خورشيد قائمخاني چواڻي، جوڳي ڌيرج مزاج، با اخلاق، پرامن ۽ دلڪش فنڪاراڻي تهذيب جا امين هوندا آهن. کين ڏسي اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه هوندو آهي ته قديم زماني ۾ هنن جو تعلق ضرور ڪنهن انتهائي ترقي يافته تهذيب سان رهيو هوندو. مرلي وڄائڻ جو بادشاهه مصري جوڳي 28 جولاءِ تي 68 سالن جي ڄمار ۾ جگر جي بيماري وگهي عمرڪوٽ ۾ گذاري ويو.
مصري پهريون جوڳي هو، جنهن کي صدارتي ايوارڊ مليو هو ۽ هو روهڙي واري اقبال جوڳي کان به وڌيڪ دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري آيو هو. هن ذوالفقار علي ڀٽي کان وزارت عظميٰ واري دور ۾ کانئس عمرڪوٽ ويجهو جوڳي ڪالوني منظور ڪرائي هئي. هن جي ايڏين وڏين ڪاميابين کان پوءِ ٻين جوڳين ۾ سندس خلاف وڏي رقابت به رهي.
آئون انهيءَ ڏينهن عمرڪوٽ ان وقت جي صدر فاروق لغاريءَ جي رپوٽنگ لاءِ آيل هئس. پر مون جڏهن سامهون مصري جوڳي کي ڏٺو، هن جي شخصيت ۾ اهڙو ته ڪرنٽ هو جو هو جيئن مليو ته آئون صدر جي پروگرام ۾ وڃڻ بدران ساڻس گڏ سندس گهر جوڳي دڙي تي هليو ويس. هو پنهنجي فل يونيفارم گيڙو ويس ۾ هو. هن منهنجي دعوت لاءِ ٻه ٽي گدريون ۽ ريڀڙيون ورتيون. تازا مينهن پيل هئا، جوڳي دڙي تي گلو گلزاري لڳي پئي هئي. هن مون کي پنهنجي گهر جي ٻاهران کٽ رکي ڏني. اسان جي ويهندي ئي ڪچهري ڄمي وئي. مون لاءِ هن جون سموريون ڳالهيون نيون هيون. ڪجهه ڳالهيون کانئس وري وري پڇي نوٽس وٺي ٿي ورتم. مون کي خبر به هئي ته جوڳي وڏا ڳالهير هوندا آهن. پڇيو مانس ته جوڳي ڳالهين ۾ وڌاءُ ڪري پيش ڪندا آهن. هو پهرين منهنجي ڳالهه سمجهيو ڪونه، وري پڇيو مانس ته ننڍي ڳالهه کي وڏي ڳالهه ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن. چيائين “گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتل هوندو آهي. نه ڍاري هڻڻ جي ضرورت هوندي آهي. نه هٿ ڏسڻ جي ضرورت هوندي آهي. اسان ماڻهو ڏسي سمجهي ويندا آهيون.” سدائين سفر ۾ رهڻ وارا، ڄڻ ڪا دشمن جي ڪا فوج هنن جي پويان پيل هجي، ڪجهه راتيون رهي، وري نئين سفر تي روانا ٿي ويندا.
