دنيا ۾ تاريخ کي مذھب ڪري پيش ڪرڻ يا مذھب کي تاريخ بڻائي پيش ڪرڻ ٻھ متضاد شيون آھن. مذھب عقيدن جي بنياد تي ھوندو آھي جنھن ۾ سنھري اصول تھ ٿي سگھن ٿا پر انھن کي عقلي يا سائنسي طرح نھ ڏٺو ويندو آھي جڏھن تھ تاريخ زميني حقيقت ھوندي آھي جنھن ۾ فرد، واقعا، قبيلا، گروھ يا سلطنتون جڙيل ۽ اسريل ھونديون آھن. جيڪڏھن تاريخ کي مقدس بڻايو ويندو تھ زميني حقيقتون بھ مذھب بڻجي وينديون پر جيڪڏھن واقعن، فردن يا لقائن کي مذھب بڻايو ويندو تھ اصل حقيقتون بنھه سامھون نھ اينديون. ساڳي ريت جيڪڏھن مذھب کي تاريخ جي لبادي ۾ اوڍيو ويندو تھ اصل مذھب غائب ٿي ويندو ۽ حاڪم طبقي جو مذھب نروار ٿي غالب ٿي رھندو ۽ پوءِ غالب ٿيل قبيلي يا گروهه جا پنھنجا من پسند عقيدا ٿاڦيا ويندا ۽ انھن جو پرچار ۽ ڦھلاءُ جاري رھندو ۽ اصل مذھب پس پرده ھليو ويندو، جنھن سان گروھي، قبيلائي يا خانداني حڪومتون ۽ نظريا تھ پروان چڙھندا پر اڳتي ھلي ڪيترن ئي بنيادن تي اختلاف پيدا ٿيندا.
دنيا جون تقريبن سموريون بيٺڪيتون مقدس نالن سان اسريل نظر اينديون آھن. اھو قديم ويدن وارو نظام ھجي يا سناٿن ڌرمن وارو، اھو يونانين جو ھجي يا رومين جو يا کڻي جديد بيٺڪيتن ۾ انگريز بيٺڪيت ھجي، انھن سمورن بيٺڪيتن ڪنھن نھ ڪنھن نموني پنھنجي بيٺڪيت واري حملي، يلغار يا غلبي کي مقدس ئي تصور ڪيو آھي، جنھن جي ڪري حاڪميت ھيٺ آيل قومن جا پنھنجا قدر، نظام يا ويليو ختم يا نيچ ڪري ڏيکاريا ويندا ۽ انھن جي تھذيب يا ثقافت کي حاڪم قبيلو رسوا ڪري پيش ڪندو. بيٺڪيتي نظام جو جڏھن مطالعو ڪيو ويندو آھي تھ ان مطابق فقط اھو نھ ڏٺو ويندو آھي تھ ڪھڙي طاقتور ڌر ڪنھن ڪمزور يا ھيٺئين قوم تي قبضو ڪري زير ڪري مفتوح بڻائي ويٺي آھي پر اھو بھ ڏٺو ويندو آھي تھ انھي سموري لقاءُ ۾ فاتح ۽ مفتوح جي وچ ۾ معاشي، سماجي ۽ سياسي توازن ڇا آھي. نھ فقط اھو پر اھو بھ ڏٺو ويندو آھي تھ مفتوح قوم وٽ معاشي حالتون يعني وسيلا ۽ ذريعا ڪيترا آھن ڇو تھ تاريخ ٻڌائي ٿي طاقتور شھنشاھتن پنھنجي حملي يا فتحن جو سلسلو گھڻي ڀاڱي اتي شروع ڪيو جتي کين مال غنيمت ۽ وسيلن سان شاھوڪار سرزمين ھئي، جتان کين نھ فقط فوجي خرچو نڪري پر شھنشاھتون بھ شاھوڪار ٿين ۽ پوءِ وسيلا لٽي ڦري کڻي وڃي پنھنجي طاقتن کي وسعتون ڏين. دنيا ۾ ايئن ڪٿي بھ ڪونھ ٿيو آھي تھ ڪنھن اھڙي قوم يا سرزمين تي ڪنھن طاقتور شھنشاھتن فقط ڪنھن عقيدي يا ڪنھن فرض جي بجا آوري لاءِ حملو ڪيو ھجي ۽ مقامي ماڻھن کي سڌاريو يا سنواريو ھجي يا مقامي مفتوح قومن جي ڀلائي لاءِ ڪو ڪم ڪيو ھجي.
