رئوف نظاماڻي
آڪٽوبر انقلاب ويهين صدي جو هڪ وڏو ۽ اهم واقعو هو ۽ ساڳي ريت ان ئي صدي ۾ سوويت يونين جو ڊهڻ پڻ هڪ اهم واقعو آهي. گوربا چيف ان جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. پريسترئيڪا ۽ گلاسنوست جو خالق جنهن سوويت يونين جي سياسي، معاشي ۽ سماجي طرح نئين سر اڏاوت ڪرڻ چاهي ٿي نيٺ ان جي ڊهڻ ۽ وکرجڻ جو باعث بڻجي ويو. ان سڀڪجھه جي ٿي وڃڻ کانپو گورباچيف پنهنجي ڪتاب On My Country and the World ۾ اهو ٻڌايو آهي ته اهو سڀڪجھه ڇو ۽ ڪيئن ٿيو.
ويهين صدي جي شروع جو روس، جيئن عام طور سمجھيو وڃي ٿو، معاشي، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان هڪ پٺتي پيل ملڪ نه هو. صنعتي ۽ زرعي پيداوار جي لحاظ کان اهو گھڻن يورپي ملڪن کان اڳتي هو. عالمي معيار جو ادب تخليق ٿي رهيو هو. ساڳي وقت 1905 جي عوامي اڀار کانپو آئيني ۽ سياسي تبديليون ۽ سڌارا ڪيا ويا هئا جنهن جي ڪري پارليمينٽ يا دوما ۾ مختلف سياسي جماعتن جي نمائندگي هئي. اهو سلسلو اڳتي وڌي رهيو هو پر زار پنهنجي ڪزن جرمني جي قيصر وليم جي چڙ ڏيارڻ تي پهرين مهاڀاري جنگ ۾ شامل ٿي ويو. هو جيڪڏهين ان وقت آمريڪا جيان، جيڪو جنگ ۾ آخر ۾ وڃي شامل ٿيو هو، پاسي تي رهي ها ته ملڪ جي ترقي جاري رهي ها ۽ افراتفري واري صورتحال پيدا نه ٿئي ها.
جنگ معاشي ۽ سياسي لحاظ کان هڪ عدم استحڪام واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ماني، آزادي ۽ امن ماڻهن جون عام گھرون ٿي پيون. ان صورتحال جي نتيجي ۾ فيبروري 1917 جو انقلاب آيو. ليکڪ جي چوڻ موجب اهو هڪ بورجوا انقلاب ۽ نهايت اهم واقعو هو. پر ان جا اڳواڻ ان کي سنڀالي نه سگھيا ۽ ماڻهن جي گھرن کي پورو ڪري نه سگھيا. ان وقت سياستدان ان ڳالهه لا تيار نه هئا ته ماڻهن جو آئندي جو قدم ڪهڙو هوندو. لينن ان وقت زيورچ ۾ هو ۽ هن پاڻ اهو چيو هو ته موجوده نسل جي نصيب ۾ انقلاب ڏسڻ ناهي.
پر آڪٽوبر انقلاب ماڻهن جي ضرورت هو. ليکڪ جو خيال آهي ته جيتوڻيڪ ان وقت تبديلي ناگزير هئي پر انقلاب جي بجائي هڪ ارتقائي عمل جي ضرورت هئي. ڇاڪاڻ ته انقلاب جا نهايت خراب اثر ٿين ٿا. سندس خيال ۾ اهو انقلاب سوشلسٽ نه پر هڪ بورجوا انقلاب هو ۽ لينن پاڻ شروعات ۾ ٻه ٽي ڀيرا ان ڳالهه کي ورجايو هو. سندس چوڻ هو ته انقلاب جي ڪاميابي جو دارومدار بالشويڪ، منشويڪ ۽ سوشلسٽ انقلابين جي اٽحاد ۽ اقتدار سوويتن کي ڏيڻ تي آهي. لينن جي نئين معاشي پاليسي ان سوچ جو مظهر هئي پر ان سلسلي ۾ کيس پارٽي اندر گھڻي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ايستائين ته مٿس ترميم پسند هئڻ جو الزام مڙهيو ويو.
جيڪڏهين ان ڳالهه تي عمل ڪيو وڃي ها ته گھرو ويڙهه کان بچي سگھجي ها جنهن ۾ تمام گھڻو نقصان ٿيو. اٽڪل ويهه لک ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏي پرڏيهه هليا ويا. ان ويڙهه ۾ ٻيئي ڌريون محب وطن هيون. ان جو ثبوت هو اهو ڏئي ٿو ته اڇا ٻي مهاڀاري جنگ ۾ سوويت يونين پاران وڙهيا ۽ گھڻا ان ۾ مارجي ويا. ڳاڙهن کي گھرو ويڙهه ۾ ان ڪري سوڀ حاصل ٿي ته انهن ماڻهن کي زمين ڏني جنهن جي ڪري کين ماڻهن جي مدد ۽ پٺڀرائي حاصل هئي.
