گذريل ڏينهن بي بي سي پنهنجي هڪ نيوز رپورٽ ۾ سوال اٿاريو هو ته “پاڪستان ۾ ڊالر جو ملهه وڌڻ جا سبب سياسي آهن يا معاشي؟”
ڇا اهو ضروري آهي ته سوال صرف جوابن جي لاءِ هجن؟ سوال صرف جوابن کي جنم نه ڏيندا آهن. سوال سوالن کي به پيدا ڪندا آهن. ان ڪري بي بي سيءَ جو مٿيون سوال، جواب جي بدران ان سوال کي جنم ڏيڻ جو باعث ٿو بڻجي ته “ڇا معاشيات ۽ سياست جو پاڻ ۾ رشتو ڪو ناتو ناهي؟”
معاشيات ۽ سياست جيڪڏهن الڳ الڳ هجن ها ته ڪميونزم جي ڪتابن ۾ “سياسي معاشيات” يعني Political Economy جو محارو شامل ئي نه هجي ها. اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ۽ اسان کي پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏڻ کپي ته هر معاشيات جي مخصوص سياست ٿيندي آهي ۽ هر سياست جي خاص معيشت هوندي آهي. جيڪڏهن پاڪستان هن مهل پنهنجي معاشي بدحاليءَ جو عالمي اشتهار بڻجي ويو آهي ته ان جا سبب سياسي آهن. جيڪڏهن هن ملڪ کي آمريڪي امداد جو چاٽو چٽائڻ بدران پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ پنهنجي پورهئي تي ناز ڪرڻ جو عادي بڻايو وڃي ها ته اڄ پاڪستان چين کان وڌيڪ نه ته چين کان گهٽ نه هجي ها پر پاڪستان جا حڪمران اولهه ۽ خاص طور تي آمريڪا جا ڪميشن ايجنٽ بڻجي ويا. انهن کي مفت ۾ مال وٺڻ جي جيڪا لت لڳي وئي، ان ملڪي ادارن جا گوڏا چٽي ڇڏيا. ان جو منطقي نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو، جيڪو نڪتو آهي ته پاڪستان پنهنجن پيرن تي بيهڻ بدران هن وقت قرض جي مرض ۾ وڪوڙجي ويو آهي.
دنيا ۾ مالي ادارا قائم ئي ان لاءِ ڪيا ويندا آهن ته اهي ملڪن کي وياج تي قرض ڏين ۽ ڪنهن ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جي وڏي نشاني اها هوندي آهي ته ان کي عالمي مالي ادارا قرض ڏيڻ ۾ ٽال مٽول ڪندا آهن ۽ اهي قرضن کي مشڪل شرطن سان مشروط ڪندا آهن. پاڪستان جي لاءِ ان کان وڌيڪ توهين ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته اڳين ڀيري آءِ ايم ايف کي هن مهل جي روايتي دشمن اها اپيل ڪئي هئي ته پاڪستان کي قرض ڏنو وڃي ۽ هن ڀيري ملڪ جي آرمي چيف آمريڪا کي چيو آهي ته هو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري پاڪستان کي قرض جي قسط وٺرائي ڏي. ان عمل تي عمران خان جي تنقيد پنهنجي جاءِ تي! پر سوال اهو آهي ته پاڪستان جي آخر اهڙي حالت ڇو ٿي آهي جو اهو قرض کان سواءِ هلڻ جوڳو نه رهيو آهي ۽ ان سوال کان به اهم سوال اهو آهي ته آخر هن قرض واري مرض مان ملڪي نجات جي ڪهڙي واٽ آهي؟ ڇا پاڪستان سدائين قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل رهندو ۽ هن کي نجات جو ڪوئي رستو نڪرڻ ممڪن ناهي؟
دنيا جو هر ملڪ مخصوص سياست جي سلسلي ۾ مخصوص معاشي پاليسي رکي ٿو. پاڪستان سان بنيادي مسئلو اهو آهي ته پاڪستان ۾ مجموعي طور تي سموريون پارٽيون ساڳي سياست ڪن ٿيون ۽ انهن جون پاليسيون به لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون آهن. هو ڪوشش جي باوجود به هڪ ٻئي کان مختلف نظر اچي نه ٿيون سگهن. ان ڪري پاڪستان ۾ سياست صرف ليڊرن جي پاڻ ۾ ڀيٽ تائين محدود ٿي وئي آهي. بلاول پاڻ کي پاڪستان جو چمڪندڙ ستارو چوي ٿو ۽ نواز شريف کي پنهنجي تجربي تي ناز آهي ۽ اهو پنهنجي لاءِ پاڻ ئي اهو علان ڪري ٿو ته هي ملڪ نواز شريف کان سواءِ هلي نه ٿو سگهي ۽ عمران خان جو موقف آهي ته هن کان سواءِ سڀ ڪوڙا ۽ ڪرپٽ آهن. هو ئي پاڪستان جو اصل ۽ وڏو ڪپتان آهي. جڏهن انهن مٿين پارٽين مان ڪا به پارٽي اقتدار ۾ اچي ٿي ته ان جي پاليسي اڳوڻي حڪومتي پارٽيءَ کان مختلف نه ٿي هجي.