فاتح قومن يا شھنشاھتن جو ھڪڙو ٻيو طريقو بھ رھيو آھي تھ انھن سدائين مفتوح قومن ۾ عيب ۽ برايون ڏٺيون آھن، سدائين مفتوح قومن جي جاھليت يا وحشي پڻي کي پروپئگنڊا بڻايو آھي. دنيا جي بيٺڪيتي نظامن يا ڪالونائيزرس ڪڏھن ايئن نھ ڪيو آھي جو مفتوح قومن جي شاھوڪار ثقافتن جا امين ٿيا ھجن يا انھن کي مٿاھين حيثيت تي رکيو ھجي يا انھن کي عزت ڏني ھجي. ان ڪري دنيا جي تاريخ حملن سان ڀري پئي آھي، جنھن جو سڌو سنئون واسطو معاشي استحصال ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ھوندي آھي.
“بنت داھر” يعني راجا ڏاھر جي ڌيءَ جنھن کي ناول نگار صفدر زيدي پنھنجي ناول ۾ ھڪ ھيروئين ڪري پيش ڪيو آھي بلڪل ايئن جيئن لطيف سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ سورمين کي ڳايو آھي. صفدر زيدي جي ناول جو جنس نازڪ يعني عورت طاقت کي اوليت ڏيڻ لطيفي روايت جو تسلسل پڻ آھي. ھي ناول 334 صفحن تي ڦھليل آھي جنھن ۾ ٻھ ڀيرا ارپنا يعني ارپنا ٿيل آھي. پھرين ارپنا مفتوح قومن جي نالي سان آھي تھ دنيا ۾ فاتحن کي گھڻو ئي ڳايو ۽ اپنايو ويو آھي ۽ انھن جي تعريف ۾ تاريخون لکيون ويون آھن پر مفتوح قومن جي مظلوميت تي تاريخ گھڻي ڀاڱي نھ رڳو خاموش آھي پر انھن تي تاريخي تناظر ۾ لعنت ملامت ۽ عيب جوئي ڪئي وئي آھي. ٻي ارپنا ناول جي آخر ۾ آھي جيڪا راجڪماري يعني راجا ڏاھر جي ڌيءُ جي نالي سان آھي ڇا ڪاڻ تھ سمورو ناول مکيھ طور تي راجڪماري جي جدوجھد، استدلال، ھمت، فھم ۽ فراست تي لکيل آھي.
ناول جي تاريخي حقيقتن تي ڪوئي بھ ماڻھو اختلاف ڪري سگھي ٿو ۽ تنقيد بھ ڪري سگھي ٿو، جيڪو ھر ڪنھن جو حق آھي. ٻي ڳالهھ تھ ھي ناول ھڪ فڪشن آھي تاريخ نھ آھي. فڪشن ۾ فڪشن نگار تاريخ ۾ موجود شڪ جي گنجائش تي پنھنجو تصوراتي داستان ۽ تصوراتي ڪھاڻي لکي سگھي ٿو ڇو تھ دنيا ۾ تصوراتي تاريخ يعني Imaginative History جو تصور موجود آھي. جتي تاريخ واضح نھ آھي، جتي تاريخ صرف فاتحن جي قصيده گوئي آھي، اتي تخليقي ليکڪ پنھنجي تصوراتي حس کي استعمال ڪندي ان وقت جي تاريخ جي آثارن مان موجود مثال يا حوالا ڏسي ھڪڙي تصوراتي ڪھاڻي لکي سگھي ٿو. جنھن جو ڀرپور استعمال ڪندي ناول نگار صفدر زيدي ھي ناول تخليق ڪيو آھي.
