هڪ طرف گهڻا تجزئي نگار سمجهن ٿا ته عمران خان بلڪل ان پِچ تي آهي جنهن تي اڳوڻو وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو، ڀٽو اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيي آڌار ايوب خان کي مات ڏني، جڏهن ته عمران خان وري اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي وزير اعظم ٿيو. هاڻ هو اسٽيبلشمينٽ جي نيوٽرل ٿيڻ تي انهن کي جانور سڏيندو رهيو ۽ ان سان گڏ هن واضح ڪيو ته هن اسٽيبلشمينٽ جا نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن، پر سڀني هڪ ڀيرو ٻيهر ڏٺو ته ان کي پنجاب ۾ واڳ ڌڻي ۽ عدليا گڏيل طور ڪيئن ريسڪيو ڪيو. چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ جيڪا پڻ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، باجوه مخالف ڊاڪٽرائن عمران خان جي حمايت ڪئي، پر عالمي سطح تي جيڪي Developments سامهون اچي رهيون آهن، انهن جي نتيجي ۾ اليڪشن ڪميشن کي فارين فنڊنگ ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائڻو آهي. ان فيصلي پٺيان اهو ئي شخص آهي، جنهن کي عارف نقوي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. هيءَ عارف نقوي ئي آهي، جنهن برطانيا ۾ ڪرڪيٽ ميچون ڪرائي، خيراتي پيسو پي ٽي آءِ کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ استعمال ڪيو. هيءَ پيسو مني لانڊرنگ جي دائري ۾ اچي ٿو. عالمي سطح تي ان غير قانوني ڌنڌي ۾ ملوث شخص عارف نقويءَ جي حوالي سان صحافين ڪافي اهڙي معلومات گڏ ڪئي آهي، جنهن جي بنياد تي هو بچي نٿو سگهي، ان سان گڏ عمران خان به ان غير قانوني ڊيلنگ کان بچي نٿو سگهي. ان ڪري پي ٽي آءِ جا حلقا ان خيال جا آهن ته گذريل 8 سالن جيان هن ڀيري به ان اهم ڪيس کي ڊيگهه ڏيارجي ۽ اهو فيصلو هن موقعي تي نه اچي، ڇاڪاڻ ته ان سان عمران خان جي مقبوليت ته ڌڙام سان ڪري سگهي ٿي، پر هن جي پارٽيءَ تي پابندي لڳڻ سان گڏ عمران خان کي نتيجن کي ڀوڳڻو پوندو. ان ڪري ڪجهه حلقا چون ٿا ته عمران خان جو حملي آور وارو بيانيو، ان امڪاني فيصلي جي حوالي سان آهي. هاڻ چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف معاملو جوڊيشل ڪميشن کي موڪلڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. سوال هيءَ به آهي اليڪشن ڪميشن يا چيف اليڪشن ڪمشنر سان عمران خان جي مخالفن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ملاقاتون ته پي ٽي آءِ جي قيادت ڪيون، ايستائين جو عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر سان ڳجهي ملاقات جون ڪوششون ڪيون، جيڪي ناڪام ٿيون.
برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز ته عمران خان ۽ ان جي پارٽيءَ کي ارب پتي عارف نقوي پاران ڪروڙين ڊالرن جي انڪشاف تي ٻڌل اسٽوري شايع ڪئي آهي، پر ان کان اڳ دنيا جي ٻن مشهور صحافين سائمن ڪلارڪ ۽ ول لائونچ گڏيل طور ڪتاب لکيو هو، ان ڪتاب جو عنوان هو “Key Man”. هيءَ ڪتاب دنيا جي ٽاپ ٽين بيسٽ سيلرز ۾ رهي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ عارف نقويءَ جي سموري ڪهاڻي درج آهي. ان ڪتاب عالمي سرمائيداريءَ جي نطام ۾ بي ايمان اشرافيه کي وائکو ڪيو آهي. عارف نقوي ان کان اڳ ۾ بل گيٽس ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر اوباما سان واسطن ۾ رهي چڪو آهي. بل گيٽس، جنهن مختلف ماڻهن جون زندگيون تبديل ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪنسورشيم قائم ڪيو هو، ان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ عارف نقوي شامل رهي چڪو آهي. نائين اليون کانپوءِ وچ-اوڀر ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا رقم عالمي پليئرز خرچ ڪئي، ان سموري ڪم ۾ عارف نقوي شامل رهيو. ان حوالي سان وال اسٽريٽ جنرل جا ٻه رپورٽر به اڳ ئي اسٽوري لکي چڪا آهن.
