ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برطانيا جي اخبار جا عمران خان تي الزام

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

مون ڪيترائي ڀيرا پنهنجن ڪالمن ۾ لکيو ته جنهن ڏينهن عمران خان جي ڪرپشن پرڏيهي امداد (فارين فنڊنگ) واري ڪيس ۾ ظاهر ٿيندي ان ڏينهن کان پوءِ ماڻھن کي احساس ٿيندو ته اکيون پوري ڪنهن به سياسي پارٽي جي سرواڻ تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي. برطانيا جي ساک واري اخبار فنانشل ٽائمز جمعي ڏينهن تي انڪشاف ڪيو آهي ته ابراج گروپ آف ڪمپنيز جي مالڪ عارف نقوي برطانيا مان غريبن لاءِ خيرات گڏ ڪري، ان منجهان ويھه لک ڊالر پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاھور ۾ بينڪ اڪائونٽ اندر خفيه نموني ڏياري موڪليا. ھي رقم موڪلڻ جو اطلاع عارف نقوي ڪراچي جي محمد رفيق نالي هڪ شخص کي اي ميل ذريعي کي ڏنو جنهن جا تفصيل فنانشل ٽائمز ڇاپيا آهن. ابوظهبي جي وزير مبارڪ النھيان پڻ عارف نقوي کي انھيءَ “خيراتي ڪم” لاءِ لکين ڊالر امداد ڏني.
برطانوي اخبار وڌيڪ تفصيل ڏيندي لکيو آهي ته برطانيا جي ڪيمئن آئيلينڊ ۾ عارف نقوي(جيڪو برطانيا ۾ ٻه سال اڳ گرفتار ٿيو) جي ووٽين ڪرڪيٽ لميٽيڊ ڪمپني باقاعدي رجسٽر ٿيل آهي جنهن کي غير قانوني طور رقمون ورھائڻ يا رشوت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪندو هو. انھيءَ ٻيٽ تي عارف نقوي جو ھڪ تمام وڏو محل به آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پڻ ٺھيل آھي. انھيءَ اسٽيڊيم ۾ عارف نقوي سال 2012 کان 2014 تائين ڪيترائي ٽي ٽوئنٽي ميچ ڪرايا. چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ جڏهن مئچ ختم ٿيندي ھئي ته ھو پنھنجي محلات ۾ ڇنڇر ۽ آچر واري رات ھڪ وڏي دعوت ڪندو هو جنهن ۾ شراب ۽ ڪباب جو دور ھلندو ھو. برطانيه، يورپ توڙي پاڪستان، ھندستان ۽ عربستان جا وزير ڪبير، سرمائيدار، ڪارخانيدار، بئنڪن جا مالڪ ۽ ٻيا وڏا ماڻهو انھيءَ دعوت ۾ شريڪ ٿيندا ھئا جن ۾ عمران خان به شامل ھوندو ھو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانيا ۾ سرنديءَ وارا ماڻهو ڀلائيءَ وارن عوامي ڪمن لاءِ ھر سال اھڙي قسم جا مئچ يا ٻيا فنڪشن فقط فلاحي ڪمن جي نيت سان پاڻ به ڪرائيندا آهن. اونھاري ۾ ٿيندڙ انهن گڏجاڻين يا ڪرڪيٽ مئچز مان جيڪا آمدني ٿيندي آهي سا دنيا جي غريب ملڪن ۾ عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ خيرات سمجهي ڏني ويندي آهي. عارف نقوي ڪروڙين ڊالر ڪمايا پر ڪراچي اليڪٽرڪ ڪمپني ۾ پنهنجن پورھيتن کي به وقت سر اجورو نه ڏيندو آهي. ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جي پورھيت ليڊر جناب اخلاق حسين ڪيترائي سال اڳ مون کي ٻڌايو ته عارف نقوي شروع ۾ نئون ديرو شگر ملز ۾ مئنيجر ھو. مون کانئس پڇيو ته ھو ھاڻي ڪراچي اليڪٽرڪ جو مالڪ ڪيئن ٿي ويو؟ چيائين ته صحافي آھيو، پاڻ تحقيق ڪري ڏسو.