ناول جي شروعات عرب خاندان اميھ شھنشاھت جي خليفي وليد جي درٻار مان ٿئي ٿي، جتي عرب ڪلچر ۽ درٻار جي ريتن رسمن ۽ ڪاروھنوار کي ڏيکاريو ويو آھي. اتي اميھ خليفي وليد طرفان مختلف رياستن جي گورنرس کي گھرائي ھڪڙي گڏجاڻي ڪري ٿو ۽ آخر ۾ فارس جي گورنر حجاج بن يوسف سان اڪيلائي ۾ ملي فارس ۾ فسادن بابت پڇا ڪري ٿو تھ حجاج بن يوسف پاران باغين ۽ فسادين کي ڪچلڻ جي حڪم عملي ٻڌي خليفو خوش ٿئي ٿو ۽ اتي ئي حجاج بن يوسف خليفي کي سنڌ جي فتح ڪرڻ جي ارادي بابت ٻڌائي ٿو. سندن چوڻ ھوندو آھي تھ “خلافت ڪو مزيد فتوحات ڪي ضرورت ھي، ڪشورڪشائي ھي خالي ھوتي ھوئي بيت المال ڪو بھر سڪتي ھي. فتوحات اور نئي مھم جوئيان ھي پزمرده افواج مين نئي ولولي جگا سڪتي ھي، نئي اقوام پر غلبھ ھي ھماري جانباز سپاھيون ڪي ھمتون ڪو مھميز دي سڪتا ھي. ان ڪي تلوارون ڪو ڪفار، مشرڪين و ملحدين ڪي لھو سٿ غسل دي ڪر نئي آب و تاب دينا ھوگي.” انھي گفتگو مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ فارس ۾ اڀريل انتشار جو سبب خلافت جي بيت المال ۾ موجود مال جي تنگي ھئي ۽ مختلف رياستن ۾ سپاھين وٽ رسد وسامان جي شديد کوٽ ھئي. ان شديد کوٽ ۽ مالي بحران کي وري مشرڪين ۽ ملحدين يا نين رياستن جي فتوحات سان ڳنڍڻ دين جي خدمتگذاري جو نالو ڏنو ٿي ويو. خلافت ۾ موجود ان وقت جي معاشي حالتن جو درست تجزيو تھ تاريخدان ڪري سگھن ٿا پر ھن ناول ۾ اھي نشانيون سنڌ جھڙي شاھوڪار خطي جي فتح جو سبب ھيون، ٻيو تھ تاريخ ۾ موجود عربن جي ان کان اڳ 16 حملن جو سبب بھ نظر اچي ٿو ورنھ اسلام تھ ٻين صورتن ۾ بھ ڦھلجي سگھجي پيو. اڳتي ھلي حجاج بن يوسف خليفي وليد سان سنڌ جي فتح جو اشارو ھيئن ڏئي ٿو. خليفو وليد کانئس پڇي ٿو تھ “والد محترم ڪي دورِخلافت ۾ آپ ني سنڌ ڪو فتح ڪرني ڪي منصوبي سي متعلق ايڪ دستاويز تحرير ڪي ٿي، جو مين ني بھي پڙھي تھي. آپ ڪي يھ تحقيقي دستاويز ڪئي برس پھلي ڪي ھي. اب سنڌ ڪي صورتحال ڪيسي ھي؟” جنھن جي جواب ۾ حجاج بن يوسف چوي ٿو؛
“سنڌ ڪي حڪمران مھاراجھ داھر ني اپني حڪمراني ڪي ابتدا ھي سي خلافت ڪي مخالفين عربون اور بلادِ خلافت سي بھاگ نڪلني والي فارس آتش پرستون ڪو پناهه ديني ڪا سلسلھ جاري رکا ھوا ھي. مھاراجھ ڪي پناه ديني ڪي روايت سي فائده اٺا ڪر ھم ني ڀي اپني جاسوس سنڌ مين پناه گزينون ڪي بھيس مين بھيجنا شروع ڪرديي ٿي. ڪئي برس وھان رهه ڪر ھماري جاسوسون ني مقامي زبانون پر دسترس حاصل ڪري لي ھي. بھت سي جاسوسون ني حڪومتي ادارون اور اھلڪارون سي ڀي تعلقات استوار ڪر ليي ھين. ان ڪي بھيجي ھوئي معلومات ڪي روشني مين اب ھم سنڌ پر حملھ ڪرني ڪي بھتر حڪمت عملي تيار ڪرني ڪي قابل ھو گئي ھين.”
(ھلندڙ(