ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀٽن منجھه ڀونچال – VI

Editorial-Article-Noor Mohammad Bajeer

ٿر ۾ سياحت:
جاگرافيائي لحاظ کان ٿر اٺن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي ۽ ھر ڀاڱي جي جاگرافيائي بيھڪ، ٻوليءَ جو لھجو، وڻڪار، ڀٽن جي اوچائي، توڙي ڊيگھه مختلف ھوندي آھي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾سامروٽي، ڍاٽ، ڪنٺو، مھراڻو، ونگو، وٽ، پارڪر، کائڙ جو ذڪر ڪيو آھي.
ٿر جون لوڪ ڪھاڻيون ھوٿل پري، سومل پري، سارنگا ۽ مارئي ٿر جي پراڻن ۽ تاريخي ماڳن جي نشاندھي ۽ تاريخ بيان ڪن ٿيون. پاري نگر جا وڻ، خوبصورتي ۽ وڻج واپار جو عروج ۽ زوال تاريخي ماڳن کي ڏسڻ ۽ تاريخ جا ڪتاب پڙھڻ سان خبر پوي ٿي.
ٿرپارڪر خاص طور تي ننگرپارڪر ۾ جين ڌرم، ٻڌ ڌرم، ھندو ازم يا سناٿن ڌرم سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي تاريخي ماڳن جا آثار جنھن ۾ انھن جون عبادت گاھون يعني مندر ۽ ڏھرا اڄ بھ سياحن لاءِ تمام وڏي دلچسپيءَ جو ذريعو آھن. انھن آثارن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ ٿر جي ماڻھن جي مزاج ۾ ميٺاج، محبت، ٿڌائپ ۽ محنت جي عنصر ھجڻ جو اصل راز سندن تاريخي ورثو آھي.
ٿر جو لينڊ اسڪيپ انتھائي خوبصورت ۽ دل ڇُھندڙ آھي، گوڇار، تڙڪول، مڙھا، مندر، مٿاريون وغيره ڀٽن جي جاگرافيائي بيھڪ ۽ زمين جي سڌي يا ھيٺ مٿاھين ھجڻ کي بيان ڪن ٿا. ڀٽن جا ور وڪڙ ٿر جي سونھن ۾ ائين اضافو ڪن ٿا جيئن ڪنھن خوبصورت مرد يا عورت جي ڳل تي تر خوبصورت لڳندا آھن. ٿوھرن ۽ کٻڙن جا جهڳٽا ڀٽن جي سونھن تي چار چنڊ لڳائيندا آھن. انھي سونھن جي عاشق اسان جي دوست حاجي محمد ڪنڀر پنھنجي ڪئمرا ۾ وڻن جي گلن، ٽارين، ميون ۽ رنگن جي خوبصورتيءَ کي قيد ڪري سوشل ميڊيا حوالي ڪيو آھي. اھي فوٽو ڏسڻ سان ھر ماڻھوءَ جي دل ۾ ٿر گهمڻ لاءِ شوق وڌي ٿو.
ٿر جي ڀٽن ۽ مڙھن کان گهڻي برسات پوڻ جي ڪري پاڻيءَ جا ريلا يعني ننڍيون ننڍيون نديون وڌي ندي يا نئين جي صورت اختيار ڪندي ھيٺائين جڳھه تي ترائيءَ جي شڪل اختيار ڪري ٿي. ترائي پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ جو ھڪ وڏو ذريعو ھئي پر ھاڻي صحت جي تعليم ۽ سجاڳي ملڻ کان پوءِ ٿر جي ماڻھن پاڻي پيئڻ ڇڏي ڏنو آھي. مال کي پاڻي پيارڻ جو اڄ بھ وڏو ذريعو ترائي آھي. ٿر ۾ وڏيون ترايون سياحن لاءِ دلچسپيءَ جو ذريعو آھن. مٺيءَ جي ويجھو چيلھار شھر جي ڀر سان راڻاسر ترائيءَ تي برسات وسڻ کان پوءِ وڏي رش ھوندي آھي.
ٿر جي هر موسم کي پنهنجي منفرد دلڪشي آهي، تنهنڪري ٿر جي سياحت سان دلچسپي رکندڙن لاءِ سڀ طرفي سهولتڪاريءَ سان گڏ ٿر جي انهن ماڳن ۽ منظرن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي اکين ڏسي هر ماڻهو جو من معطر ٿي سگهي ٿو.
نئون ڪوٽ جو قلعو: نئوڪوٽ کان مٺي ڏانھن ويندي ٿر ۽ بئراج ايريا جي ڪنڌيءَ تي نئون ڪوٽ قلعو آهي. ميرن جي دور ۾ ٿر ۾ ٺھندڙ قلعن ۾ سڀ کان آخر ۾ ھي قلعو مير ڪرم علي خان 1814ع ۾ جوڙايو هو. ھن قلعي ۾ شاهي دروازي جي حفاظت لاءِ ٻه برج ٺاهيل آهن. ڪنهن زماني ۾ ان جاءِ تي مضبوط ڪاٺ جو در لڳل هوندو هو. ڪوٽ کي چوڌاري 12 فٽ ويڪري فصيل ڏنل آهي. جنهن تي چڙهڻ لاءِ ٻه ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، جتان پهريدار چڙهندا هئا. هن ڪوٽ جي حفاظت لاءِ 9 برج جوڙيل آهن جيڪي مُک دروازي جي نگهبانيءَ لاءِ جوڙايا ويا هئا.
