ملڪي سياست ۾ هميشه مائنس فارمولو رهي ٿو. سڀني ڏٺو ته ان فارمولي تحت پهريان ميان نواز شريف جي وزير اعظم جي ڪرسي تي هوندي، مائنس ٿي ويو، ان کانپوءِ آصف زرداري جو وارو آيو، پر هن جي مائنس ٿيڻ يا نه ٿيڻ کي گهڻي اهميت نه ڏني وئي يا ان فارمولي تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته ميان نواز شريف، اسٽيبلشمنٽ لاءِ وڏو خطرو هو، ايترو خطرو آصف زرداري نه هو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو ڊوميسائل الڳ الڳ هو، هاڻ چون ٿا ته ميان نواز شريف جي جتيءَ ۾ ڪنهن ٻئي جو نه پر عمران خان جو پير هوندو!
هي الڳ ڳالهه آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ مائنس فارمولي جي شروعات مجيب الرحمان کان ٿي، ان سان گڏ نعپ جا اڳواڻ، جن ۾ ولي خان، خيربخش مري، مير غوث بخش بزنجو ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا اڳواڻ شامل هئا، جيڪي مائنس ٿيا ۽ جلد ئي مرڪزي نقطو به بڻيا. شيخ مجيب الرحمان ته اهڙو ڳرو پٿر هو، جنهن پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ کي مائنس ڪري، هميشه لاءِ جان آجي ڪرائي. باقي کيڏ تماشا جاري رهيا ۽ هينئر به جاري آهن. عمران خان جو قدڪاٺ، سياسي سوجهه ٻوجهه ۽ سياسي شطرنج جو ڏانءَ باقي سياسي اڳواڻن جي مقابلي ۾ زيرو آهي. هن ملڪ جا حڪمران الطاف حسين جهڙي ڪرشمي ساز شخص کي آڻي ۽ پوءِ مائنس ڪري سگهن ٿا ته ان جي مقابلي ۾ عمران خان ڪجهه به ناهي.
عمران خان کي به انهن ئي قوتن آندو، جن الطاف حسين کي آندو هو، پر پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي جنهن بلندي تان کڻي هيٺ ڦٽو ڪيو ويو، اها وڏي گيم آهي، اهڙي صورتحال ۾ نفسياتي طور تي ماڻهو جا هوش ۽ حواس خطا ٿي ويندا آهن ۽ ان کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ان سان ٿي ڇا ويو. هينئر منع ڪيل فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ته آيو، جنهن ۾ ثابت ٿي ويو ۽ اهي سموريون رسيدون، جيڪي نواز شريف کي ڪڍڻ لاءِ چيو ويو، اهي عمران خان جون نڪتيون آهن. نواز شريف جو ڪيس جنهن بنياد تي وڙهيو ويو، اهو ته ثابت به نه ٿيو هو، انڪري عدالتي جادوگري ڪري ميان نواز شريف کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو، پر هن جي سياسي پارٽي، پهريان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ميچوئر ٿي ۽ هينئر تائين حڪمران جماعت آهي. ن ليگ کانسواءِ ملڪي سياست جو لينڊ اسڪيپ اڻپورو ئي رهندو. پر عمران خان جي پارٽي ڪيتري ان جي رهي آهي ۽ ان مان مسلم ليگ جيان ڪيتريون پي ٽي آئيز نڪرن ٿيون، اهو تماشو اڃان سڀني کي ڏسڻو آهي. هينئر تائين ملڪ اندر جن به سياسي پارٽين تي پابنديون لڳيون يا مائنس فارمولن تي عمل ٿيو، انهن مان تقريبن سموريون پارٽيون موجود آهن، ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ به رهي، پر هي پارٽي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهندي يا نه، ان جي ڪابه ضمانت ناهي!
