ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جي روحاني ترقي ۽ سوويت ادب-III

Editorial-Article- Yameen Jatoi

لينن کي عام ماڻهن جي تخليقي قوتن تي، سندن عقل ۽ ڏاهپ تي بي پناهه اعتماد هو. جيڪي جدوجهد ۾ وجود ۾ آيا هئا ۽ جيڪي پنهنجي آزادي ۽ سوشلسٽ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ جي عملي طريقن جي ڳولها ۾ هئا.
انهن عام ماڻهن جي اڳيان وڌڻ جو رستو رڳو ڪميونسٽ پارٽي ئي ڏيکاري پئي سگهي. اها ئي اها پارٽي هئي جنهن عوام کي سوشلسٽ انقلاب لاءِ تيار ڪيو هو ۽ جنهن انهن آڏو “هاڪاري ڪميونسٽ تعمير” جا تخليقي مقصد رکيا هئا. هن سڄن سماجي گروهن کي تعليم ڏيڻ جو ڪم انهن کي سوشلزم جي جذبي تحت ترقي ڏيارڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو.
اسان جي سماج جي ارتقاءَ سان گڏوگڏ “عام ماڻهن” جي ڪائناتي تصور ۾ پورهيت عوام جا اهي وسيع حصا شامل ٿيندا ويا جيڪي سوشلزم جي تعمير ۾ حصو وٺي رهيا هئا. 11هين پارٽي ڪانگريس ۾ 2 اپريل 1922 تي پڄاڻي واري تقرير ڪندي لينن چيو “هاڻي اصل شئي هي آهي ته هڪ بي مثال حد تائين وڏو ۽ تمام طاقتور جٿو ٺاهي اڳيان وڌجي، ڪنهن ٻئي نموني نه پر هاري طبقي کي گڏ کڻي ۽ عمل سان، طور طريقي سان، تجربي سان ان تي ثابت ڪري ڇڏجي ته اسان ان جي مدد ڪرڻ ۽ ان کي ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ سکي رهيا آهيون ۽ سکندا رهنداسين. ڪروڙين پورهيت عوام جي تاريخي سرگرميءَ ۾ اضافي سان گڏ عوام ۾ زبردست پئماني جي تبديلي هر انسان جي مقدر تي، سوويت عوام جي سڄي ڪلچر تي ۽ سوشلسٽ جمهوريت تي اڃا به گهرو اثر وجهي ٿي.
ادب جهڙو زبردست روحاني عنصر جيڪو فرض نڀائي ٿو اهو بنيادي اهميت رکي ٿو. لينن ادب جي حوالي اهو ڪم ڪيو ته هو عام ماڻهن کي اڳيان وڌائي ۽ سندن جذبن، سندن فڪر ۽ سندن مرضيءَ کي گڏ ڪري. هن ٻڌايو ته ادب کي عام ماڻهن جي تجربي ۽ عمل سان وابستا هئڻ گهرجي.
پارٽِيءَ جي رهمنائيءَ ۾ ۽ ان جي آدرشن سان همت حاصل ڪري ادب عوام کي سوشلسٽ شعور جي سطح تائين پهچڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي بهترين تخليقن ۾ جيڪي انسان دوست خيال ۽ آدرش موجود آهن اهي عام ماڻهن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا ته کين ڪهڙا ڪم ڪرڻا آهن، سندن تخليقي روح کي واڌويجهه بخشين ٿا، کين گڏ ڪن ٿا ۽ انسان تي، سندس تهذيب ۽ تعليم تي توجهه ڏين ٿا. ادب سچائيءَ سان حقيقت جي نمائندگي ڪري انهن ڪاميابين کي اجاڳر ڪري ٿو جيڪي سوويت عوام حاصل ڪيون آهن ۽ جن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، ۽ گڏوگڏ ڪمزورين ۽ اوڻاين جي تنقيد ڪري ٿو ۽ اسان کي اڳيان وڌڻ ۾ مدد ڏئي ٿو،
انهن ئي ڪاميابين جي ڪري ۽ انهن ڪاميابين کي حاصل ڪرڻ ۾ سوشلسٽ حقيقت نگاري جي ادب جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان جي ڪري اڄ جڏهن نظرياتي جدوجهد تيز ٿيندي پئي وڃي ته ان تي بورجوازي پاران سخت حملا ڪيا پيا وڃن.
بورجوا نظرئي ساز سڀ کان وڌيڪ ان لينني خيال تي عمل کان چڙن ٿا ته فتحياب سوشلسٽ انقلاب، ڪميونسٽ پارٽي ۽ سوشلسٽ رياست وڏي پئماني تي ان عوام کي تعليم ڏيڻ ۽ ان کي نکارڻ جي اهليت رکن ٿا جيڪو حقيقت کي، پنهنجي پاڻ کي نئين انداز ۾ تخليق ڪري رهيو آهي ۽ هڪ ڪميونسٽ سماج جي تعمير ۾ لڳل آهي. سامراجي نظرئي سازن جي ايئن ڪاوڙجڻ جو سبب اهو آهي ته هو عام ماڻهن کان ۽ سوشلزم کان ڊڄن ٿا، عوام سان نفرت ڪن ٿا، ۽ پاڻ پنهنجي مٿڀرائپ ۽ پنهنجي بورجوا انفراديت جي ڳڻتي کين ڪوري رهي آهي.
