پيشور انقلابي گهٽ ئي پيدا ٿيندا آهن، انقلابي هجڻ ۽ سڏائڻ ته سولو آهي پر ان انقلابي تبديليءَ لا پنهنجو جيون ارپڻ ۽ هڪ مڪمل انقلاب جو نمونو پيش ڪرڻ ڏکيو عمل ضرور آهي. اهو به ڪو هڪ ڏينهن، مهينا، ڪجهه سال نه پر پورا 90 سال مڪمل انقلاب جي نظرين ۽ خوابن سان سرشار ٿي رهڻ سچ ۾ تڪليف وارو عمل به آهي. اهو 90 سالن جي ڄمار کي پهتل مڪمل انقلابي دادا علي بخش ئي هو. هونئن ته دادا کڻي وڏي ڀا کي چوندا هجن پر ننڍي کنڊ جي مشهور انقلابي اڳواڻ دادا امير حيدر کانپو هڪ سچو، کرو انقلابي دادا علي بخش ئي هو. هنن جو تخلص هڪ بهادر ماڻهوءَ جي نشاني طور هو. دادا علي بخش جنم کڻي هالا ۽ شهدادپور جي ڀر واري ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ ورتو هجي پر هن جو هر ڳوٺ ۽ شهر گهر ۽ ديس هو. هن جي آخري رسمن ۾ شهيد ڀٽو سانگهڙ جي اڳواڻ قاضي ممتاز چيو پئي ته منهنجي گهر جي کٽ خالي ٿي وئي آهي. دادا علي بخش سندس گهر جو ڀاتي هو، هو سانگهڙ پهچي سڌو گهر ئي ايندو هو. رات رهي پو وري ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن روانو ٿي ويندو هو. اهو سفر به ڪنهن ٿڪ ڀڃڻ لا نه پر انقلابي خوابن کي پورو ڪرڻ لا هوندو هو.
دادا علي بخش پنهنجي دوستن ۽ ساٿين جو هڪ وڏو حلقو ٺاهيو هو. هن شادي نه ڪئي هئي، گهر نه وسايو، چوندو هو ته شادي سينٽرل جيل آهي، جنهن ۾ ماڻهو قيد ٿي ويندو آهي. ان ڪري مون کي قيد ٿيڻ بدران عوام سان گڏ رهڻُو آهي. هنن لا ڪجهه ڪرڻو آهي. هو آخري ڏينهن ۾ چوڻ لڳو هو ته مون کي هڪ وڏو طوفان نظر اچي رهيو آهي، اهو طوفان عوام جو آهي. پيرين اگهاڙن ۽ پيٽ بکايل ماڻهن جو آهي، جيڪو پوري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندو. اهو طوفان آئون پنهنجن اکين سان ڏسندس. اهو طوفان سچ به اسان جي سامهون ڪُُر کنيو بيٺو آهي، جنهن طوفان کي ڏسڻ ۽ پسڻ لا دادا علي بخش به آتو هو. هن خاڪسار تحريڪ ۾ شموليت ڪري پو سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شموليت ڪئي هئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان وٺي ڪامريڊ غلام محمد لغاري، احمد خان لغاري، عثمان لغاري، ڦوٽو رستماڻي، علي محمد خاصخيلي، غلام رسول سهتو سميت ٻين پورهيت هاري اڳواڻن سان سندس دوستي هئي. هن خاڪسار تحريڪ جي شهدادپور واري جلسي جي قيادت ڪندي هزارين ماڻهو ڳوٺن مان آندا هئا. دادا علي بخش پنهنجي پوري ڄمار سادگيءَ ۾ گذاري هئي، هڪ اڇو جوڙو ڪپڙن جو ئي هن جي ڪل ملڪيت هئي. جيڪو وڳو پاڻ ئي ڌوئي پائيندو هو. هو چوندو هو ته ڪپڙا پاڻ ڌوئو، ٻيو ڪري نه، ٻيو هو بٽڻ وارو موبائل رابطي لا رکندو هو، هڪ رات سانگهڙ ته ٻي رات بٺوري ۾ گذاريندو هو، ٺٽي کان ٿيندي ڪراچي به پهچندو هو. ڪنهن وقت فون ڪريون ته هو بلوچستان ۽ پنجاب تي دنگ وارن شهر جا ڏس پيو ڏيندو هو.