مٺي شھر: ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊڪواٽر مٺي شهر کي ٿرپارڪر جي مرڪزي شهر جي حيثيت حاصل آهي. عام راءِ آهي ته مٺيءَ تي نالو مٺان ٻائيءَ جي نالي پويان پيل آهي، جنهن هتي کوهه کوٽائي ڳوٺ آباد ڪيو هو. چيو وڃي ٿو ته پربتگر جي مڙهي وٽ دڙي مٿي ويٺل مٺان ٻائي ڏاهي ۽ وڏي مهمان نواز هئي. مٺيءَ جي گڍي ڀٽ وٽ نرن سوڍن جا گهر وسيل هئا. پوءِ اتي ميرن قلعو ٺهرايو. جنهن جا آثار ‘گڍي’ سڏجن ٿا. قلعي جي آثارن جي ڀرسان گڍي ڀٽ تي پڪنڪ پوائنٽ ٺهيل آهي. جتان سج لٿي کان پوءِ شهر آرتيءَ جي سجايل ٿالهي جيان محسوس ٿيندو آهي. ڪنهن مهل لڳندو ته آسمان جي ستارن جو عڪس زمين تي آهي. مٺيءَ ۾ ڏيپلي ويندڙ باءِ پاس وٽ نيو گڍي ڀٽ جو ماڳ تفريح لاءِ ٺاهيو ويو آهي.
اسلام ڪوٽ: هيءَ ماڳ نٻن سوڍن جي رڄواڙي جو اهم حصو هو. هتي مير فتع علي قلعو ٺهرايو هو. جنهن تي 12 لک روپيا خرچ آيو. قلعي ٺهڻ جو سال ڪجهه محققن 1790ع ۽ ڪن وري 1795 لکيو آهي. ميرن قلعي جو نالو اسلام ڳڙهه رکيو وقت گذرڻ سان اسلام ڪو ٽ سڏاڻو. ھن شھر ۾ سنت نيڻورام جو آشرم سياحن لاءِ ھڪ وڏي دلچسپيءَ وارو ھنڌ آھي. آشرم ۾ شيواڌري ماڻھن، پکين ۽ جانورن جي خدمت ڪندي نظر ايندا.
ڀالوا: ھن ڳوٺ جي ڀرسان مارئيءَ جي نالي هڪ کوهه آهي. جتي هاڻي ثقافت کاتي پاران ثقافتي ڪامپليڪس ٺهرايو ويو آهي. هتي مارئيءَ جو ميلو لڳندو آهي.
گوڙيءَ جو مندر: اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر ويندڙ رستي تي ڳوٺ گوڙي ۾ جڙيل مندر جا ڏهرا جين ڀَوَن جي حوالي سان خاص اهميت رکن ٿا پاري ننگر جي جي اوسواڙي منگهو سا 1376ع ۾ گوڙيءَ جو مندر جوڙايو هو. هن مندر جي اڏاوت ۾ سنگ مرمر جو پٿر به استعمال ٿيل آهي. هن مندر ۾ 24 ننڍڙيون ڪوٺڙيون ۽ هڪ مکيه ورانڊي وانگر رنگ منڊپ ٺهيل آهي. ڪوٺڙين کي ڏهرا به چئبو آهي، ان ڪري گوڙي مندر کي’گوڙي جا ڏهرا’ به سڏجي ٿو.
پاري ننگر: هڪ راءِ آهي ته هن شهر جو اصل نالو ‘پارسي ننگر’ هو، پوءِ ڦري پارهي ٿيو، جنهن مان پاري ننگر نالي جنم ورتو. پاري ننگر جي آثارن ۾ ڪٽهڙن جا ڍير ملن ٿا. پاري ننگر جي ڪٽهڙي لاءِ هڪ روايت آهي ته هي ڪچي لوهه جو ڪٽهڙو آهي. هتي بندرگاهه جي عروج واري دور ۾ جهازن جي مرمت جو ڪم ٿيندو هو. لوهه جا وڏا ڪارخانا هوندا هئا. پر ڪٽهڙي کي چتائي نهاربو ته سڙيل سرن جي ڍير طور سوچڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو.
ڪجلاسر: پاري ننگر جي قصن ڪهاڻين ۽ خوبصورتيءَ جي داستانن ۾ ڪجلاسر جي وڏي اهميت رهي آهي، جنهن تي پارڪر جون جيني پدمڻيون پرهه جو اُٿي اچي منهن ڌوئينديون هيون. انهن جي اکين ۾ ايترو ڪجل هوندو هو، جو منهن ڌوئڻ سان پاڻيءَ تي ڪجل جون ريکون جڙي پونديون هيون. ڪجلاسر تي نالو ڪجل جي ريکائن جي ڪري پيو يا جيني سيٺ ‘ڪجل سا’ جي نالي پويان ‘ڪجلاسر’ سڏاڻو.