هن جو زور هجي ته وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي سان ملي کانئس جوڳي ڪالوني منظور ڪرائڻ واري ڳالهه ٻڌائي. مون کانئس وري جوڳين واريون خبرون ٻڌڻ ۾ دلچسپي پئي رکي. ڀٽي جي ڳالهه تنهنجي ٻڌل آهي ته پوءِ حيدرآباد واري راڻي باغ ۾ تاج پور واري نواب سان منهنجي ناني چپڙ جوڳيءَ جي چلينج ڏئي مقابلو کٽڻ واري ڳالهه ٻڌندين. هو ڀلي نواب هو، پر جوڳين سان ڪٿي ٿو پڄي. چيو مانس ته اخبارن ۾ ته آيو هو ته نواب جوڳين کان مقابلو کٽي ويو. اخبار وارن جي مرضي جيڪو لکن، باقي مقابلو اسان کٽيو ۽ ڪمشنر ايوارڊ به ڏنو. هو ويو ۽ گهران ڪيترائي ايوارڊ به کڻي آيو. هن کي 2013ع ۾ صدارتي ايوارڊ به مليو هو. مون کي چيائين هل ته توکي اسان جي جوڳي ڪالوني گهمايان. هن پهرين پنهنجو گهر گهمايو. سڄي ڪالوني گهمائي، گهرن ۾ نانگن جون ٽٻڻون پيل، مرلون جهڳين ۾ لٽڪندڙ، ٻه ٽي ڀيرا نئون ماڻهو ڏسي ڪتن ڀونڪيو، هڪڙي گهر ۾ نور به ٻڌل ڏٺم. ڪجهه بزرگ جوڳين سان به ملارايو ۽ ڪالونيءَ ۾ رامان پير جو مندر به گهمايو. ون ٽين ڪئميرا جي فليش ٻرڻ کان پوءِ ٻارڙا ڌڻ ڪري منهنجي پويان هلڻ لڳا. مون جوڳين جي ٻارڙن ۽ عورتن ۾ معصومانه سنجيدگي ڏٺي. جوڳين جون عورتون جيڪي پنهنجي ديسي ڀرت جون شاهه ڪاريگر هونديون آهن. سنهڙيون ۽ سڊول، سندن وارن ويڙهڻ جو خاص ۽ وڻندڙ انداز، رنگدار لباس ۽ خوبصورت ۽ نفيس ڳهه. ٻارڙن ۽ عورتن جي چهرن تي تلوڪڙن جا نشان، ڳچيءَ ۾ ڪالي ماتا جي ننڍڙي مورتي ٻارڙن کي ڍولڻي وانگر پاتل هئي. بزرگ جوڳي هميشه وانگر گيان ۽ ڌيان ۾ رهندڙ. فطرت جي ويجهو رهڻ ڪري فلسفين جهڙي سنجيدگي وارن ٻن ٽن بزرگن کي مصري رات جو ڪچهريءَ جي دعوت به ڏني.
ٻئي ڏينهن تي رامان پير جو ميلو هو. رات جو مندر ۾ ڀڄن ۽ ٻيا پروگرام رکيل هئا. مندر جو پوڄاري ۽ ٻه نوجوان مندر جي پروگرام واري انتظامي ڪمن ۾ مصروف هو. ڪالوني گهمي اسان اچي ماني کاڌي. هن منهنجي مهمانيءَ لاءِ پاڙي جي ڪجهه بزرگ کي به سڏيو. ماني کائڻ کان پوءِ اسان جي ڪچهريءَ جو ٻيو دور شروع ٿيو. هن مون کي سڄي سال جي سفر جو چڪر سمجهايو. پٻ، ڪانڀو، کيرٿر، ڏاڙهيارو، ڏاٺ جبل، نيرون ڪوٽ، بڊو، گورک. هو جبل ۽ جويون ٻڌائيندو ويو. هر علائقي سان لاڳاپيل لطيف جي شاعري ٻه ٻڌائيندو ويو. گوادر ان دور ۾ اڃان گهڻو مشهور نه ٿيو هو. پر هن جي چڪر ۾ هنگلاچ کان پوءِ پسڻي، جيوڻي ۽ گوادر به هو. چيائين اتي جيڪي نانگ ۽ بلائون آهن، اوتريون ٻئي هنڌ ڪٿي به نه آهن. چيائين اڳ ۾ اسان ايران به ويندا هئاسين. پر هاڻ ايراني اچڻ نٿا ڏين. بلوچستان جي ڪئين ماڳن جا هنڌ هن جي چڪر جو حصو هئا. چيائين ٻارهين مهيني سانوڻ ۾ عمرڪوٽ ضرور پهچندا آهيون. سانوڻ ۾ هتي جو هر جوڳي جوڳي دڙي تي پهچندو. پوءِ اسان سڀ پنهنجا سال جا فيصلا، ناراضگيون، جهڳڙا، رساما، ختم ڪرڻ، پرچائڻ، سڱابنديون، شاديون مراديون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهيون. چئي جوڳي پڻي ۾ مرلي وڄائڻ کان به ٻيا ڪم وڏا ۽ وڌيڪ آهن. هر جوڳي سٺي مرلي وڄائڻ ڪونه ڄاڻي. ڪو ڪو سٺو ڪاريگر ٿيندو آهي.
