف محسوس ٿي رهي آهي.
پر ڇا ڪجي؟ مجبوري آهي. جڏهن ماڻهو جنت جهڙي موسم ۾ جلندا نظر اچن. جڏهن ماڻهو ساوڻ جي مينهن ۾ سسٽم جي ڪرپشن سبب سڙندا ڏٺا وڃن. تڏهن ڪوئي ماٺ ڪيئن ڪري؟
سنڌ هن موسم ۾ جيڪو عذاب محسوس ڪري رهي آهي، اهو قدرتي ناهي. اهو فطرت طرفان ناهي. اهو سياست جي طرفان آهي. اهو سرڪاري آهي. ان ۾ حڪومت جو هٿ آهي. ڇو ته سنڌ ۾ ڪو به ڪم ايترو بهتر نه ٿيو آهي جو اهو ڪنهن موسمياتي آزمائش جو مقابلو ڪري سگهي.
جهڙي ريت سهڻيءَ کي درياهه ۾ ڪچي گهڙي ٻوڙيو هو، تهڙي طرح سنڌ کي ڪرپشن جي ڪچي گهڙي هن نينهن جهڙي مينهن ۾ موت جو ذائقو چکايو آهي. اهو ظلم آهي. اهو ستم آهي. اهو انياءُ آهي. اهو ڪنهن به طرح سان نه سهي سگهڻ جهڙو گهاءُ آهي.
اها ڪا تمام قديم ۽ تاريخي ڳالهه ناهي. اها ڪالهه جي ياد آهي. جڏهن سنڌ جا ٻار مينهوڳيءَ ۾ ڪٺا ٿي ۽ هڪ ٻئي جا ننڍڙا هٿ پڪڙي، گول ڦيريون پائي، اهو ڳائيندا هئا:
“وس وس مينهن
ڏهه ڏهه ڏينهن!!”
هاڻي به ايترائي ڏينهن ٿيا آهن. پر ايترن ڏينهن ۾ پورو سسٽم بلاڪ ٿي ويو آهي. سنڌ هن ساوڻ رت ۾ دانهون ڪرڻ لڳي آهي.
۽ اهي دانهون پيار جون پڪارون ناهن، جن تي دل داد ڏئي. اهي پڪارون انصاف لاءِ آهون دانهون آهن.
ماڻهو مينهن سبب مري رهيا آهن. مينهن سبب انهن جا گهر لڙهي رهيا آهن. مينهن سبب انهن جا روزگار رڪجي ويا آهن. مينهن سبب انهن جون چلهيون اجهامي ويون آهن. مينهن سبب انهن جا ٻار بک تي ٻاڪارن ٿا. مينهن سبب انهن جي حياتيءَ جو جهڙو تهڙو سسٽم سڪي ٿي ويو آهي. ڇو؟ ڇو ته فطري واٽون بند ڪيون ويون آهن. فطري واٽن جي مٿان قبضا ڪيا ويا آهن. فطري وهڪرا رڪجڻ سبب ماڻهن جا گهرڙا ماحول جا اهي گٽر بڻجي ويا آهن، جيڪي اٻڙڪا کائي ٻار ڳڙڪائي ويندا آهن. جڏهن گهرن گٽرن جو پاڻي ڪاهي پوي ۽ زندگي ڪاغذ جي ڪشتيءَ وانگر ترڻ لڳي، تڏهن ڪير ڳائيندو جگيجت جو اهو پيارو گيت، جنهن ۾ دولت ۽ شهرت واپس ڪري صرف بارش جو پاڻي ۽ ڪاغذ جي ڪشتيءَ جي تمنا ڪئي ويندي آهي.
تمنائون تباهه ٿي ويون آهن، هن ڪرپٽ سسٽم سبب!!
آسون نراسون ٿي ويون آهن، انهن حڪومتن جي ڪري!!
انصاف لاءِ ڪهڙي دانهن ڪٿي ڏجي؟ ڪنهن جو در کڙڪائجي؟ جڏهن ته منصف بيحد مصروف آهن، ڪرپٽ سياست جي اقتداري چال بازين ۾ آئيني نقطا تلاش ڪرڻ جي سلسلي ۾!
هن موسم ۾ ته ڪورٽون عوام جون شڪايتون ٻڌن.
هن موسم ۾ ته عدالتون اهو ڏسن، ڪهڙو شهر ٻڏي ويو آهي ۽ ڪهڙو شهر ٻڏڻ وارو آهي؟
هن موسم ۾ عدالتون ڪرپٽ ڪامورن جي ڪنڌن ۾ قانون جو پٽو وجهن ۽ انهن کان پڇن ته هي پاڙو ڇو ٻڏو؟ هي گهر ڇو ڪريو؟ هي ٻار ڇو مئو؟
هن موسم ۾ رياست جي ادارن جي مصروفيت جو موڊ ئي الڳ هجڻ گهرجي پر آهي نه؟
هن موسم به ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه واري ڪار لڳي پئي آهي.
هن موسم ۾ مينهن ايمرجنسيءَ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي پر هجي جو راڻو راڻي ملڪ ۾ جو ان کان پڇا ڪجي ته ايترو ٿورو مينهن ايتري ايمرجنسيءَ جو باعث ڪيئن بڻيو؟
هيءَ موسم محبت جي موسم هجڻ گهرجي.
هيءَ موسم دهشت جي موسم بڻجي وئي آهي.
آفريڪا جي هڪ باغي شاعر لکيو هو:
“دوست! ياد رک
ڪڏهن به ڪجهه پاڻ نه ٿيندو آهي
سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪيو ويندو آهي”
جيڪو ڪجهه اسان لکون ٿا ته “ٿي ويو آهي”
اصل ۾ اهو ڪجهه “ڪيو ويو آهي”
پر وري به اهو سوال واپس ورڻ ٿو چاهي ته “آخر ڪيستائين؟”
ڇا سرحدون صرف ملڪن جون هونديون آهن؟
ڇا ماڻهن جي سهپ جي ڪا سرحد نه هوندي آهي؟
جنهن ڏينهن عوام پنهنجي پٺ تاريخ جي ڀت سان لڳندي محسوس ڪئي، تنهن ڏينهن اهو ڪجهه اوس ٿيندو، جيڪو تمام اڳ ٿيڻ کپندو هو!
هن مهل تائين ته سنڌ جي صورتحال اهڙي آهي، جهڙي اها سٽ ته:
“هڪ سسئي ٻيو سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾”
مون کي معلوم ناهي ته اهو بيت ڪنهن جو آهي؟ ڪي ٿا چون ته ڀٽائيءَ جو آهي ۽ ڪي ٿا چون ته ڪنهن ٻي جو آهي. پر جنهن جو به آهي. ڪمال جو آهي. اهو بيت:
“پئي جا پرڀات، ماڪ نه ڀائنيو ماڻهان
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي!”
ساڳي طرح اهڙي ئي ڪيفيت سر سارنگ جي انهن سٽن ۾ سرجي آئي آهي:
“مينهان ۽ نينهان اکر ٻيئي هيڪڙو
جي وسڻ جا ويس ڪن ته ڪڪر ڪن ڪيهان
بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين”
هن ڀيري سنڌ جي آسمان تي بادل ڌرتيءَ تي ٻڏندي ٻاڪاريندڙ ماڻهن جي حال کي ڏسي روئي رهيا آهن.
هن حال ۾ “ڪڪر ڪن ڪيهان” جي معنيٰ تبديل ٿي وئي آهي.
پر ڪيئن چئون ته “ٿي وئي آهي”
اچو ته چئون “ڪئي وئي آهي!!”