دادا علي بخش پنهنجا نظرياتي سياسي رابطا ٺاهڻ لا پنڌ ئي ڪيو هو. هو پيادل مارچ جو خالق به هو. هن هارين جي حقن لا حيدرآباد کان اسلام آباد، ڪوئيٽا تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيا. ڄام ساقيءَ سان گڏجي ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪيو هو. دادا علي بخش جي سادگي هڪ اها به هئي ته هو دال کانسوا ڪا ٻي ڀاڄي يا گوشت نه کائيندو هو. دال ۽ اڌ ماني هن جي مڪمل عذا هئي. هن جي هڪ ٻي خاص خوبي اها هئي ته هو دوستن، ڪامريڊن ۽ هارين جي فوتگي دوران سندن تڏن تي ٽيجهي تائين يا هفتي تائين ويٺو هوندو هو. اتي ويهي هو تعزيت به وٺندو هو، چوندو هو هي منهنجو تڏو آهي. شايد دادا علي بخش هن تيز دور ۾ رشتن جي ٽٽندڙ ڌارا کي اڳ ۾ ئي ڄاڻي وٺندو هو. هر ساٿي کي به جيئري هوندي اڪيلائپ جي وبا مان ڪڍي ايندو هو. هن حسن مڱريو جي لاڏاڻي وقت ڪجهه ڏينهن کانپو ساٿي اسحاق مڱريو کي فون ڪري چيو ته مون اوهان جي دوست کان شهدادپور ۾ تعزيت وصول ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري هو اوهان وٽ نه ايندو. هن جا ڀوڳ ۽ چرچا به مشهور هوندا هئا. هو هر ساٿي کي چوندو هو ته مون کان 4 ڏينهن وڏو آهين. اچ ته ڪا ڪچهري ڪريون. مون کي دادا علي بخش آخري ڀيرو اتي ئي مليو هو، جتي سندس مڙهه کي ڪلهو ڏئي اسان سڀ دادا علي بخش پڪاري رهيا هئاسين. هڪ انقلابي اعزاز سان هن کي خاصخيلين، شيدين ۽ ڪورين جي قبرستان ۾ آرامي ڪيو ويو هو. ڳوٺ وارن ٻڌايو ته هي قبرستان به طبقاتي فرق جي ور چڙهي ويو آهي، الائي ڇا، جتي رڳو ٽن ذاتين جي ماڻهن جون ئي قبرون وڌيڪ آهن. دادا علي بخش طبقاتي فرق جي خلاف ئي وڙهيو هو، هو ننڍن مسئلن کان وٺي قومي سطح جي مسئلن تي به سرگرم ٿي اڳيان اڳيان هوندو هو. هڪ ڀيري هو تلهار ڪولهين سان گڏ پيادل مارچ ڪري بدين وڃي رهيو هو. هن کان اتي سندس ڪنهن دوست پڇيو ته دادا هنن جو ڇا مسئلو آهي. دادا چيو ته ڪولهين سان ڪنهن وڏيري زيادتي ڪئي آهي، ان لا اختيارين ڏانهن دانهڻ لا پيادل مارچ ڪري رهيا آهيون. دادا علي بخش جو انٽرويو ڪرڻ به مشڪل عمل هوندو هو، سانگهڙ جا صحافي هن جو تفصيلي انٽرويو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. هن جي زندگيءَ تي خورشيد قائمخاني به خوب لکيو آهي. دادا علي بخش 90 سالن جي ڄمار ۾ پهچڻ باوجود چست ۽ مڪمل صحتمند هو. هن کي غدود وڌڻ جي بيماري بيزار ڪيو هو. هن کي ڪا ٻي بيماري ڪانه هئي، ان جو هڪ سبب پنڌ هلڻ ئي هو. هو مسلسل پنڌ هلندو هو. هن ٻڌايو هاڻ بس ۾ سفر ڪندو آهيان. اڳ ۾ مسلسل سموري شهر ڏانهن پنڌ ڪري ويو آهيان.
دادا علي بخش هڪ مڪمل انقلابي طور ننڍپڻ ۾ تغاري مزدوري ڪرڻ کانپو ڪڏهن به پئسن خاطر نوڪري نه ڪئي. هن جا ڪي به شاهه خرچ نه هئا. جتي هاري، ڪامريڊ ۽ پورهيت هن جا دوست هئا، اتي هن جو وڏيرو شاهنواز جوڻيجو ۽ ٻيا تر جا زميندار به ويجها دوست هئا، جنهن سان هو ڀوڳن ۽ چرچن ۾ ڳالهائيندو هو. ساڳئي وقت استاد گلزا علي خان، جمال فقير ۽ سينگار علي سليم به هن جا دوست هئا. هن مون کي ٻڌايو هو ته آئون اڄڪلهه محراب پور ۾ هڪ قبرستان ۾ ترسيل آهيان، جتي هر روز راڳ جي محفل به ٿيندي آهي. اتي دوستن کي راڳ ڳائي دفنايو به آهي، اڃا راڳ سان دفنائڻو به آهي. ان ڪري آئون هاڻ قبرستان ۾ رهندو آهيان.
دادا علي بخش چوندو هو ته مون کي زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، جن ماڻهن سندس آڏو کيس مارڻ جو ٽارگيٽ ملڻ جو انڪشاف به ڪيو. هن هڪ ڀيري سائين اسحاق مڱريي ۽ ڪامريڊ نظير چانڊيي ۽ ڪامريڊ نثار چانڊيي جي آشياني تي مرڻ جي ڳالهه ڪري اسان کي سڄي رات جاڳائي رکيو هو پر صبح جو دادا جيئن سجاڳ ٿيو ته اسان سک جو ساهه کنيو هو. دادا علي بخش جا اکر به ڏاڍا خوبصورت هئا. ان ڪري مشهور شاعر طالب مولى پنهنجي شاعري لکڻ لا هن کي ڪاتب ڪري رکيو هو. دادا علي بخش اهو پوڙهو محبوب هو، جنهن جي جنازي نماز ۾ عاشق نوجوان به گهڻا ئي پهتل هئا، هونئن ته اها ڳالهه کڻي جي ايم سيد سان ارپيل هجي پر دادا علي بخش به نوجوانن جي پهري ۾ هوندو هو. دادا علي بخش وٽ آخري عمر ۾ کڻي پارٽي نه هئي پر هن وٽ انقلاب جو خواب ۽ نظريو ضرور هو، جنهن جي سهاري هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو هو. هن ڪڏهن ڪنهن کان شڪايت نه ڪئي هئي. هو جتي سامراج، سرمائيدار ۽ جاگيردارن جو سخت ڪٽر مخالف هوندو هو، اتي پنهنجي انقلابي ساٿين لا ڀرجهلو ٿي بيٺل هوندو هو. دادا علي بخش جهڙن املهه ڪردارن جي وڇڙي وڃڻ جو نقصان صدين تان ڀوڳڻو پوندو.