اسٽيبلشمنٽ جي اهم حصي عمران خان کي ان وقت عاق ڪيو، جنهن وقت هن خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئي ۽ اها ڪامياب ٿي وئي. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ڊوڙون پارايون ويون، عمران خان جيترا به سياسي پروگرام ڪيا ۽ جنهن کي هو مزاحمت قرار ڏين ٿا، اهي بيڪ فائر ثابت ٿيا. ايستائين جو ڪي پي ڪي ته پهريان ئي عمران خان وٽ آهي، ان کي پنجاب جهڙو اجگر صوبو به ڏنو ويو، جتي عمران خان وٽ وڏ وزارت جو به اميدوار نه هو. ان جي باوجود، جيڪي خطرا آهن، اهي گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن. وفاقي ڪابينا عمران خان جي خلاف جنهن ڊائريڪشن ۾ قدم کڻڻ جا فيصلا ڪيا آهن، انهن پي ٽي آءِ جي سموري قيادت کي ٻه واٽي تي بيهاري ڇڏيو آهي. انهن کي شايد سمجهه ۾ به نه اچي رهيو آهي ته ساڻن ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هونئن به واڳ ڌڻي، جنهن وقت ڪنهن پارٽي يا شخصيت کي عبرت جو نشانو بنائڻ گهرندا آهن، تڏهن ڀلي سو سيڪڙو سندن منشا مطابق نه ٿئي، پر ايستائين ٿيندو آهي، جو اها ڌر مستقبل ۾ چيلهه سڌي ڪري نه سگهندي آهي. هينئر ڀلي هي چيو وڃي ۽ ان ۾ ڪنهن حد تائين سچائي به هجي ته عمران خان جا همدرد اسٽيبلشمنٽ اندر موجود آهن ۽ اهي کيس ايڊجسٽ ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا، پر اهي به هڪ حد تائين اڳتي ايندا. جيڪڏهن اداري جي پاليسي هڪڙي هجي ته ٻي ڌر ان کي ڪراس ڪري نٿي سگهي، خاص ڪري اسٽيبلشمينٽ جو ڊسپلن ڪجهه ٻئي قسم جو ٿيندو آهي. هي سڀ ڪجهه انڪري ٿي رهيو آهي ته سياسي پارٽيون سائونڊ بنيادن تي قائم ناهن، انهن هميشه عوام بدران ٿري ايز (3As) تي ڀاڙيو آهي. عمران خان کي اقتدار جي ميدان مان ڪڍيو ويو ته هن جون اپيلون به انهن کي هيون، جن کيس اهڙا ڏينهن ڏيکاريا. هي ساڳي حالت ٻين مک پارٽين جي به آهي، اهي جوڙ توڙ ڪري، واڳ ڌڻين سان معاملا طئي ڪري اينديون آهن ۽ ائين اقتدار جي ٻيڙي وچ سير ۾ هوندي آهي، پوءِ اها لڏندي لڏندي ٻڏي به ويندي آهي. اسٽيبلشمنٽ ميان نواز شريف کي ڪاپاري ڌيڪ هنيو هو ۽ طاقتور ڌرين کان وٺي عدليا تائين سڀ قوتون هن جي خلاف آن بورڊ هيون. هينئر اڃا تائين عدليا، ففٽي ففٽي آهي. اها،ڪڏهن عمران خان جي حق ۾ ته ڪڏهن وري مخالفت ۾ فيصلا ڏيندي رهي آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته هو واڳ ڌڻين جو هينئر به لاڏلو آهي، اهي شايد جلد مايوس ٿيندا!
عمران خان جي وزير اعظم جي ڪرسي نڪري وڃڻ کانپوءِ کيس ميدان مان ڪڍڻ لاءِ سموريون ڪوششون شروع ٿيون آهن. توهان اقتدار جي Dynamics ڏسو، هي ساڳيا واڳ ڌڻي هئا، جن عمران خان کي اقتدار ۾ آندو، ان جي هر قسم جي مدد ڪئي. ڏيهي فرنٽ کان وٺي پرڏيهي فرنٽ تائين کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کي اقتدار ۾ رهڻ جا گر سيکاريا،اهم اداري جو سربراهه ائين لڳو ٿي ته عمران خان جي ڪابينا جو پرڏيهي وزير هجي. هي ساڳيو شخص هاڻ ٽن مهينن جي انتظار کانپوءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سيٽ سنڀالي چڪو آهي. ان جوڙ توڙ ۽ سرگرمين کي جيڪو به نالو ڏنو وڃي، پر ان سان سويلين حڪومت جو اعتماد ڇيهو ڇيهو ٿيندو. هينئر تائين گهڻا ڪم بلاول ئي ڪيا ۽ ايستائين جو چين جهڙي ناراض دوست کي راضي ڪيو، ان کان جوڳي رقم وٺي، حڪومت جو نظام هلايو. هاڻ جڏهن معاملا سڌا ٿي رهيا آهن، ته اهم اداري کي مداخلت لاءِ چيو ويو آهي يا وري هو پنهنجي مرضي سان اننگز کيڏي رهيا آهن. هي هوبهو صورتحال عمران خان جي دور جهڙي آهي.
