آفريڪا جو بيٺڪيت پڄاڻان ادب پڙهي اهو احساس به ٿيڻ لڳي ٿو ته هيءَ ته سنڌ ڌرتي جي ڳالهه ٿي رهي آهي. جيئن آفريڪا جي مشهور ڏاهي ٽوٽو جو اهو جملو ته:
“اهي (اڇي چمڙي واري) اسان کي بائيبل ڏيکاري اسان کان ڌرتي کسي ويا.”
هي جملو هوبهو اڄوڪي سنڌ جي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو. اسان کي به مذهبي ڳالهين ۾ ڦاسائي اسان کان اسان جي ڌرتي کسي وئي آهي ۽ اڃا به اسان کان پنهنجي ڌرتي کسڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. جنهن جو تازو مثال سنڌ ۾ هاڻوڪا ٿيل ڪجهه واقعا آهن. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته هن ڌرتي جي اصلوڪن واسين جي سندن ئي شهرن ۾ رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي، هن ڌرتي جي استادن تي بدترين تشدد ڪيو وڃي ٿو، هڪ نوجوان کي ڌاريا قتل ڪري ڇڏين ٿا، سنڌين جي قديم وسندين کي ڊاهي بلڊرن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، افغاني دهشتگرد سرعام جديد هٿيارن سان ڌرتي ڌڻين تي گولين جو مينهن وسائين ٿا ۽ اسان جي صوبي جو وڏو وزير وري انهن دهشتگردن سان بيهي کين چئي ٿو ته هن جا ابا ڏاڏا به هڪ ڦورو سان سنڌ آيا هئا. اهو سڀ رڳو مذهب جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي. هي ڌرتي منهنجو وطن آهي، هن تي رڳو منهنجو حق آهي، ايتري سولي ۽ سادي ڳالهه به هنن مذهبي ٻهروپين کي سمجهه ۾ نٿي اچي. آفريڪا جي اصل واسين کي به بلڪل ساڳئي نموني ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. جنهن جو ذڪر وري وري آفريڪا جي ادب ۾ پڙهڻ لا ملي ٿو.
جيڪڏهن آفريڪي اديبن جي ڳالهه ڪجي ته انهن ۾ بين اوڪري (Ben Okri) جو نالو به اهم اديبن جي فهرست ۾ اچي ٿو. 63 سالن جو بين اوڪري نائجيريا جو وڏو شاعر ۽ ناول نگار آهي. هو 1959ع ۾ ڄائو. هن جي ڳڻپ آفريڪا جي سڀ کان مشهور پوسٽ ماڊرنسٽ ۽ پوسٽ ڪالونيل ليکڪ طور ٿئي ٿي ۽ هن جي ڀيٽ مارڪيز ۽ ڪجهه ٻين پوسٽ ماڊرن ليکڪن سان ڪئي وڃي ٿي. هن وقت تائين هن جا لڳ ڀڳ ڏهه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ سن 1991ع ۾ هن کي ناول The Famished Road لا بُوڪر پرائيز به مليو. سن 2011ع ۾ هن جو مضمونن جو ڪتاب “A Time For New Dreams” ڇپيو، جنهن ۾ هن جا ادب ۽ آفريڪا جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هتي هڪ مضمون مان هن جا خيال ڏجن ٿا:
“آفريڪا کي نظر انداز ڪرڻ سولو آھي. آفريڪا جي مخصوص صف ۾ درجا بندي ڪرڻ به سولي آھي. آفريڪا کي پسند ڪرڻ جي دعوا ڪرڻ به سولي آھي. آفريڪا جو استحصال ڪرڻ به سولو آھي ۽ آفريڪا تي ٺٺول ڪرڻ به سولي آھي. پر آفريڪا کي صحيح معنى ۾ سمجهڻ ڏکيو آھي، ان جي گهڻاين، ان جي پيچيدگين، ان جي سادگي ۽ ان جي ماڻهن کي سمجهڻ ڏکيو آھي. ان جي خيالن کي پرکڻ، ان جي دنيا ۾ حصيداري ۽ ادب کي سمجهڻ ڏکيو آھي.
ان جي ٽهڪن کي ٻڌڻ ڏکيو آھي، ان جي وحشتن کي سمجهڻ، اتان جي روحانيت کي سمجهڻ ۽ ان جي ڏکن سورن سان بيهڻ ۽ ان جي قديم فلسفي جو ماهر ٿيڻ ڏکيو آھي. آفريڪا کي ڏسڻ ڏکيو آھي جو ان کي ڏسڻ لا دل گهرجي، ان کي بنا ڪنهن مونجهاري جي ڏسڻ لا سادو سٻاجهڙو روح گهرجي ۽ ان کي تعصب کان پاڪ اک سان ڏسڻ لا مڪمل انسان ٿيڻ جي ضرورت آھي. آفريڪا انسانذات لا هڪ چيلينج ۽ دنيا جي ستل ڏاهپ آھي. اهو هڪ ڏکيو معمو آھي.
