ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جديد ٽيڪنالاجي ۽ فرد

Editorial-Article-G M Qazi

اسين هن وقت اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جيڪو ٽيڪنالاجيءَ جي سرپرستيءَ ۾ هلي رهيو آهي. دنيا جا سمورا ڪاروبار جديد مشينريءَ جا محتاج ٿي چڪا آهن. هي سمورو پورهيو انسان جي اجتماعي جدوجهد جو نتيجو آهي. مشينون ماڻهوءَ سهولتون پيدا ڪن ٿيون، مشيني اوزار اسان جي ڪيترن ئي خوشين جو سبب آهن. مشيني ماحول ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو حصو آهي جنهن جي اهميت تي تبصرو ڪرڻ کان اڳ انهيءَ ڳالهھ تي غور ويچار ڪري سگهجي ٿو ته موجوده صورتحال ۾ انسان کي ڪهڙي رٿابندي ڪرڻ گهرجي؟ ڇا ماڻهو مشينن جو غلام ٿي چڪو آهي يا مشينون ماڻھو جون غلام آهن؟
قديم دور ۾ اختيار بادشاهن ۽ حاڪمن کي حاصل هئا. اهي پنهنجن اختيارن کي استعمال ڪندي پنهنجي مرضيءَ موجب فيصلا ڪندا هئا. بادشاهه جو فيصلو فرمان هوندو هو. ويهين صديءَ جي آخر تائين دنيا ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي قوتون پنهنجن اختيارن کان هٿ ڌوئي رهيون آهن. ان جو مثال هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو. جديد سائنس جي اڀرڻ جي نتيجي ۾ دنيا جي ڪيترو سيڪڙو آبادي عقيدت مان ٻاهر نڪري آزاديءَ سان عقل جي عين اصولن تي سوچڻ جي قائل آهي. پر ڇا مشينون انسانن سان انصاف ڪنديون؟ انسان جي نام نهاد تهذيبن جي تاريخ، ناانصافي، رتوڇاڻ، جبر، ظلم ۽ جهالت سان ڀريل آهي. ڇا اسان کي ٽيڪنالاجي ڪٿي پوئتي ته ڪانه پئي ڌڪي؟
هونئن ته انسان جو اوائلي دور کان وٺي اهو رويو رهيو آهي ته هو سببن ۽ اثرن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿو ۽ نوان نوان سبب پيدا ڪرڻ جو به ماهر آهي. هو جنگين لاءِ نوان سبب پيدا ڪندو آهي، وبائن لاءِ نوان سبب ڳوليندو آهي. اهڙي ريت هو دنيا ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي لقائن لاءِ نوان سبب ڳوليندو آهي، انهن کي عملي شڪل ڏيندو آهي ۽ دنيا کي تبديل ڪندو رهندو آهي، اها تبديلي تباهيءَ جي صورت ۾ به هوندي آهي ته ڪنهن سٺي ڪم جي صورت ۾ به ظاهر ٿيندي آهي.
جڏهن انسان شڪاري هو ۽ اهو جهنگ ۾ رهندو هو، اڃا جديد شهرن ۽ سماجن جو تصور ڪونه اڀريو هو. انسان جڏهن پورهيو ڪرڻ سکيو تنهن وقت کان ئي انسان جي گهرجن ۾ ارتقا ٿي. گهڻي ڀاڱي ان زاويي سان ڏٺو وڃي ته ٻي جيوت کي سندس بنيادي جبلتن جي بک آهي، يعني جنس، پيٽ، فطري ماحول environmental habitat پر ڇا انسان کي اسين ان حساب ۾ رکون ته فقط انسان کي جيئڻ لاءِ پنهنجي جبلتن instincts کي سانڍڻ کپي؟ يقيني اهو انسان لاءِ ڪافي ناهي.
انسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ مادي ضرورتون biological survival کان اڳتي نڪري Psychological survival ڏانهن هليون ويون آهن.