ڪجھه ئي عرصي ۾ ملڪ ۾ هڪ جماعتي نظام قائم ڪيو ويو. اظهار رائي جي آزادي کي ختم ڪيو ويو. پارٽي اندر ۽ ٻاهر مخالفت کي تشدد ۽ طاقت وسيلي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. 1930 جي ڏهاڪي تائين پارٽي جو گھڻي ڀاڱي پراڻو ڪيڊر منظر تان هٽي ويو. ان ڳالهه لا هڪ مک جواز سوويت انقلاب کي ختم ڪرڻ لا ٻين ملڪن جي مداخلت هئي. ڪنهن به مخالف تي ٻاهرئين ملڪ جي ايجنٽ ۽ انقلاب دشمن هئڻ جو ڏوهه مڙهي ان کي سزا ڏيڻ ۽ ختم ڪرڻ هڪ سولو ڪم هو. گھرو ويڙهه ۾ اٽڪل چوڏنهن ٻاهرين ملڪن جي انقلاب مخالف اڇن کي حمايت حاصل هئي. انقلاب گھڻن ملڪن جي عوام کي پنهنجن حڪمرانن خلاف اٿي بيهڻ جو حوصلو ڏنو هو ۽ ساڳي وقت سوويت يونين پاران عالمي انقلاب جي پاليسي تي عمل ڪندي انهن ملڪن جي عوام کي مدد به ڏني پئي ويئي. ان انقلاب نوآبادياتي ملڪن جي عوام جي جدوجهد کي هڪ اتساهه ڏنو هو. ان ڳالهه يورپ ۽ آمريڪا جي حڪمرانن ۾ هڪ تشويش پيدا ڪري ڇڏي هئي. آمريڪي صدر ووڊرو ولسن ۽ يورپ جي ملڪن جا حڪمران ان ڳالهه ۾ بلڪل واضح هئا ته ان خطري کي جيترو جلد ختم ڪري سگھجي اوترو چڱو.
اسٽالن پنهنجي ذاتي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ ۽ شخصي آمريت قائم ڪرڻ لا گھڻا قدم کنيا پر ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ان دور ۾ سوويت يونين صنعتي ترقي ڪئي ۽ ساڳي وقت ماڻهن کي روزگار ۽ تعليم وغيره جون سهولتون مليون ۽ ملڪ مان بيروزگاري اٽڪل ختم ٿي ويئي.
1956 ۾ پارٽي جي ويهين ڪانگريس ۾ خروشيف پاران اسٽالن جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي ويئي. گورباچيف ان کي پريسترئيڪا جي شروعات چئي ٿو. پر ان وقت پارٽي ۾ اسٽالن جي دور جون باقيات ۽ نفسيات حاوي ۽ مضبوط هئي. خروشيف کي گھڻو عرصو هلڻ نه ڏنو ويو ۽ کيس جلد ئي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان هٽايو ويو. ان کانپو برزنيف جو دور هڪ جمود جو دور هو، جنهن ۾ ماڻهن کي شخصي آزادين ۽ انساني حقن جي لحاظ کان ڪو ريليف نه ڏنو ويو.
گورباچيف جو چوڻ آهي ته هن ملڪ ۾ جيڪي سڌارا آڻڻ چاهيا ٿي انهن جي خلاف قدامت پرستن پاران هڪ مزاحمت موجود هئي، جنهن جي ڪري پريسترئيڪا سان گڏ گلاسنوسٽ يعني ماڻهن کي انهن سڌارن متعلق آگاهه رکڻ ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ ضروري هو. ان ڪري ئي هو قدامت پسندن جي مزاحمت کي منهن ڏيئي سگھيو.