هاڻ عمران خان کي تيزي سان ڪارنر ڪيو پيو وڃي، هڪ طرف هن جي خلاف ريفرنسز تيار ٿي اليڪشن ڪميشن تائين پهچي ويا آهن. ان سان گڏ اليڪشن ڪميشن به خطرناڪ موڊ ۾ آهي، انڪري ان عمران خان کي ڊيڄارڻ لاءِ چوڌري شجاعت حسين ۽ ان جي هڪ چوڌري کي پارٽي جي سربراهه طور قبول ڪيو آهي. ان سان گڏ ٻه معاملا اليڪشن ۾ آهن، هڪ طرف عمران خان جي خلاف توشا خانا ڪيس ۾ کيس نااهل قرار ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ريفرنس موڪلي ڇڏيو. ان سان گڏ چوڌري شجاعت حسين جو اهو خط، جنهن جي بنياد تي چوڌري پرويزالاهي کي وڏ وزارت جي ڪرسي کان محروم ڪيو ويو ۽ سپريم ڪورٽ مداخلت ڪري چوڌري کي پنجاب جو وڏو وزير ته بڻائي ڇڏيو، پر عمران خان کيس پهرين ميٽنگ ۾ واضح ڪري ڇڏيو ته هن جا 10 ايم پيز آهن، انڪري هو اقتدار ۾ والار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، ان جو ڪو وزير به پنجاب ڪابينا ۾ شامل نه هوندو، ممڪن آهي ته هڪ اڌ وزارت ڏني به وڃي، پر چوڌري پرويز الاهي کي کيڏڻ لاءِ محدود ميدان ڏنو ويو آهي. هاڻ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن چوڌري شجاعت جي خط کي قبول ڪري وٺي ٿي ۽ ايم پي ايز کي ائين ڊي سيٽ ڪري ٿي، جيئن پنجاب اسيمبلي جي 20 ميمبرن کي گهر ڀيڙو ڪري ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. ساڳيو فارمولو اپنايو ويو ته ق ليگ جا 10 ئي ميمبر ڊي سيٽ ٿي ويندا، اهڙي صورتحال ۾ به پرويز الاهي، بقول چوڌري شجاعت جي گهر واپس وڃي ٿو ۽ سندس پاسي واري ڪمري ۾ رهڻ شروع ڪري سگهي ٿو ته نه ليگ ۽ پ پ کيس بچائي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جو ڇا ٿيندو؟ کيس پيرين اگهاڙو اقتدار کان الڳ ڪري سگهن ٿا، ممڪن آهي ته هاڻ پلان بي تي عمل شروع ٿي وڃي!
هينئر سڀ کان وڏو خطرو عمران خان کي آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن نااهلي جا ريفرنس قبول ڪري وٺي ٿي ته پوءِ هي ٻيو ميان نواز شريف هوندو، اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ پارٽي طور رهي سگهي ٿي، پر ان جو سربراهه ڪير هوندو؟ اهو اهم سوال هوندو. ڇاڪاڻ ته ميان نواز شريف وٽ ٻيا آپشنز به هئا، پر عمران خان کي پاڻ کانسواءِ ڪوبه اهل نظر نه ايندو آهي. ان جي به ڪا ضمانت نه هوندي ته پي ٽي آءِ جو وجود ئي نه رهي، جيئن موجوده صورتحال ۾ آهي، اهڙي تبديلي جي صورت ۾ ايندڙ چونڊن ۾ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ڪيتري “پاپولر” پارٽي هوندي، اها ڳالهه سوچڻ کانپوءِ عمران خان جي پارٽي ٻي ق ليگ لڳي ٿي. عمران خان جو هر طرف کان گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، هن جي مائنس ٿيڻ سان هن جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اميج به خراب ٿيندو ۽ ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏيندو رهجي ويندو.