ادارن ۽ فردن جي بحث جو سوال هڪ دفعو وري شدت سان اڀري آيو آهي توڙي جو ان سوال يا موضوع تي شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن گذريو هجي جو بحث نه ڪيو ويو هجي يا بحث ٿيندي نه ٻڌو وڃي ۽ نه نظر اچي. هي بحث انهيءَ ڪري به اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو فرد جي اهميت ۽ افاديت کان دنيا جو ڪو به معاشرو يا سماج انڪار نٿو ڪري سگھي ۽ نه وري انهيءَ جي فائدي سان گڏوگڏ ان جي نقصانن کان ڪو انڪار ڪري سگھي ٿو. هن رياست جي اندر ادارن ۽ فردن جي اختيارن ۽ ٽڪرائن تي ته عمومي بحث ٿيندو رهيو آهي پر خاص ڪري جڏهن ڪي تضاد انتظامي حڪومتي يا سياسي شدت ٿا اختيار ڪن ته وري وري هي بحث مرڪزي حيثيت اختيار ڪندي بحث جو موضوع بڻجي ٿو وڃي. اهوئي سبب آهي جو سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ جي فيصلي کان پوءِ ٻه نقطه نظر سامهون اچي رهيا آهن هڪ اتحادي حڪومت جو جن سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پنجاب اسيمبلي ۾ وزير اعليٰ واري چونڊ تي آرٽيڪل 63 جي تشريح جي روشني ۾ داخل ريفرنس تي اتحادين طرفان ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي صدر پاران ڪورٽ کان اها گھر ڪئي وئي ته هن ڪيس جي ٻڌڻي فل ڪورٽ ڪري ته جيئن آرٽيڪل ٽي جي تشريح جو افهام ۽ اختلاف ختم ٿيندي هڪ رخ جو تعين ٿي وڃي، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته سڀئي ڌريون خاموش ٿي انهيءَ تي عمل ڪن ها ۽ هن وقت جيڪو ٽڪراءُ تنقيد کان ۽ دٻيل لفظن کان اڳتي وڌي احتجاج جي صورت تائين نه پهچي ها.
پي ڊي ايم جي اجلاس جيڪو 28 جولائي ٿيو، جنهن ۾ حڪومت کان اها گھر ڪئي وئي آهي ته هو آرٽيڪل 63 جي تشريح لاءِ فل ڪورٽ جي گھر صدارتي ريفرنس جي طور تي سپريم ڪورٽ کي موڪلي وڃي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته اتحادين چيف جسٽس سپريم ڪورٽ تي اڻ سڌي طرح کان هٽي ڪري سڌي طرح بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي انهيءَ ڏينهن جوڊيشل ڪميشن جو پڻ اجلاس ٿيو، جنهن جي نون ميمبرن مان پنجن ميمبرن چيف جسٽس جي پاران تجويز ڪيل پنج ججن جي تجويز ڪيل نالن کي اڪثريت سان رد ڪيو، معاملو ان حد تائين نه رڪيو پر سپريم ڪورٽ جي طرفان جڏهن پريس بيان ۾ هي ٻڌايو ويو ته اجلاس اختلافي راءَ اچڻ سبب ملتوي ڪيو ويو آهي تڏهن جسٽس فائز عيسيٰ طرفان اها وضاحتي گھر ڪئي وئي ته هي اجلاس ملتوي نه ڪيو ويو پر تجويز ڪيل نالن جي رد ٿيڻ سان عملي طور تي اجلاس ختم ٿي ويو، جنهن کي پوسٽ بينڊ نٿو چئي سگھجي ڇو ته چيف جسٽس جيڪي نالا تجويز ڪيا هئا، اهي اڪثريتي ميمبرن جي نقطه نگاهھ کان سپريم ڪورٽ جي ججن جي لاءِ ان ميرٽ لسٽ کان هيٺ آهن، جنهن تي ٻيا اچن ٿا ۽ خاص ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي نالي کي شامل نه ڪرڻ تي خاص ڪري وڌيڪ اعتراض ٿيو.