ان مقصد تحت قسمين قسمين ڪائناتي تصورن جو سهارو ورتو وڃي ٿو جن جي بنياد تي اها دعوي ڪئي وڃي ٿي ته جتي به عام ماڻهو سرگرم ٿين ٿا اتي انفراديت جو زوال اچڻ لازمي ٿي ويندو آهي.
هوڏانهن ڪجهه سالن کان بورجوازي جا ڪيترائي نظرئي ساز اهڙن “تازن” دليلن جي ڳولها ۾ آهن جن سان عام ماڻهن جي عقل ۽ سندن تخليقي صلاحيت جي ملامت ڪئي وڃي. ان ڳولهاسان ايئن لڳي ٿو ته ڪجهه ماڻهو “خاص مهارت” حاصل ڪري رهيا آهن.
اهڙي نموني عام پروپئگنڊا ڪندڙن جي انهن سرگرمين ۾ خاص ڪري بدزباني ۽ cynicism نظر اچي ٿي، جن جو رخ انهن ماڻهن ڏانهن هوندو آهي جيڪي خراب سٺي جو فرق ڪرڻ کان سواءِ سڀ ڪجهه پڙهن ٿا. مثال طور وفاقي جمهوريا جرمنيءَ ۾ مختلف اسڪولن لاءِ درسي ڪتاب ترتيب ڏيندڙ ماڻهو پڙهندڙن کي “مثالي اڳواڻ” “سورما صفت انسان” يا “سڌن سڌن مذهبي خوبيون رکندڙ پورهيت ماڻهن” سان واقفيت حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿا ۽ اڪثر هيئن ٿيندو آهي جو “سورمن واريون خوبيون” ڪنهن عسڪريت پرست سان وابسته ڪيون وينديون آهن. (جيئن بتراز 1968) انهن ڪتاب جا ليکڪ انهن ماڻهن کي مستقل مزاج ۽ پختي ڪردار وارو ٻڌائين ٿا جن جو ڪردار ان نموني جي معيارن مطابق هوندو آهي.
بورجوا نظرئي ساز ان کان به وڌيڪ مڪاريءَ تي ٻڌل ترڪيبون استعمال ڪندا آهن. اهي ماڻهو مختلف نمونن جي ترميم پسندن جيان هاڪاري نسخا ته گهٽ ئي ٻڌائيندا آهن پر عوام جي تخليقي سرگرميءَ کي حوصلو ڏيارڻ ۽ انسان جي روحاني ارتقاءَ ۾ سوشلسٽ رياست ۽ پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ جي تنظيمي ڪردار کان صفا انڪار ڪندا آهن.
ان معنيٰ ۾ اسان فيلسوف ۽ جماليات دان ۽ نالي ماتر فرينڪفرٽ سماجياتي اسڪول (اولهه جرمني) جي سربراهه ٿيوڊور ايڊورنو جي موقف کي نمونو قرار ڏئي سگهون ٿا ان لاءِ جو کيس بورجوا دانشورن ۾ هڪ قسم جي سند حاصل آهي.
هيٺين حوالي مان واضح ٿي ويندو ته ايڊورنو جهڙا “غيرجانبدار” نظرئي ساز به انسان جي سوشلسٽ ارتقاءَ کان انڪار ڪرڻ ۽ سوشلزم بابت دشمناڻو ۽ انڪار وارو رويو اختيار ڪرڻ ۾ ڪهڙي نه رجعت پرست انتها تي پهچي وڃن ٿاِ “زندگيءَ جي ڀرپور هئڻ واري خيال کي، ۽ ان نموني جي زندگيءَ کي خاص ڪري جنهن جو وچن سوشلسٽ ڪائناتي تصور عوام سان ڪري ٿو….. ان نموني جي ڀرپور زندگيءَ کي هوس کان يا اهڙي مطالبي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي جنهن ۾ تشدد ۽ جبر شامل هجي.”
ٻين لفظن ۾ انسان جي ذهني ارتقاءَ ۽ هڪ ڀرپور زندگيءَ ڏانهن وڌڻ واري ان جي خواهش کي ايڊورنو بدي قرار ڏئي ٿو. ان ڪري جو هن لاءِ دنيا کي روحاني دولت جي خودغرضاڻي نموني فتح ڪرڻ ضروري آهي. هو پاڻ ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته هن جيڪو فيصلو ڏنو آهي اهو شخصيت جي ارتقاءَ جي سوشلسٽ خيال تي به ٺهڪي ٿو. ايڊورنو پنهنجي پاڻ کي موجوده بورجوا عالمي نقطه نظر جو نقاد سمجهي ٿو، اصل ۾ هن پنهنجي پاڻ کي ان نقطه نظر جو مڪمل طور غلام بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ ريت کيس “اوڀر ۽ اولهه ۾ هڪٻئي جي ويجهو اچي ڪاموراشاهي غلبي جي سائي هيٺ گڏجڻ جو يقيني رجحان” تمام گهڻو چٽو نظر اچي ٿو. ڏسو ٿيوڊور ايڊورنوِ “ناڪاري جدليات” اوڀر ۽ اولهه مان سندس مراد سوشلزم ۽ سرمائيداري آهي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button