ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بنت داھر – II

Editorial-Article-Mubarak Lashari

ايئن حجاج بن يوسف سنڌ کي فتح ڪرڻ جو منصوبو ٺاھي اموي خليفي جي خوشنودي حاصل ڪري ٿو تھ جيئن پنھنجي فتوحات جي ذريعي نھ صرف پنھنجو اثر رسوخ وڌائي پر سنڌ جي سرزمين تي موجود خزانو مال غنيمت طور لٽي ڦري بيت المال جو پيٽ بھ ڀري ۽ پنھنجي سپاھين جي تلوارن جي اڃ بھ اجھائي. ناول ۾ ھڪ طرف اموي خليفي جو داستان ۽ حجاج بن يوسف جو تذڪرو ھلي ٿو تھ ٻئي پاسي پيرالل سنڌ جي درٻار جي ڪھاڻي بھ ھلي ٿي جتي مھاراجھ ڏاھر پنھنجي ديس جي مسئلن ۽ ماڻھن سان ملندي جلندي ڏيکاريل آھي. مھاراجھ ڏاھر وٽ خاص طور تي مسئلو سناتن ڌرم جي گروئن جو ھجي ٿو جتي راج گرو جي خلاف جين مت ۽ ٻڌ مت وارا شڪايتون ڪندي نظر ايندا آھن تھ راج گرو سپاھين کي ھدايتون ڏنيون آھن تھ اھي جيني ۽ ٻُڌ وارن کي مجبور يا تنگ ڪري پنھنجو مذھب مٽائي سناتن ڌرم يعني ھندو ڌرم اپنائن. اھو ڪيس جڏھن مھاراجھ ڏاھر جي درٻار ۾ اچي ٿو تھ نھ صرف مھاراجھ ڏاھر پر سندن سياڻي ڌيءُ جيڪا راجڪماري ھوندي آھي جنھن کي ناول ۾ سوريا جي نالي سان ڏيکاريو ويو آھي سا انھي عمل جي مذمت ڪندي چوي ٿي تھ سنڌ ڌرتي جو ڪوبھ ڌرم نھ آھي تنھنڪري ھر ڪو پنھنجي عقيدي مطابق زندگي گذاري ۽ سرڪاري طور تي ڪنھن بھ قسم جي ڪابھ زبردستي نھ آھي تھ ڪير ڪھڙي مذھب جو آھي. اتي مسلمان، زرتشت، جيني، ٻُڌ مت ۽ ٻين عقيدن وارا ماڻھو آزادي سان پنھنجي زندگي گذارين ٿا، تنھن ڪري سرڪاري طور ڪوبھ مذھب نھ آھي جيڪو جديد سيڪيولر رياست جو بنياد آھي. انھي ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ راجڪماري جيڪا سنڌ جي مستقبل جون واڳون سنڀاليندڙ ھوندي آھي کي راجا ڏاھر اھو اختيار ڏئي ٿو تھ ھوءَ انھي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇو تھ راجڪماري ان وقت موجود سمورن مذھبي ڪتابن جھڙوڪ ويدن، سنسڪرت ٻولي تي دسترس حاصل ڪري وٺي ٿي تھ ساڳئي وقت فارس ۽ عرب جي علمن ۽ زبانن تي بھ دسترس رکندي ھوندي آھي جو ھوءَ پنھنجي ڏاڏا چچ جي زماني ۾ پناھه وٺندڙ فارس ۽ عربي ماڻھن کان انھن جو علم سکي وٺي ٿي. اھا راجڪماري ان راج گرو واري ڪيس جي مخالفت ۾ دليل ڏئي ٿي ۽ مھاراجھ ڏاھر انھن دليلن جي بنياد تي فيصلو ٻڌائيندي چوي ٿو تھ “اڄ کان پوءِ راج گرو جو عھدو ختم ڪجي ٿو، اڄ کانپوءِ سنڌ جو ڪو بھ راجا انھي عھدي تي ڪنھن کي بھ مقرر نھ ڪندو. جيڪڏھن درٻار يا رياست جو ڪوبھ عھديدار ڪنھن بھ ڌرم جي پرچار يا تبليغ ۾ ملوث پاتو ويو تھ ان تي پنھنجي حد کان وڌي وڃڻ وارو مقدمو لڳايو ويندو. مان پنھنجي ٻُڌ ۽ جين مت جي ڀائرن کان معذرت ٿو ڪريان ڇو تھ انھن جي دل آزاري ٿي آھي.” ان کانپوءِ راج گرو ۽ ٻيا مذھبي پنڊت پنھنجي بيعزتي سمجھندي اموي جاسوسن سان ملي وڃن ٿا جن مان لڳي ٿو تھ اھي پھرين بھ انھن سان مليل ھئا ۽ پنھنجي مذھبي ھٺ ڌرمي ۽ انتھاپسندي جي ڪري ڌرتي سان غداري جو فيصلو ڪري ويھن ٿا ۽ منصوبا جوڙن ٿا مھاراجھ ڏاھر ۽ راجڪماري جي حڪومت ختم ٿيڻ سان سندن سناتن ڌرم ترقي ڪندو ۽ اھي پنڊت طاقت ۾ اچي ويندا.