مون جڏهن پڇاڳاڇا ڪئي ته خبر پيئي نئون ديرو شگرملز به دادو ۽ ٺٽي جي ڪمند پيڙڻ وارن ڪارخانن جيان سنڌ سرڪار جي ملڪيت ۾ ھئا. ھي ڪارخانا اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڻ سنڌ سرڪار جي خرچ تي 1973 ڌاري قائم ڪيا ھئا. آصف علي زرداريءَ کي جڏهن ملڪ جو صدر چونڊيائون ته ان کانپوءِ ھي ٽيئي شگرملون ۽ انھن جي ھزارين ايڪڙ قيمتي زمين پراسرار طريقي سان بدنام زمانه اومني گروپ آف ڪمپنيز جي ظاھري مالڪ انور مجيد جي حوالي ڪيا ويا. ڪراچي اليڪٽرڪ ۾ عارف نقوي سان مئڊم فريال ٽالپور مکيه شيئر ھولڊر آهي. ھي بجلي ڪمپني به سنڌ جي ملڪيت ھئي ۽ خبر ناهي ته ڪيئن ابراج نالي ھڪ عربي شيخ ذريعي عارف نقوي جھڙي عالمي نؤسرباز جي ملڪيت بڻجي ويئي. ھنن سمورن ڪمن ۾ سنڌ جي حڪمرانن سان گڏ سنڌي ڪامورن پڻ عوام دشمن ڪردار ادا ڪيو.
منهنجي ڄاڻ موجب عمران خان خلاف چيف اليڪشن ڪمشنر وٽ 8 سال اڳ تحريڪ انصاف مان زوريءَ ٻاھر ڌڪيل سياسي اڳواڻ بابر ستار اھو ڪيس داخل ڪيو ھو. عمران خان جڏهن وزير اعظم نه ھو تڏھن به ھن ڪيس جو فيصلو نه ڏنو ويو. 2018 ۾ هو وزيراعظم ٿيو ته پوءِ سياسي پريشر وجهي ڪيس کي اينگھائي ڇڏيائين. ھاڻي به جڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر ھن ڪيس ۾ کيس گھرائي ٿو ته نٽايو ڇڏي. گذريل مھيني سڪندر سلطان صاحب اھو ڊڪليئر ڪيو ته فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ھڪ مھيني اندر ضرور ڪندس ته عمران خان سندس ويري ٿي پيو آهي ۽ روز روز مطالبو ڪري ٿو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي ھٽايو. پر فنانشل ٽائمز لنڊن ۾ ھيڏو لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ٿيڻ کان پوءِ ھن نھايت اھم مقدمي کي اينگھائڻ بنھه ڏکيو ٿي پيو آهي. جيڪڏهن فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڏينھن ٻن ۾ اچي ويو ته عمران خان جو سياسي ڪيريئر پڻ سخت متاثر ٿي سگهي ٿو.
عمران خان ۽ سندس ساٿاري چوڌري فواد جو جمعي ڏينهن جيڪو ردعمل آيو آهي ان ۾ ھو غيرقانوني طريقي سان ڳريون پرڏيهي رقمون وٺڻ کان انڪار نه پيا ڪن. ھو چاھين ٿا ته مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻن ۽ پيپلز پارٽي جي ليڊرن تي لڳل اھڙن الزامن جي جاچ ڪرائي، ان کان پوءِ ٽنھي ڪيسن جو ھڪ ئي وقت فيصلو ٿيڻ گهرجي. سوال آهي ته 8 سالن کان ھلندڙ بابر ستار جي ڪيس جو فيصلو ڪيئن ٿو روڪي سگهجي؟ آخر ڪھڙي قانون تحت اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ايتري ڊگهي ڇوٽ ڏيئي سگهي ٿي؟
برطانيا جي ساکائتي اخبار ۾ ھر ڳالهھ جا دستاويزي ثبوت ڇپجڻ کان پوءِ ڪابه طاقت ھن مقدمي کي اينگھائڻ جي ڪوشش ڪندي ته برطانيا ۽ آمريڪا طرفان به سخت مزاحمت ڪئي ويندي. ھنن ٻنھي ملڪن جي قانون اھڙي ڏيتي ليتيءَ کي مني لانڊرنگ قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. عارف نقوي کي به مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ ئي اڃا تائين نظر بند رکيو ويو آهي. سندس ضمانت لاءِ عمران خان ۽ پاڪستان جي ٻين سياسي اڳواڻن ڏاڍا زور لڳايا آهن پر ڪجھه وريو ڪونھي. اھم ڳالهھ ته ھنن ملڪن جا جج اسان وارن ججن وانگر غيبي اشارن تي اھڙا فيصلا ڪونه ڏيندا آهن.