اهي پارٽيون “ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه” جو زبردست مثال آهن. پاڪستان جي سياست تي اڇاتري نظر رکڻ وارن کي به معلوم آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هاڻي ڪنهن چونڊيل حڪومت جي هٿ ۾ ناهي ته اها پنهنجي مرضي هلائي پر گهٽ ۾ گهٽ چونڊيل حڪومتون اهو ته ڪري سگهن ٿيون جو ننڍڙيون ڏيهي پاليسيون اهڙيون جوڙين، جنهن سان اقتداري وهنوار ۾ تبديليءَ جو عمل پيدا ٿي سگهي. اسان کي هڪ ڳالهه جي پڪ ڪرڻي پوندي ته جيستائين اسان جي سياست تبديل نه ٿيندي، تيستائين اسان جي معيشت ۾ مضبوطي اچڻ ممڪن ئي ناهي. ڇو ته اها سياسي سگهه آهي، جيڪا معاشيات کي ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ اها معاشيات آهي، جيڪا سياست کي هڪ مخصوص رنگ ڍنگ عطا ڪري ٿي. ان حوالي سان اسان کي پنهنجي سياست ۽ پنهنجي معاشيات کي الڳ ڪرڻ جي يوٽوپيا پويان وڃڻ بدران ٻنهي کي ساڳي سمت ۾ هلائڻ جي باري ۾ سوچڻو پوندو ۽ اهو سمجهڻو پوندو ته پاڪستان کي ڪڏهن به طفيلي معاشيات مضبوط ڪري نه ٿي سگهي. پاڪستان قرضن ۾ جڪڙجي ويو آهي ۽ وڌيڪ قرض پاڪستان جي لاءِ وڏي مصيبت جو سبب بڻجندا. پاڪستان هن مهل تائين نه صرف پنهنجا قدرتي وسيلا پر پنهنجو اميج به وڃايو آهي. هي وقت آهي جو پاڪستان کي هن تمام وڏي قرض جي نشي مان نڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. پاڪستان کي سمجهڻو پوندو ته قرض جو نشو ڪڏهن به اهو رنگ نه لائيندو آهي، جنهن جي تمنا ۾ قرض کڻي نشو ڪرڻو پوندو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته مرزا غالب اهو ڇو لکي ها؟
“پيتي تهي مئه قرض ڪي اور سوچتي تهي يه
رنگ لائي گي هماري فاقه مستي ايڪ دن”
فاقن جي مستيءَ مان ڪجهه به حاصل ٿيڻو ناهي. جيڪو ڪجهه به ملي سگهي ٿو اهو صرف ۽ صرف هوش ۽ شعور مان ئي حاصل ٿيندو. ان جي خواهش به رکڻ گهرجي ۽ ان جي لاءِ پتوڙڻ به گهرجي.
پاڪستان جي معيشت جي سلسلي ۾ هڪ ڀرپور نظر سان ڏٺو وڃي ته ان مٿان امداد جو ڪلچر حاوي لڳي ٿو. جيئن ته پاڪستان پاڻ امدادن جو هيراڪ رهيو آهي، ان ڪري پاڪستان ۾ اقتدار ماڻيندڙ هر پارٽي عوام لاءِ اهڙو پروگرام جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، جنهن مان عوام کي امداد جو آسرو ٿئي. پيپلز پارٽيءَ کي وڏو فخر آهي ته هن پنهنجي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو ۽ ان پروگرام کي نه صرف نواز شريف پر عمران خان به جاري رکيو. جڏهن ته ان هڪ پينو پروگرام سان گڏ نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف مختلف نالن سان پنهنجا الڳ الڳ امدادي پروگرام به پيش ڪيا.