ماڻهن جي اندر دفن ڳجهن کي آفريڪا نروار ڪندو آھي. اهو انهن جي بهادري ۽ ڀاڙائپ کي نروار ڪندو آھي، سندن خوشين کي، سندن ضمير، سندن وڏ ماڻهپي ۽ هلڪڙائپ کي نروار ڪندو آھي. آفريڪا اڳيان اوهان جي اصليت لڪي نٿي سگهي. ماڻهن جي نرم مزاجي، خوش اخلاقي ۽ نيڪ نيتي پٺيان لڪل حقيقي شخصيت کي نروار ڪندو آھي.
21هين صديءَ ۾ آفريڪا انسانذات لا هڪ چيلينج آھي، ڇو ته ان جي ڪري انسانذات امن کي محسوس ڪري سگهي ٿي. آفريڪا انسانذات جو ضمير آھي.
جيستائين هر کنڊ جي ماڻهن جي ڀوڳنا ختم نٿي ٿئي، جيستائين دنيا جي هر حصي ۾ رهندڙ ماڻهو خوشحاليءَ سان نٿا رهن، اهي هر موتمار بيماري، بک ۽ ڏاڍ کان آجاپو حاصل نٿا ڪن، ايتري تائين انسانذات جي حقيقي ترقي نٿي ٿي سگهي. اهي جن کي آفريڪا جي ڄاڻ ناهي، اهي ان کي ٻئي طريقي سان به ڏسي سگهن ٿا. آفريڪا کي ڏسڻ لا پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ ضروري آھي. پنهنجي اکين مان موتيو ڪڍڻو پوندو. ڪنهن جي چمڙيءَ جي رنگ کي ڏسي فيصلي ڪرڻ مان اسان کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. حيرت آهي جو هتي اهو مسئلو اڃا به موجود آھي. اهو اسان جي دور جو هڪ خاموش الميو آھي. اهو ماڻهن کي سچيون دوستيون ڪرڻ کان روڪي ٿو. اهو کين ٻي دنيا جو ادب پڙھڻ کان روڪي ٿو. اهو خيالن جي وهڪري ۽ اسان جي زندگين ۾ گڏيل مسرتن کان روڪي ٿو. اسان انسان ٿيڻ واري فن ۾ اڃا آڳاٽي زماني جا ماڻهو (primitives) آھيون.
انهيءَ ڪري ئي ادب کي وڏي اهميت مليل آھي. ادب سڀ کان پهرين اسان کي ٻين جي سوچ کان روشناس ڪندو آھي. ادب امڪان سان ملڻ آھي. ڪنهن جي فن ۽ دل سان ملڻ آھي.مان جڏهن به پنهنجي ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ وارن جي گهر ويندو آھيان ته ڪتابن جي ڪٻٽ تي وڌل هڪ سرسري نظر ئي هنن بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ويندي آھي. پو ڀلي اهي پنهنجي حوالي سان ڪهڙي به دعوا ڇو نه ڪندا هجن! تابن جي ڪٻٽن ۾ شيڪسپيئر، ڊڪنس، جين آسٽن، ٿامس هارڊي، يا هنري جيمز يا ٻيا اهي (وڏا ليکڪ) جن کي ڪلاسڪ جو درجو مليل آھي، انهن کي قطارن ۾ سينگاري رکڻ سولو ڪم آھي. اهو به فيشن آھي ته پاڻ کي ترقي پسند ڏيکارڻ لا مشهور ادب سان گڏ وڏن اديبن جا ڪليات رکيا وڃن. پر انهن ڪتابن جي وچ ۾ رکيل يوڪريني، ايراني، هندستاني يا مصري ناول ۽ ڪنهن گهٽ مشھور سمالي شاعر جا نظم، هالينڊ جي ڪنهن ليکڪ جون لکيل ڪهاڻيون، ڪينيا، نائجيريا، يا جيميڪا جا ناول، پرتگالي ۽ جاپاني ڊراما ئي اهو صحتمند رويو آھي جنهن جو خواب انساني روح ڏسن ٿا ۽ ان کي ئي خاص ڳالهه چئبو. هيءَ اهو ئي ماڻهو هوندو جنهن کي گوئٽي عالمي شهري (citizen of the world) ڪوٺيو آھي. هيءَ ئي اهو ماڻهو هوندو جنهن کي دوست سڏجي، هڪ اهڙو فرد جيڪو انسانيت سان سرشار هجي ۽ جيڪو گهڻ رنگي يا گهڻ رخي ڏاهپ کان متاثر ٿيندو هجي.