اھو ئي ڪارڻ آهي جو جمعي تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي گڏجاڻيءَ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال پاران جيڪي پنج نوان جج سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ لا نالا پيش ڪيا ويا ته انهن کي ميمبرن جي گھڻائي قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيف جسٽس انھيءَ مزاحمت تي ڪاوڙجي گڏجاڻي ۾ اٿي کڙو ٿيو ۽ بيٺي بيٺي اعلان ڪري ويو ته فيصلو ايندڙ ميٽنگ ۾ ڪيو ويندو. ججن جي اڪثريت ھنن نالن کي انھيءَ ڪري رد ڪيو جو هن ڀيري به سينئر ۽ حقدار ججن کي نظر انداز ڪري جونيئر ججن کي پروموشن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
آئون ان ڪري ئي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ساراھه ڪندو آهيان ته ھو عدليه ۾ ھوندي به عدالتن جي مڪمل آزادي لاءِ ٽن سالن کان جدوجهد ڪري پيو جنھن ڪري سندس گھر واري ۽ ڪٽنب جي ٻين ڀاتين کي ڪيترا سور سھڻا پئجي ويا آهن. جيئن ته قاضي صاحب ھاڻوڪي چيف جسٽس کانپوءِ سينئر موسٽ آهي ۽ نئون چيف جسٽس ٿيڻ سندس حق آهي پر مالڪن کي نه ٿو وڻي ڇاڪاڻ ته ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪاري آهي ۽ عدالتن توڙي پنهنجن ساٿي ججن کي آزاديءَ سان انصاف جي تقاضا پوري ڪندي ڏسڻ گھري ٿو. اھائي ڳالهھ پاڪستان توڙي ڪروڙين ماڻهن ۽ سندن ايندڙ نسلن جي مفاد ۾ آهي.
ساڳئي وقت پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير تاريخي سچائي واري آھي جنھن جي منجهانئس اميد گھٽ ھئي. بلاول چيو ته 18 ترميم ڪري اسان اسيمبلين کي ٽوڙڻ جا 2B-58 وارا صدر جا اختيار ختم ڪري ڇڏيا هئا. ھاڻي اھي اختيار چيف جسٽس پيو استعمال ڪري جيڪو آئين کي چٿڻ برابر آهي. جڏهن عمران حڪومت 19 ترميم وسيلي ايڪسٽينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ چاھيو ته مون پنهنجي پارٽي ميٽنگ ۾ ان جي سخت مخالفت ڪئي. اسان کي ڌمڪي ڏني ويئي هئي ته “جيڪڏهن 19 ترميم منظور نه ڪرائيندؤ ته اسان 18 ترميم کي رد ڪري، سنڌ ۾ اوھان جي حڪومت ڊاھي ڇڏينداسون. اسان ڊپ وچان 19 ترميم کي پاس ڪرائڻ ۾ عمران حڪومت جي مدد ڪئي. اسان جو اھو فيصلو ڏاڍو غلط ھو ڇاڪاڻ ته جيڪو ھڪ رات لاءِ نيوٽرل ٿئي ٿو، ان جا ستر سالن وارا گناهھ معاف نه ٿا ڪري سگهجن” جيتوڻيڪ بلاول ڌمڪي ڏيندڙ جو نالو نه کنيو پر هر ماڻهو حقيقت کي سمجهي سگهي ٿو. ھاڻي جڏھن 19ھين ترميم ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي آهي ته دانھون ڪرڻ مان فائدو؟
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف برطانيا جي اخبار ۾ ڇپيل جاچ رپورٽ کي عمران خان خلاف سنگين ايف آئي آر قرار ڏيندي چيو آهي ته فنانشل ٽائمز جي ھن رپورٽ عمران خان جي بي ايماني، ڪوڙ ۽ منافقي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پڻ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تي زور ڀريو ويو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڏيڻ ۾ دير نه ڪريو.
جمعي تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ھڪ ٺھراءُ پاس ڪري اھو مطالبو ڪرڻ سان گڏ چيل آهي ته عمران خان کي جن 88 پرڏيهي ماڻهن غيرقانوني طريقي سان پئسا اماڻيا آهن تن ۾ ھندستان ۽ اسرائيل جا شھري به شامل آهن. ھن بدنام مقدمي کي 8 سالن تائين اينگھائڻ سان اليڪشن ڪميشن جي ساک تي سٺو اثر نه پيو آهي تنهن ڪري خود ھن اداري جي مفاد ۾آهي ته سڀ رڪاوٽون اورانگهي دنيا کي اصل حقيقت جي ڄاڻ ڏيئي پنهنجو فرض پورو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button