انهن پارٽين کي پڇا ڪرڻ گهرجي ته عالمي سطح تي وڏي مشڪل سان قرض کڻي پنهنجي ملڪي عوام ۾ مفت پئسا ورهائڻ سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي؟ نادان ۽ نااهل حڪمرانن پاڪستان کي پنهنجي عوام سميت فقير ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته اسان جي پوري دنيا جا مثال موجود آهن ته صرف ۽ صرف انهن ملڪن ۾ معاشيات بهتر ٿي آهي، جن ملڪن ۾ تعليم ۽ محنت جا پروگرام وسيع پئماني تي عمل ۾ آيا آهن. چين جو مثال اسان جي آڏو آهي. چين جي لاءِ پوري دنيا جي معاشي ماهرن جي گڏيل راءِ هئي ته ايتري گهڻي آبادي آخر ڪهڙي طرح خوشحال ٿي سگهندي؟ پر چين پنهنجي ڪمزوريءَ کي پنهنجي طاقت بڻايو ۽ هاڻي يورپي ملڪ به مڃين ٿا ته گهڻي آبادي خوشحاليءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جڏهن اصل ڳالهه آباديءَ جي ناهي. اها حقيقت آهي ته گهٽ آباديءَ ۾ ترقيءَ جا امڪان وڌيڪ چٽا ٿين ٿا ۽ گهٽ آباديءَ ۾ ٿوري محنت سان به گهڻي خوشحالي حاصل ٿي سگهي ٿي. پر جيئن ته چين جي آبادي تمام گهڻي هئي، ان ڪري هن کي محنت به تمام گهڻي ڪرڻي پئي. ان مان ثابت ٿيو ته ترقيءَ جو اصل بنياد محنت آهي. پر رڳو محنت سان ترقي نه ٿي ڪري سگهجي. ڇو ته دنيا جا پورهيت تمام گهڻي محنت ڪن ٿا پر ان جي باوجود به انهن جي حصي ۾ اها خوشحالي نه ٿي اچي، جنهن جي لاءِ هو ڏينهن رات پاڻ پتوڙين ٿا.
محنت جو مطلب اهو آهي ته جيستائين ڪو فرد يا ڪائي قوم پنهنجي لاءِ محنت نه ڪندي تيستائين اها خوشحاليءَ جو بنيادي شرط پوري ڪري نه سگهندي. خوشحالي ماڻڻ جي لاءِ اها شرط لازمي آهي محنت ڪنهن ٻي لاءِ نه پاڻ لاءِ ڪئي وڃي. ڇو ته جنهن جي لاءِ محنت ڪئي ويندي آهي، اهو ئي خوشحال ٿيندو آهي. جهڙي طرح مزدور سرمائيدار لاءِ محنت ڪندا آهن ۽ سرمائيدار مال ميڙيندو آهي ۽ جهڙي طرح هاري وڏيري لاءِ محنت ڪندا آهن ته وڏيرو مالدار ٿيندو آهي. پر جيڪو هاري ٻني ٽڪرو وٺي پاڻ پنهنجي لاءِ پورهيو ڪندو آهي ته ان جا داڻا انبار ٿيڻ لڳندا آهن. ان ننڍي مثال ۾ وڏي حقيقت پنهان آهي.
پاڪستان پنهنجي ڪٺن ۽ مشڪل دور مان صرف ان صورت ۾ نڪري سگهي ٿو جو اهو پنهنجي سياست کي تبديل ڪري ۽ هن ۾ ٻين کان قرض وٺڻ بدران پنهنجن وسيلن مان پاڻ ڪمائڻ ۽ پنهنجي مٿان انحصار وڌائڻ واري عمل سان هن ملڪ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. پاڪستان جي سلسلي ۾ اهو به سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان جي سياست امير ڪلاس تائين محدود ٿي وئي آهي. هن ملڪ جو الميو اهو آهي ته پاڪستان جا سياستدان امير ۽ پاڪستان جو عوام غريب ٿي ويو آهي. پاڪستان جي سياست ۾ غريبن جو عمل دخل صرف نعرن هڻڻ ۽ ووٽ وجهڻ تائين محدود ٿي ويو آهي. جڏهن ته ان ۾ تبديلي اچڻ لازمي آهي. پاڪستان جي سياست ۾ جيستائين غريب عوام جو عمل دخل نه هوندو، تيستائين ان ۾ غريبن جي مفادن وارو موڙ اچي نه سگهندو ۽ جيستائين پاڪستان جي سياست ۾ اها غريبن کي پاڻ ڀرو بڻائڻ ۽ انهن جي محنت کي استحصال کان پاڪ ڪرڻ واري پاليسي شامل نه ٿيندي، تيستائين پاڪستان جي معاشيات مٿان مثبت اثر نه پوندا. آزاد سياست ئي آزاد معيشت جو سپنو تعبير ۾ ساڀيان ڪري سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ پاڪستان کي پنهنجي سياست جو موجود ڍانچو ڍير ڪري، ان جي جاءِ تي نئون ۽ جديد سياسي نظام جوڙڻ جو جتن ڪرڻو پوندو. ان عمل سان پاڪستان ۾ سياست غربت ختم ڪرڻ واري خواب کي تعبير جي پوشاڪ پهرائي سگهي ٿي. امير سياست ۽ غريب عوام جو تضاد صرف تلخ نتيجن کي جنم ڏيندو رهندو.