ميڊيا ۾ ٿيندڙ بحث مطابق ۽ ملندڙ معلومات مطابق اهوئي ٿو چيو وڃي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي طرفان پيش ڪيل نالا رد ٿيڻ کان پوءِ هو ميٽنگ مان اٿي هليو ويو، ظاهر آهي اها ڪيفيت ڪهڙو تاثر ڏي ٿي ان کي سمجھڻ ڏکيو ناهي. هن وقت خاص ڪري اتحادين جي طرفان ۽ بارڪائونسلن جي طرفان هي مطالبو به ڪيو وڃي ٿو ته سوئو موٽو جو اختيار ۽ سپريم ڪورٽ جي بينچن جي تشڪيل يا ڪيسن جي ورڇ ڪرڻ وارن معاملن کي صرف چيف جسٽس جي اختيار کان ٻاهر ڪڍي اداري جي سينئر ججن جي ڪميٽي جي حوالي هجڻ گھرجي يعني ٻين لفظن ۾ هي بحث ٿو ٿئي ته چيف جسٽس جي اختيارن کي گھٽائي ادارن جي اختيارن کي وڌائڻ گھرجي.
ٻئي طرف پي ٽي آئي اهڙي ڪنهن مطالبي ڪرڻ جي بجاءِ موجوده ڪورٽ جي اسٽيٽس ڪو کي انهي صورت ۾ ڏسڻ چاهي ٿي فرد ۽ اداري جي بحث جو هڪ ٻيو رخ اسان کي هي به نظر اچي پيو ته ق ليگ جي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين جو اتحادي جي طرف جھڪاءُ يا اتحادي ٿيڻ تي ق ليگ جي پرويز الاهي گروپ کي ناپسند آهي کين خطرو آهي ته
ڪجھه ڏينهن ۾ جي چوڌري شجاعت حسين پنهنجو الڳ فيصلو ڪيو ته هڪ دفعو وري پنجاب اسيمبلي جي اندر هڪ ٻيو جھٽو يا جھٽڪا اچڻ شروع ٿيندا، تنهن ڪري ق ليگ جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ڪندي ق ليگ جي جنرل سيڪريٽري ڪامل علي آغا چوڌري شجاعت کي صدارت جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي سينٽرل ڪميٽي پارٽي جي صدر کي هٽائي ڇڏي اهو معاملو ڪجھه سمجهھ ۾ گھٽ ئي اچي ٿو پر ممڪن آهي ته ق ليگ جو پارٽي آئين کين اها اجازت ڏيندو هجي.
ڪامل علي آغا جي پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ چوڌري شفاعت هي چيو آهي ته جنرل سيڪريٽري کي اهو اختيار ئي ناهي ته هو مرڪزي صدر کي هٽائي ڇڏي خير جيڪو به ٿيو انهيءَ کي بعد ۾ ڏسنداسين پر هن وقت هي بحث چٽي صورت اختيار ڪندو ٿو وڃي ته فرد ۽ ادارن جي اختيار جو سوال وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو قديم دور جي ارتقائي مرحلي ۾ فرد جو ڪردار ان حد تائين هوندو هو جو هو پوري سماج کي بهتر ڪرڻ يا انهيءَ کي ڌوڏڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو هو، طاقت جو مرڪز فرد ئي هو، ڪنهن جنرل کان بادشاھه تائين تنقيد ۽ حمايت فرد جي ٿيندي هئي ۽ اهوئي سبب آهي جو فرد جي هيروازم کي وڌ کان وڌ وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويو ۽ تنقيد به فرد جي مٿان ئي ٿيندي هئي انهيءَ ۾ فرد سان گڏ جيڪو جٿو يا ٽيم شامل هوندي هئي انهيءَ تي گھٽ ئي ڳالهايو ويندو هو. نظريي جي اندر به نظرين جي خالق جو پورو ڪريڊٽ هڪ فرد کي ڏنو