هن گيڙو ويس جو تقدس ٻڌائڻ شروع ڪيو. هن ڳچي ۾ پيل مالها ۽ ان ۾ پوئيل مڻڪن جو تعارف ڪرايو. هن عقيق، پکراج، ڪبرا، منڊين ۾ فيروزو ڏيکاريو. هن لطيف سائين جا بيت ٻڌائي ڳالهه کي اڳتي وڌايو. چيائين پنج قسم جا نانگ زهريلا هوندا آهن. باقي 75 سيڪڙو نانگ بي زر هوندا آهن. ماڻهو اجايو انهن سڀني کي خوف ۾ ماريو ڇڏين ٿا. ڪوبرا سڀني کان وڌيڪ زهريلو آهي، ڪاريهر اصيل نانگ هوندو آهي. ڪاريهر جوڙي ۾ هلندو آهي. اهو اجايو ڪنهن سان نه وڙهندو آهي. هو فقير نانگ آهي. اسان پنهنجي ڌيئرن کي ڪاريهر اصيل ڏاج ۾ ڏيون. ڪنهن ڪاريهر کي ماريو ٻيو، ان جو پلاند ضرور ڪندو آهي. مئل جي اکين ۾ مارڻ واري جو فوٽو ڏسي ڳوليندو رهندو آهي. ان ڪري گهڻا ماڻهو ڪاريهر کي مارڻ کان پوءِ اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهي پوري ڇڏيندا آهن. نور ٻڌڻ جي ڳالهه پڇيم، پوڙهي بزرگ نور ۽ نانگ جو هڪ ديو مالائي قصو ٻڌايو. نور ۽ نانگ ازل جا ويري آهن. نانگ جو مور به ويري آهي. پوڙهي ٻڌايو پرهه ڦٽي مهل آسمان جي روشنيءَ وارو اسان جو ويس آهي. جوڳيءَ جڏهن گيڙو ويس ڍڪيو ۽ بگري ڳچيءَ ۾ وڌي ته ان ويس ۾ هو نه ٺڳي ڪندو ۽ نه چوري ڪندو. هن دعويٰ ڪئي ته جوڳي نه چوري ڪندو ۽ نه ٺڳي ڪندڙ هوندو. جنهن جوڳيءَ گيڙو ويس ڍڪيو، اهو ڪڏهن به قتل نٿو ڪري سگهي. هو صفا دانشورن وانگر ڳالهائڻ لڳو. چيائين ته جوڳي پڻو رڳو پني کائڻ جو نالو نه آهي، پر هي زندگي گذارڻ جو انداز آهي. اسان در در جو پاڻي پيئون ٿا، اندازو ڪريو ته ڇا ڇا نه ڄاڻندا هونداسين. پر سادگي ۾ رهڻو آهي ۽ پني کائڻو آهي. اهو سڀ شاگردي ۾ استاد وٽان سکڻو آهي. جيتوڻيڪ گدڙ سنگهي، هٿ ڏسڻ، شاگردن کي جوڳي پڻو سيکارڻ، پنڻ ۽ پنڻ واريون ڳالهيون به شاگرديءَ ۾ سيکاريندا آهيون. جيتوڻيڪ هو ٻڌائي چڪو هو ته اسان جوڳي ڄمندڙ ٻار کي ستي ۾ نانگ جو زهر ترياق طور تي پيئاريندا آهيون ته جيئن نانگ جو زهر هن تي اثر نه ڪري. چيائين ستيءَ ۾ ٻار کي زهر پيئارڻ وقت ست ڏينهن ٻار بيهوش هوندو آهي. جوڳي ڪڏهن به اڪيلو سفر نه ڪندو سدائين جوڙيءَ ۾ هلندو آهي. پنهنجو دشمن ڪلهي ۾ وجهيو کڻيو پيا هلون. هو ڪنهن به وقت ڌڪ هڻي سگهي ٿو. ان وقت ٻيو ساٿي کيس بچائيندو. ان جو زهر چوسي وٺندو. هن پنهنجي هٿ کان ٻانهن وٽ نشان ڏيکاريون. هي نانگ جو چڪ لڳل آهي. لنڊي ته هونئن بي پيري آهي. پر ٻيو جانور به ڌڪ هڻي ڪڍندو آهي.