هي سڀ انهيءَ لا آھي ته انسانن جي گهڻ رنگي يا گهڻ رخي ڏاهپ تي جشن ڪجي. هن سڀ جو مقصد اهو آھي ته آفريڪا کي باقي دنيا سان ڳنڍجي ۽ باقي دنيا کي آفريڪا سان… مقصد اهو آھي ته تصور ۽ تخيل جو پل ٺاهجي. اميد اها آھي ته تخليقي ادب جي خوشي ۽ مسرت کي ونڊجي. پر ادب جي لفظن تي رڳو خاموشيءَ سان نظر وجهڻ ئي کوڙ نه آھي. اهو بلڪل ائين آھي جيئن موزاٽ سندس سس لا چيو ته: “هو اوپيرا ڏسندي ته آھي پر ان کي ٻڌندي ناهي.” اسان کي ادب کليل ذهن ۽ فراخ دليءَ سان پڙھڻ گهرجي. سچو ادب ان اسڪرپٽ کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو جنهن کي اسين انسانيت سڏيون ٿا. اهو ان امڪان جي سرحدن کان ڏور هليو وڃي ٿو جن کي اسين لاڳو ڪري پاڻ کي انسان چئون ٿا. اهو (ذھن ۾) اڳواٽ جوڙيل تصورن کي ٽوڙي ٿو. سچي ادب ۾ ڪجهه شيون نيون هونديون آھن ۽ ڪجهه شيون اهي جن کي اسين اڳواٽ ڄاڻون ٿا. انهيءَ ڪري اسان جديد ادب کان اها گهر نٿا ڪري سگهون ته اهو پراڻي ادب جهڙو هجي ته اهو اسان کي ساڳي خوشي ڏئي جيڪا ان اسان کان اڳ وارن کي ڏني. اهو جئيرو جاڳندو ادب نه هوندو جيڪڏهن اهو اسان کي حيران نه ڪري وڃي ۽ نه ئي ڪا نئين سمجهاڻي ڏي. اهو رڳو ورجائو ئي هوندو. ادب آئينو آھي، ڳجهه کوليندو آھي ۽ آزاد ڪندو آھي.
وڏي وقت کان آفريڪي ادب کي نظر انداز ڪيو ويو آھي. انهيءَ جو فائدو اهو ٿيو آھي ته ان ۾ نواڻ آڻڻ جو موقعو ملي ويو. ان ۾ ڪيترن نئون طريقن، مزاجن، امڪانن ۽ فلسفن کي جنم ڏيڻ جي صلاحيت اچي وئي. ايندڙ وقت ۾ اهڙو ادب دنيا کي خوبصورت ۽ حيران ڪندڙ تحفا ڏيندو. اهي جيڪي مستقبل جا سيڙپ ڪندڙ آھيو! آفريڪا ڏانهن ڌيان ڌريو. اڄ اهو ڦٽل ۽ پٺتي پيل آھي، پر سڀاڻي مکڙي جيان ٽڙيندو ۽ ميوو ڏيندو. جيئن ڪڏهن احرامن جي وچ ۾ نيل درياهه هو يا برسات کانپو وارو ساوانا (جارجيا جو علائقو). آفريڪا ۾ ڪمال جي لچڪ آھي، ان جو مستقبل امڪانن سان ڀريل آھي، جيئن ئي آفريڪا جا ڦٽ ڀريا ته اهو سموري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو.”
هي آهن بين اوڪري جا آفريڪا ۽ ان جي ادب لا خيال….مان سمجهان ٿو ته آفريڪا جيان منهنجي مٺڙي سنڌ ۾ به اها ئي ساڳي لچڪ ۽ نرمي آهي، پر هاءِ ڙي سنڌڙي! صدين کان تنهنجي مٽي ۾ رڳو رت جو فصل پوکيو پيو وڃي، تنهنجي درياهه کي سڪايو ٿو وڃي…. تنهنجي ٻچڙن کي بي دردي سان لٽي ڦري قتل ڪيو ٿو وڃي. جيڪڏهن منهنجي وطن سنڌ کي به ٿوري وٿي ڏني وڃي ته اها به دنيا کي حيرت ۾ وجهندڙ تحفا ڏئي سگهي ٿي.