ويرا واهه: ويرا واهه جو شهر پاري ننگر جي اجڙڻ کان پوءِ آباد ٿيو. ويرا واهه جي حوالي سان مختلف روايتون آهن. هڪ روايت آهي ته سوڍن جي دور ۾ ناراض ٿي ويل پاري ننگر جي جيني اوسواڙن هن شهر کي وسايو. اوسواڙي قبيلي جي اڳواڻ ويرو نالي همراهه کوهه يا واءِ کوٽائي اُنهيءَ تان پهرين ويرو جي واءِ پوءِ ويراواءِ ۽ هاڻي ويراواهه نالو پيو آهي.
ڀوڏيسر جا آثار: تاريخ جي ڪتابن ۾ اڪثر طور هي رايو ملي ٿو ته، ڀوڏيسر جو شهر هانسي پرمار جي ڀاءُ ڀوڏي پرمار وسايو هو، جڏهن ته سيد عبدالقدوس جو چوڻ آهي ته 512 ق.م ۾ ڀوڏيسر آباد ٿيو. ڀوڏيسر جو تلاءُ قصن ۽ ڪهاڻين ۾ به گهڻو ڳايو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته هوٿل پري ۽ ڪيهر اوڍو هتي آيا هئا.
گجرات جي حاڪم محمود شاهه بيگڙي ڀوڏيسر جي تلاءُ جي ڀرسان 1505ع ۾ مسجد شريف تعمير ڪرائي. مسجد شريف جي اڱڻ ۾ قديم قبرستان موجود آهي. جنهن لاءِ عام راءِ آهي ته هتي بيگڙي جا سپاهي دفن ٿيل آهن.
ننگرپارڪر جو شهر ۽ آثار: پارڪر جي پٽن تي ڪارونجهر جي هنج ۾ ننگرپارڪر جو سهڻو شهر آباد آهي. جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڪارونجهر مان وهي ايندڙ برساتي پاڻيءَ جون نديون گذرن ٿيون. وچ شهر جي سونهن مٽيءَ جي نرين سان ٺهيل ڇتن واري پراڻي بازار آهي. جنهن کي ‘پالن بازار’ سڏجي ٿو.
شهر ۾ داخل ٿيڻ سان هڪ قديم جين مندر سواگت ڪري ٿو ته ٻيو ڪارونجهرسان هم ڪلام ٿيڻ لاءِ بازار مان ٻاهر نڪرڻ وقت موڪلاڻيءَ لاءِ اتهاس جو اونچو ڪر کڻي بيٺل آهي. بازار مان هڪ رستو ڪارونجهر ۾ موجود ‘سارڌڙي ڌام’ ڏانهن وڃي ٿو ته ٻيو رستو گهرٽياريءَ جي گهاٽ وٽان ڪاسٻي طرف نڪري ٿو. سارڌڙي ويندڙ رستي تي چندن گڍ جا آثار آهن. انهن آثارن جي سامهون پنگل سواميءَ جو مندر آهي. جنهن ۾ سج جي پوڄا ٿيندي هئي. ڀرسان هڪ ننڍي ڏهري آهي.
ڪارونجهر جي برساتي ندي گوڙڌري جي منهن وٽ موجود ساڙدري ڌام ۾ مھاديو جو ھڪ آڳاٽو مندر آھي ۽ پاڻيءَ جو ھڪ ڪن آهي، جنهن کي ‘ڪنڊ تلاءُ ‘۽ ‘مرگهي ڪن’ پڻ چيو ويندو آھي. اهو ڪن اونھو ۽ برساتي پاڻي سان ڀريل رھي ٿو. هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ساڙدري ڌام جي پوئلڳن جو چوڻ آھي ته ويد ۽ شاستر ۾ ڪارونجھر جي انهيءَ ڪن جو ذڪر آيو آھي، اھو اعتقاد رکيو وڃي ٿو ته جيڪڏھن ڪنهن مردي جا ھڏا ھن ڪن ۾ وڌا ويندا ته ڄڻ اھي گنگا نديءَ ۾ وڌا ويا! ھتي سال ۾ ٻه ڀيرا هڪ مارچ مھيني ۾ شوراتڙي ۽ ٻيو ڪاتڪي پونم جو ميلو لڳندو آهي. ڪاتڪي پونم جي ميلي جي موقعي تي هڏن جي رک (شنک) تارڻ جي رسم ادا ٿيندي آهي. ساڙڌڙي جي مرگهي ڪن سان هرڻيءَ جي سر ۽ پاراشر رشي جي ڪلنڪ جون ڪهاڻيون لوڪ ۾ عام آهن.
ننگرپارڪر ۾ پراڻيون ڏيريون ۽ لورٺيون: ننگرپارڪر ۾ گورڌڙو نديءَ کان ڏکڻ طرف جونجھارن ۽ ستين جون ڏيريون ۽ لورٺيون واقع آھن، ھتان جي ماڻھن جي چوڻ موجب اھي ڏيريون/قبرون پراڻي دور ۾ جنگ ۾ وير گتي پائيندڙن جون آھن.
(ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button