عالمي سطح تي عارف نقوي، جيڪي فراڊ ڪيا، انهن جي پٺيان رهيو آهي ۽ هن وٽ ئي ڪي اليڪٽرڪ به هئي ۽ هينئر به بجلي ڪمپني ان جي ملڪيت آهي. عمران خان جي اڳوڻي گهر واريءَ ريحام خان پنهنجن يادن تي ٻڌل ڪتاب ۾ عارف نقويءَ جي گهر ۾ دعوت جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ريحام خان لکي ٿي ته کيس خبر نه هئي ته عارف نقويءَ جو پي ٽي آءِ کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪيتري رقم خرچ ڪئي، پر هُن شڪايت ڪئي ته هن ڪروڙين ڊالر پارٽيءَ جي چندي لاءِ ڏنا، پر ان جي باوجود سندس ڪم نه ٿي رهيا آهن. ريحام خان ته ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به لکيون آهن، جن جو حوالو به ڏئي نٿو سگهجي.
ابراج ڪمپنيءَ جي باني عارف نقوي رڳو خيرات جي نالي تي مليل رقم پي ٽي آءِ جي سياسي سرگرمين لاءِ فراهم نه ڪئي پر هن اربين ڊالرن جو جيڪو فراڊ ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ برطانيا ته هن کي آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن هن جون گهوٻيون ثابت ٿي وڃن ته کيس 291 سالن تائين قيد جي سزا ملي سگهي ٿي. ڪتاب جي ليکڪن ڄاڻايو آهي ته عارف نقوي هي رقم ايشيا، آفريقا، يورپ ۽ آمريڪا جي حڪومتي سربراهن کي فراهم ڪئي، هيل تائين جيڪا جاچ سامهون آئي آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي عالمي سطح تي اميرن جو وڏو فراڊ هو.
عارف نقوي ته پي ٽي آءِ سان جائز يا ناجائز لاڳاپن جي هڪڙي ڪهاڻي آهي، پر جيئن ٻڌايو ويو ته اسٽيبلشمينٽ ٻن حصن ورهايل آهي، ان جو اظهار آرمي چيف جو آمريڪي نائب پرڏيهي وزير سان رابطو آهي، جنهن ۾ هن آمريڪي حڪومت تي زور ڀريو ته اها آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ويهه ڪروڙ ڊالرن جي رقم جي قسط ادا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.آمريڪا جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ته واضح طور چيو ته اسان پاڪستان جي معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، پر ان دوران هن هڪ ٻي ڪهاڻي به ٻڌائي ته عمران خان، آمريڪا تي سازش جو الزام لڳايو هو، ان سفارتڪار کان معافي ورتي. هاڻ پڇيو پيو وڃي ته اهڙي صورتحال ۾ پرڏيهي سازش جي الزام جو ڇا ٿيندو؟
پي ٽي آءِ قيادت جي رويي مان محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان، عارف نقويءَ جي ايڏي خدمت ڪرڻ باوجود کيس عاق ڪرڻ بابت سوچي رهيو آهي. جيڪڏهن عالمي دٻاءُ پيو ته عمران خان، عارف نقويءَ سان ڪنهن به لاڳاپي کان انڪار ڪري ڇڏيندو. پر مني ٽريل جيڪو موجود آهي، هيءَ رقم جيڪا عارف نقوي جي ذريعي پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ذريعي ڏني وئي آهي، ان جو ڇا ٿيندو؟ اها ڳالهه گهڻي سنجيده ٿي وئي آهي ته فارين فنڊنگ ذريعي جيڪا رقم پي ٽي آءِ کي ملي آهي، ان ۾ جيڪڏهن انهن ملڪن يا اتان جي اهم شخصيتن جي رقم به هجي، جيڪي پاڪستان لاءِ اڻ وڻندڙ آهن ۽ انهن سان سفارتي لاڳاپا به نه آهن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته عمران خان ۽ ان جي پارٽي پاڻ تان دٻاءُ کي گهٽائڻ لاءِ ڏيهه اندر دٻاءُ وڌائي رهي آهي. جيڪڏهن ڪجهه طاقتور حلقا پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيندا ته اها سهنجو محسوس ڪندي. پر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ جيڪي اڻ لکائيندڙ تبديليون اچي رهيون آهن، اهي ڪنهن کي به بچائي نه سگهنديون. ڳالهه اتي ئي ڇيهه نه ڪندي پر شهزاد اڪبر جيڪو ڪجهه ڪري رهيو هو، اهو به سامهون اچڻو آهي. هن جيڪو اسيٽ ريڪوري يونٽ قائم ڪيو هو، جنهن جي قانوني حيثيت کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيلينج ڪيو هو، اهو هاڻ جاچ هيٺ آهي. اهي خبرون اچن پيون ته ان يونٽ ذريعي ڪروڙين ڊالر پرڏيهه ويا آهن، جنهن جا پيرا کنيا پيا وڃن. ان ڏيتي جي حوالي سان ملڪ رياض جو به ذڪر ايندو، جنهن جي مني لانڊرنگ ريڪارڊ تي موجود آهي. ان نوعيت جون ٻيون ڪهاڻيون به آهستي آهستي منظر تي اچڻ واريون آهن. باقي فرحا گوگي ۽ ٻين اسڪينڊلز جو ڇا ٿيندو؟ ان حوالي سان ڪجهه طاقتور حلقا آهن، جيڪي معاملي کي دٻائڻ گهرن ٿا. اهي جيڪي ٻين تي الزام مڙهي رهيا هئا ۽ انهن جي ڪرپشن جا قصا بيان ڪري رهيا هئا، انهن ۾ ممڪن آهي ته ڪجهه سچائي به هجي. ائين ته نه هوندو ته سڀ ساڌ هوندا. هي اصل عالمي اشرافيه يا مراعت يافته طبقو آهي، جنهن جي مفادن جو ٽڪراءُ ٿيندو آهي ته معاملا سامهون اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. مني لانڊرنگ ۽ ٻئي غير قانوني ڪم ۽ ڪاروبار جي ذريعي عالمي معيشت ۾ کربين ڊالر موجود آهن. هيءَ به حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سموري دنيا ۾ ڪاري ڌن تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن، پر پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ڪارو ڌن سفيد ڪرڻ لاءِ رعايتون ڏنيون.
اسان وٽ گهڻو ڪري وڏين عمارتن جي اڏاوت ۽ ٻين ڪمن ذريعي بليڪ مني وائيٽ ٿيندي رهي آهي. اشرافيه هن ملڪ جي هجي يا وري دنيا جي ڪنهن ٻئي ڪنڊ جي، سڀ رعايتون حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومتن تي سيڙپ ڪندي آهي. اهي ملڪ جتي سياسي عدم استحڪام وڌيڪ هجي ۽ حڪومتن جي تبديلي معمول بڻيل هجي، اتي اهڙيون قوتون، جن وٽ ناجائز پيسو گهڻو هوندو آهي، اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون آهن. ڪارو ناڻو سفيد ڪرڻ لاءِ گذريل ڪجهه سالن کان وڌيڪ ڪوششون تيز ٿيون آهن، ان ڪم ۾ خاص ڪري ملڪ جا امير وڌيڪ ملوث آهن. جيڪڏهن ڪاري ڌن ۾ ملوث اهم شخصيتون ڪي اليڪٽرڪ جهڙا ادارا خريد ڪري سگهن ٿيون ته هن ملڪ ۾ جيڪي قومي اثاثا وڪرو ٿيا، انهن ۾ اهڙا ڪيترا طاقتور شامل هوندا، جن جو ڪم ئي ڪاري ڌن کي اڇو ڪرڻ آهي؟