ھوڏانھن حجاج بن يوسف پنھنجي سپھ سالارن ابو ھشام ۽ ابويزيد کي حڪم ٿو ڏئي تھ سندن ڀائٽي بن قاسم کي فوجي تربيت ڏئي اڳواڻي لاءِ تيار ڪن تھ جيئن ڪجھه ذميواريون ڏجن جنھن جو سبب ثقفي خاندان سان ھجڻ ڪري آھي. حجاج جي ذھن ۾ ثقفي خاندان جي طاقت وڌائڻ جو منصوبو ھوندو آھي تنھنڪري ئي سنڌ تي فتح ڪرڻ لاءِ خالد ثقفي کي چونڊي ٿو جيڪو اڳ ئي مڪران ۾ گورنر جو نمائندو ھوندو آھي. ھوڏانھن حجاج بن يوسف فارس ۾ عطيھ بن عوف جي بغاوت کي ڪچلي ٿو ۽ کين سخت سزائون ڏئي ٿو.
سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ جاسوسن کي استعمال ڪيو ويندو آھي جيڪي ھر ڪمزور پاسي جون رپورٽون حجاج کي موڪليندا رھن ٿا. ايئن عرب لشڪر جديد ھٿيارن ۽ منجنيقن سان مڪران رستي سنڌ تي حملو ڪن ٿا جنھن ۾ سڀ کان پھرين ديبل جي فتح ھوندي آھي جيڪو سنڌ جو انتھائي شاھوڪار ۽ تجارتي شھر ھوندو آھي. ناول ۾ ڏيکاريل آھي تھ ديبل ۾ جيني واپارين جي اڪثريت جي ڪري ھٿيار نھ ھوندا آھن ۽ عرب لشڪر جنگي اخلاقيات کي اورانگھي ديبل تي شب خون مارن ٿي ۽ رات وچ ۾ شھر کي باهھ ڏئي ديبل کي فتح ڪري وٺن ٿا جيتوڻيڪ ناول جو اھو ڪمزور پاسو چئبو جو ديبل ۾ ڪابھ مزاحمت نھ ڏيکاري وئي آھي ۽ عرب لشڪر با آساني ديبل فتح ڪري مال غنيمت لٽين ٿا ۽ اتان جي عورتن کي باندي بڻائين ٿا. جيتوڻيڪ انتھائي ڀيانڪ تصوير ڪشي ڪئي وئي آھي پر دفاعي طور تي سنڌ جو اھو ڪمزور پاسو ڏيکاريو ويو آھي.