قومي مسئلو سوويت يونين جو هڪ اهم مسئلو هو. اسٽالن پاران ٻي مهاڀاري جنگ ۽ ان کان اڳ گھڻين قوميتن جي ماڻهن کي مختلف ڪارڻن جي ڪري هڪ جا کان ٻي جا تي منتقل ڪيو ويو هو. تاتارين کي جنگ ۾ جرمنن جو ساٿ ڏيڻ جي شڪ ۾ ڪريميا مان ٻين مختلف رياستن ۾ منتقل ڪيو ويو هو. ساڳي ريت روس ۾ رهندڙ جرمن نسل جي ماڻهن کي پڻ مختلف رياستن ۾ رهايو ويو هو. گورباچيف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپو اهي مسئلا اڀري سامهون آيا. تاتارين ڪريميا وڃڻ لا احتجاج ڪرڻ شروع ڪيا. ان خيال سان ته انهن جي موٽڻ سان ڪريميا جي آبادي جي بيهڪ ۾ فرق پوندو ۽ اتان جا ماڻهو ان کي قبول نه ڪندا اهو فيصلو ڪيو ويو ته انهن کي ازبڪستان ۾ رهايو وڃي. ساڳي ريت مارچ اپريل 1986 ۾ ياڪوتا يونيورسٽي ۾ ياڪوتي ۽ روسي نسل جي شاگردن ۾ جھيڙا ٿيا. ان ئي سال ڊسمبر ۾ قزاقستان جي شهر الما اتا ۾ هڪ روسي کي قزاقستان جي پارٽي جو اڳواڻ مقرر ڪرڻ تان مظاهرا شروع ٿي ويا. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ متعلق پارٽي اندر اختلاف موجود هئا. ماسڪو ۾ اڃا ان ڳالهه تي سوچ ويچار ٿي رهيو هو ته جارجيا جي مسئلي ۽ تبلسي ۾ هلندڙ مظاهرن کي ڪيئن منهن ڏجي. مختلف نمئندن کي اتي ڳالهه ٻولهه لا موڪليو ٿي ويو. ان دوران فوج پاران پنهنجي ليکي ڪاروائي ڪندي گھڻن مظاهرين کي ماريو ويو. جڏهين ان ڳالهه جي پڇا ڪئي ويئي ته خبر پيئي ته پارٽي جي ڪجھه اڳواڻن پاران فوج کي اهڙي ڪارروائي لا هدايتون ڏنيون ويون هيون.
ٻئي پاسي رشين فيڊريشن جو صدر بورس يلسن پنهنجي ليکي سرگرم هو. سندس چوڻ هو ته روس ٻين پٺتي پيل رياستن جو بار وڌيڪ دير تائين نه ٿو کڻي سگھي. هن بظاهر ته اهو ڏيک ڏنو ٿي ته هو سوويت يونين کي برقرار رکڻ جي حق ۾ هو پر ٻين رياستن جي اڳواڻن ۽ خاص طور يوڪرين ۽ بيلا رس سان گڏجي هو هڪ ٻي راند کيڏي رهيو هو ۽ نيٺ انهن ٽنهي گڏجي پنهنجي ليکي سوويت يونين کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گورباچيف تي ان ڳالهه لا گھڻو دٻا هو ته ان صورتحال کي ماضي جيان طاقت ذريعي منهن ڏجي ۽ سوويت يونين جي وفاق کي برقرار رکجي. گورباچيف ان ڳالهه جي حق ۾ نه هو ۽ هن معاملن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ چاهيو ٿي. هن اهو ڏسڻ لا ته آيا سوويت يونين جي مختلف رياستن جو عوام وفاق کي برقرار رکڻ جي حق ۾ آهي يا نه مارچ 1991 ۾ ريفرينڊم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ اٽڪل اسي سيڪڙو ماڻهن وفاق کي برقرار رکڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. پر روس، بيلا رس ۽ يوڪرين جي اڳواڻن پاران ڊسمبر 1991 ۾ وفاق کان ڌار ٿيڻ ۽ سوويت يونين کي ختم ڪرڻ جي اعلان سوويت يونين جي قسمت تي مهر هڻي ڇڏي.
گورباچيف اها ڳالهه ڪري ٿو ته سوويت يونين جي خاتمي جو مک ڪارڻ ماڻهن کي جمهوري حق ۽ اظهار جي آزادي نه ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ هڪ آمرانا نظام قائم ڪرڻ هو. سرد جنگ ۽ هٿيارن جي ڊوڙ پڻ سوويت معيشت کي گھڻو متاثر ڪيو هو. ان سلسلي ۾ افغانستان ۾ فوجي مداخلت هڪ مهانگو سودو هو.
گورباچيف اها ڳالهه به ڪري ٿو ته سوويت يونين جي وکرجڻ جو مطلب سوشلزم جي نظرئي جو ختم ٿيڻ ناهي. دنيا ۾ جيستائين بک، بيماري ۽ معاشي اڻ برابري موجود آهي تيستائين سوشلزم جو نظريو ختم نه ٿو ٿي سگھي ان مقصد لا هو عالمي پئماني تي هڪ نئين سوچ ڏئي ٿو.