ويندو هو، ان نظريي جي ارتقاءَ پس منظر جي اندر جيڪي بنياد ۽ جزا هئا انهن کي عام بحث ۾ گھٽ ئي آندو ويندو هو، ان ڪري فرد جي طاقت قديم معاشرن ۾ خاص ڪري مافوق الفطري انداز ۾ هوندي هئي پر جديد معاشرن انهيءَ تصور کي تبديل ڪندي ادارن ۾ آندو، مثال نظرين جي اندر هنن اهو بحث ڪيو ته ڪو به نظريو اوچتو ۽ پنهنجي اڪيلي تشڪيل ۽ تخليق جو وجود نٿو رکي پر هر نظريي جي پويان تاريخ جي نظرين جو هڪ ڊگھو تسلسل آهي فرد جي صلاحيت ۽ عظمت ان ۾ آهي
ته هو پنهنجي بهتر تجزين ۽ تخليقن صلاحيتن سان ادارن کي تشڪيل ڪري ۽ ان کي طاقتور ڪري، اسان کي هي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته آمريت ۽ جمهوريت ۾ اهوئي هڪ وڏي ۾ وڏو فرق آهي ته آمريت طاقت جو بنياد فرد کي سمجھندي آهي ۽ پوري طاقت فرد جي حوالي ڪرڻ جي قائل هوندي آهي فرد پنهنجي طاقت ۾ اضافي جي لاءِ وڌ کان وڌ پنهنجا وفادار ۽ حمايتي اڳتي وڌائي پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي انهيءَ جي ابتڙ جمهوريت جي اندر ادارا تشڪيل ڏنا ويندا آهن جيڪي فرد انفرادي شخصي اختيار ۽ طاقت جا قائل هوندا آهن اڄ جي دور ۾ انهن جو شمار آمرانا سوچ فڪر ۽ عمل جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ جيڪي فرد ادارن کي مضبوط ڪندا آهن انهن جو اهو فڪر ۽ عمل جمهوريت جي نظريي ۽ اصولن ۾ شامل ٿو ٿئي پوري انساني تاريخ جي ارتقا اسان کي آساني سان هي ٻڌائي ٿي ته انفرادي طاقت ۽ انفرادي مفاد کي جيستائين اجتماعي مفاد ۽ طاقت ۾ تبديل نه ڪبو تيستائين معاشري جي ترقي ۽ استحڪام ممڪن نٿو ٿي سگھي جمهوريت جو بنيادي نيوڪلز يا رول اهوئي آهي چونڊ ته هڪ عوامي پراسس جو عمل هوندو آهي پر اصل جمهوريت ادارن جي تشڪيل اجتماعي مفاد سان جڙيل هجي ٿي ڀلي هن وقت هن ملڪ جون سياسي پارٽيون پنهنجن مخصوص اقتداري مفادن جي بنيادن تي ٽڪرائن ۾ ايندي ادارن جي طاقت جو مطالبو ڪن يعني جڏهن ڪنهن اداري جو فرد ڪنهن پارٽي جي مفادن جي خلاف ٿئي ٿو ته اها پارٽي ان فرد کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ اداري کي سگھاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي پر اهوئي مطالبو اڳتي هلي فرد کان ادارن کي طاقتور ڪرڻ جي طرف ارتقا جو عمل ٿيندو ۽ اهوئي سماجي سياسي جدليات جو اصول آهي ارتقا شدت سان پنهنجا مرحلا طئي ڪندي آهي ڇو ته انفرادي مفاد سماج کي بد کان بدتر صورتحال جي طرف وٺي ويندا آهن تڏهن اجتماعي مفاد انهن جي ٽڪراءَ ۾ اچي پنهنجي هڪ نئين تاريخ لکڻ شروع ڪندا آهن.
جيئن هڪ استحصالي ڪک مان انقلاب ۽ تبديلي جنم وٺندي آهي اهو عمل هر رخ کان نظر ايندو ۽ هن وقت هي ملڪ ان ئي تضاد ۽ ٽڪراءُ مان گذري پيو.