ھوڏانھن مھاراجھ ڏاھر کي عربن جي انھن فتوحاتن جي خبر پوندي رھي ٿي تھ عرب لشڪر ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن پيو اچي. ھيڏانھن راجڪماري جي ڪمان ھيٺ سنڌي لشڪر بھ تيارين ۾ مصروف ھوندو آھي، ڇاڪاڻ تھ وڏي جنگ سنڌ جي راڄڌاني اروڙ وٽ ٿيڻي آھي. فوجي لحاظ کان سنڌي سمورين جنگي اخلاقي قدرن جي پاسداري ڪن ٿا ۽ پنھنجي دفاعي اصولن تحت اروڙ وٽ لنگر انداز ٿيندڙ عرب فوجن تي رات جو حملو بھ نٿا ڪن ٻيو تھ عرب لشڪر ۾ تمام گھڻا جديد ۽ خونخوار ھٿيار ھوندا آھن ۽ لشڪر جو تعداد بھ گھڻو ھوندو آھي. ھوڏانھن عرب لشڪر پنھنجي فتوحات جي خبرن کي حجاج بن يوسف ۽ خليفي تائين پھچائيندا ۽ مال غنيمت بھ موڪليندا رھن ٿا جنھن کي ڏسي خليفي ۽ حجاج کي اچرج ٿيندو آھي تھ سنڌ ۾ ھيترو خزانو موجود آھي. ناول جو اھم حصو اروڙ واري جنگ کان پوءِ جو آھي جيتوڻيڪ تاريخدان واقعن ۽ جاگرافيائي تسلسل کي اختلاف جي نظر سان ڏسي سگھن ٿا پر ناول ۾ اختصار کان ڪم وٺندي اھم واقعا بيان ڪيا ويا آھن. اتي اھا ڳالهھ بھ اھم آھي تھ انھن سمورن جنگي واقعن ۾ جھڙوڪ فارس ۾ بن عوف کي ڪچلڻ، ديبل جي فتح، ديبل جي وچ وارين ننڍين آبادين جي فتح ڪرڻ واقعن توڻي اروڙ واري جنگ ۾ بن قاسم کي ڪٿي بھ وڙھندي نھ ڏيکاريو ويو آھي ڇوتھ بن قاسم جي داخلي پيچيدگين ۾ جنگي سپھ سالار وارو جذبو ئي نھ ڏيکاريو ويو آھي پر ھو ھڪ معصوم ٻالڪڙو ڏيکاريو ويو آھي جيڪو رڳو عرب شاعري پسند ڪندڙ صحرا جو نوجوان آھي جنھن جي فتحن يا جنگين سان ڪا دل لڳي نھ آھي پر ڇاڪاڻ تھ حجاج بن يوسف کيس يتيمي کان وٺي پاليو ۽ تاتيو ۽ ان ئي انھي منصب تي پھچائي اڳواڻ ڪري موڪليو آھي جيڪا ڳالهھ جيتوڻيڪ ابويزيد ۽ ابو ھشام کي پسند نھ آھي پر ھو ڪجهھ چئي نٿا سگھن ۽ پنھنجن اڪيلين ڳالھين ۾ انھي جو اظھار بھ ڪندا رھن ٿا. ابو يزيد ۽ ابوھشام کي حجاج جا اھي حڪم بھ آھن تھ بن قاسم کي ڪجھه بھ نھ ٿيڻ گھرجي ايئن ھر فتح وقت بن قاسم کي ڪنھن محفوظ ھنڌ بيھارين ٿا ۽ جنگ کٽڻ کانپوءِ اڳيان وٺي ٿا اچن. اروڙ واري جنگ جڏھن شروع ٿئي ٿي تھ ان ۾ بھ سنڌي لشڪري پنھنجي اخلاقي ۽ جنگي قائدن جي پاسداري ڪندي نظر اچي ٿي. باب 16 ۾ سنڌ ۾ مسلمان سپھ سالار محمد بن علافي مھاراجھ ڏاھر سان ملاقات ڪري چوي ٿو تھ “دريا جي ھن پاسي عرب لشڪر جي آمد شروع ٿي چڪي آھي. وقت گذرڻ سان انھن جي لشڪر ۾ اضافو ٿيندو ويندو. جيڪڏھن توھان ۽ لشڪر جا اڳواڻ اجازت ڏين تھ منھنجا عرب سپاھي رات جي انڌاري ۾ دريا پار ڪري دشمن جي لشڪر تي شبِ خون ھڻي انھن جي ٻيڙين کي باھهِ ڏئي ڇڏن” مھاراجھ اھو ٻڌي ڪجھه دير سوچ ڪندي چوڻ لڳو “اسان جو ڌرم ۽ پرم پرا اسان کي ان ڳالهھ جي اجازت نٿو ڏئي تھ اسان ستل دشمن تي حملو ڪريون. اسان چاھيون ٿا تھ دشمن سان مقابلو جنگ جي ميدان ۾ ڪجي.”
(ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button