مثال طور ڪو ماڻهو سمارٽ فون استعمال ڪري ٿو، انهي بنياد تي اهو رابطا سازي يا انٽرنيٽ ذريعي لطف اندوز ٿي سگهي يا ڪو پنهنجو نجي ڪم ڪري سگهي. انگن اکرن موجب دنيا ۾ لڳ ڀڳ 6.6 بلين ماڻهو سمارٽ فون استعمال ڪن ٿا. اها هڪ حساب سان انساني زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آهي. اسين پنجاهه سال پوئتي ڏسون ته دنيا جي آباديءَ کي سمارٽ فون جي سڌ ئي ڪانه هئي ته ڪجهه اهڙو ٿيندو. ڪو اهڙو اوزار انسان جي هٿ ۾ هوندو، جنهن وسيلي هو سڄي دنيا سان ڳنڍجي ويندو ۽ هو پنهنجن آڱرين کي حرڪت ڏيندي، جيڪي ڪجهه پڙهڻ چاهيندو پڙهندو، جيڪي ڏسڻ چاهيندو، اهو ڏسندو. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ چاهيندو ته ڳالهائيندو. انٽرنيٽ انساني تاريخ جو هڪ عظيم انقلاب هو جنهن سمورن انقلابن کي مات ڏئي انسان کيvirtual reality ۾ داخل ڪري ڇڏيندو آهي.
هاڻي ماڻهن جي زندگيءَ جا ٻيا به ڪيترائي پاسا هوندا. اهي عملي زندگيءَ ۾ يعني اهي نج ورچوئل دنيا جي ابتڙ آهن، هڪ اها زندگي جيڪا مڪمل طور تي virtual آهي. جنهن ۾ فرد پنهنجي سوشل ميڊيا جي سڃاڻپ وسيلي سڃاتو وڃي ٿو. ڪروڙن جي انگ ۾ ڪلاڪ اندر مواد اپلوڊ ٿئي ٿو جنهن ۾ 37 سيڪڙو جنسي مواد هوندو آهي. انهيءَ مان ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته انسان پنهنجي بنيادي جبتلن ۾ اڃان ٻڏل آهي.
ان حوالي سان قسمين قسمين جا رايا ۽ خيال ملندا. هر ماڻهوءَ جي پنهنجي هڪ virtual دنيا آهي جنهن ۾ اهو پنهنجي دلچسپ موضوعن کي scrolling ڪري وقت گذاريندو رهي ٿو.
دنيا ۾ انٽرنيٽ هلائڻ جو ڪو به ضابطو ناهي. ڪير ڪنهن وقت به استعمال ڪرڻ ڪو حق رکي، يعني internet is free access to all جنهن ۾ ڪو فرد فائدو وٺي پنهنجي پاڻ کي بهتر ڪري ٿو. اهڙي ريت ڪو فرد پنهنجي وقت کي يوزر ٿي استعمال ڪري. حقيقت ان جي ابتڙ آهي.
مثال طور اوهين فيس بوڪ جي کي استعمال ڪريو ٿا ۽ فيس بوڪ فري engine آهي جنهن ۾ اوهان ان جا customer آهيو. فرضي طور تي اسين اهو مفروضو جوڙيون ته فيس بوڪ کي هر ماڻهو الوادع ڪري ڪو ٻيو ڌنڌو ڪري ٿو. ڇا فيس بوڪ جو باني ڪا خاص آمدني حاصل ڪري سگهندو؟ پڪ سان نه! دنيا جو گهڻو ڪاروبار transform ٿي چڪو آهي جيڪو گهڻي ڀاڱي gadgets جو محتاج آهي. ان لاءِ Philosophy of advertisement جي ضرورت هوندي آهي.
دنيا جا سمورا ڪامياب ڪاروبار virtual ٿي چڪا آهن – دنيا جو سمورو مضبوط ڪاروبار online هلي ٿو.
اچون ته جديد دور ۾ ذهني طور سالم ٿي، انٽرنيٽ مان فائدو وٺون. ڪتاب پڙهون، ليڪچر ٻڌون، پنهنجو پاڻ تحت مدد ڪري جديد دور جا فرد ٿيون. ايڪيهين صديءَ ۾ خاص طور تي سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوان کي هاڻي ڪوڙين چوپڙين جي ڪا به ضرورت ناهي بلڪه هڪ مستقل رٿابنديءَ جي ضرورت آهي، جيڪا عين advance technology سان ڳنڍيل هجي.
قديم زماني ۾ پئسو سون چاندي يا هيرن جي روپ ۾ ماپيو ويندو هو. اڄ بئنڪ اڪائونٽس ۾ فقط figures آهن. جديد سماج جي فرد جون گهرجون ان جديد سماج سان روز نون لاڙن کي سکي وري وساري ٻيهر نئين سر سکڻ وسيلي ئي ماڻي سگهن ٿيون. اچو ته جديد ٽيڪنالاجي وسيلي پنهنجو پاڻ کي سيکاريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button