هن جوڳين جي ديومالائي ڪردار گوگو چوهاڻ ۽ ڀيريو گاروڙي جو قصو به ٻڌايو. چيائين ڀيريو گاروڙي نانگن کي نٿون هڻندو هو. هن ڀيريو گاروڙي ۽ نارو وهي هلڻ جو قصو ٻڌايو. چيائين نارو ڏسين ٿو، نانگ ور آهي. ڀيرئي گاروڙي جي ڏند ڪٿائي ڳالهه کئنين. چيائين ته اروڙ مان نانگ جي پويان ڀيريو گاروڙي لڳو. اڳيان نانگ پويان ڀيريو. ان وقت درياءَ اروڙ ۾ نيهن جبل سان لڳي وهندو هو. جتان پويان نارو وهي هليو. نانگ سمنڊ ۾ ڀڄي ڀڄي ويو ۽ نارو سمنڊ جي پويان لڳي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو. (ناري جي مڇي جهينگو) چئي ٻنهي مڇين کي هٿ جي تريءَ سان مٿي ڪيائين. اسان کي ڏاڏي گوگي چوهاڻ جو حدو مليل آهي. جيڪو نانگ ۽ بلائون کٽ تي واڻي ان تي سمهندو هو. ڪوبه نانگ يا بلا جيڪڏهن هن کي ڏنگي وجهندو هو ته هو رڳو ان ڏنگ واري هنڌ تي نظر وجهندو هو ته اها بلا يا نانگ اتي ئي مري پوندو هو. پوءِ لنڊي بلا بي پيري ڇا ڪيو جو ڏاڏي گوگي کي ڪنڌ ۾ پوئين پاسي چڪ هنيو. جنهن تي هن جي نظر نه پئجي سگهي ۽ مري ويو. ان ڏينهن کان لنڊي بلا مرشد جي پٽيل آهي. هي بي پيري آهي.
مون جڏهن کانئس بلائن ۽ نانگن کي وڪڻڻ واري جوڳين جي ڪاروبار بابت پڇيو ته مصري جوڳي ان ۾ دلچسپي نه ورتي. وري پڇيو مانس. چيائين اهو نانگن وڪڻڻ وارو ڪاروبار رڳو جنگشاهيءَ جا جوڳي ڪن ٿا. اهي به پيرن جا پٽيل آهن. نه ته نانگ ڪيئن وڪڻبو. اسان نانگ کي پڪڙڻ وقت هن کي بادشاهه پير جي ڊوهي وجهندا آهيون. ڊوهي وڌل نانگ ڪيئن وڪڻبو. باقي جنگشاهي ۽ مڪلي وارا جوڳي ڪمپنين کي نانگ وڪڻن ٿا. اهي ته ڪمپنين وارن سان گوادر تائين به وڃيو نڪرن. اتي نانگ پڪڙائي ڀريون ٻڌي اچن ٿا. باقي هتي اسان جو جوڳي نانگ وڪڻڻ وارو ڪاروبار نه ڪندو آهي. اسان پنهنجي نياڻين کي ڏاج ۾ ڪاريهر نانگ ۽ هڪ ڪتو ڏيندا آهيون.