نور محمد بجير
سماجي ادارن جي ڳالهھ ڪرڻ سان عام تاثر اھو قائم ٿي چڪو آھي ته سماجي ادارن ۾ صرف اين جي اوز يعني نان گورنمينٽل آرگنائزيشن اچن ٿيون. انھي نالي کي غور سان ڏسجي ته انھي سيڪٽر کي پنھنجي ڪابه سڃاڻپ نه ڏني وئي آھي. ھڪڙا حڪومتي ادارا آھن ۽ ٻيا غير حڪومتي ادارا يعني نان گورنمينٽل آرگنائزيشن آھن. سماجي ادارن جي وصف کي ڳوڙھي طريقي سان جاچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان کي ھڪ ڪٽنب، پاڙو، خاندان، برادري وغيرہ به سماجي اداري طور نظر ايندا ۽ اھي ئي صدين کان قائم ٿيل سماجي ادارا آھن.
سماج جي ڍانچي ۾ جڏھن ڏار پوڻ شروع ٿيا، خاندان ۽ برادرين ۾ زور ٽٽو ته سماجي مسئلا وڌيا ۽ ماڻھو اڪيلا ٿيڻ لڳا. رياستون وجود ۾ آيون ته انھي کي ھلائڻ جي لا عوامي سطح تي قابض جاگيردار طبقي رياست ۾ حصيداري شروع ڪئي. جاگيردار سوچ جو محور ھميشه سماجي ادارن کي ٽوڙڻ رھيو آھي. وڙھايو ۽ حڪومت ڪريو واري پاليسي استعمال ڪئي وئي. جاگيردار طبقي حڪومتي طاقت جي زور تي وچولي طبقي کي اسرڻ نه ڏنو ۽ ھيٺئين طبقي جو خوب استحصال ڪيو آھي.
دنيا ۾ جڏھن سماجي تبديلي جي ڳالھه ھلي ته عوام جي شموليت يا شراڪت جو تصور آيو. اھا شراڪت عوام کي منظم ڪرڻ سان ئي ممڪن ھئي، انھي ڪري عام ماڻھن جي سماجي ڍانچي جي تجربي مان سکندي کين آمادہ ڪيو ويو ته توھان جتي آھيو اتي گڏجي ويھو، گڏجي سوچيو، گڏجي رٿابندي ڪريو ۽ پنھنجي مسئلن جي حل لا پاڻ ۽ ڪجھه ڪريو.
سماج جي متحرڪ ۽ سمجهدار ماڻھن ڪجھه وڌيڪ سوچندي پنھنجا ھم خيال دوست گڏ ڪري انھي ڪم جي دائري کي وڌايو، ڳوٺ کان شھر ۽ شھر کان ضلعو ۽ پو صوبي ۽ ملڪي سطح تي پنھنجي ڪم جي دائري کي وڌايو. مثال طور سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيشن جو سنڌ ۾ قيام ھڪ شھر کان شروع ٿيو ۽ نيٺ اھو پکڙندي پکڙندي سنڌ جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھتو. ھزارين رضاڪار انھي سٿ ۾ شامل ٿيا ۽ شاندار ڪم ڪيو.
سماجي ادارن جا انتظامي اسٽرڪچر ھوندا آھن ۽ ڪم ڪرڻ جي لا پروفيشنل ٽيم ھوندي آھي جيڪا پوري انتظام کي سنڀاليندي آھي ۽ مدد ڪرڻ وارن ادارن وٽ جوابدہ ھوندي آھي. ھڪ ھڪ پائي جو حساب ٿيندو آھي ۽ ڪنھن ساک واري آڊٽ فرم وٽان ھر سال آڊٽ ڪرائي ويندي آھي.
پاڪستان ۾ 80 واري ڏھاڪي ۾ غير ملڪي فنڊنگ جو رجحان شروع ٿيو ۽ عالمي تنظيمن پڻ پنھنجو ڪم شروع ڪيو. انھي فنڊنگ اچڻ جا مختلف سبب ھئا جن مان ڪجھه ھيٺ ڏجن ٿا.
- ٻئي عالمي جنگ کان پو دنيا جي ملڪن پنھنجن تجربن مان گهڻو ڪجھه سکيو، انساني جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ عالمي تباھي تي ڪافي پڇتا ٿيو. 1948 ۾ دنيا جي 48 ملڪن انساني حقن جي پڌرنامي جي حق ۾ ووٽ ڏنا، مخالفت ۾ ھڪ به ووٽ نه ويو ۽ اڳتي ھلي 193 ملڪن انھي پڌرنامي جي توسيع ڪئي. انھي عمل اھو احساس ڏياريو ته ھن گلوب تي جيڪي به ملڪ ۽ ماڻھو آھن انھن جون زندگيون ھڪٻئي تي انحصار ڪن ٿيون. انھي ڪري انساني حقن جي صورتحال کي بھتر ڪرڻ جي لا سڌريل ملڪن کي غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي آھي.
- ٻارن جي تحفظ جي لا عالمي سطح تي ٻارن جي ڪنوينشن تي 1989 ۾ صحيحون ٿيون، ھن وقت تائين 196 ملڪ انھي ڪنوينشن تي صحيحون ڪري چڪا آھن. پاڪستان ھن ڪنوينشن جي 1990 ۾ ئي توسيع ڪري ڇڏي. انھي ڪنوينشن مطابق دنيا جي ملڪن کي نه صرف پنھنجي ملڪ ۾ پر دنيا جي ٻارن جي تحفظ جي لا ڪم ڪرڻو آھي. انھي سلسلي ۾ دنيا جا سرندي وارا ملڪ پنھنجي ملڪي بجيٽ جو حصو غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي لا رکندا آھن.
- عالمي اداري پاران 1979 ۾ عورتن تي ھر قسم جي متڀيد کي ختم ڪرڻ جي لا ھڪ ڪنوينشن پاس ڪيو، جنھن تي دنيا جي 189 رياستن توسيع ڪئي آھي ۽ پاڪستان 1996 ۾ ھن ڪنوينشن جي توسيع ڪئي آھي. جن ملڪن ٻارن توڙي عورتن جي حقن لا جوڙيل ڪنوينشن جي توسيع ڪئي آھي اھي عالمي اداري جي جنرل اسيمبلي ۾ پنھنجي رپورٽ پيش ڪندا آھن ۽ انھي ڏس ۾ کنيل قدمن جي ڪارڪردگي ۽ نتيجا دنيا جي سامھون رکندا آھن. جيڪڏهن ڪنھن حوالي سان بري حالت آھي ته ملڪ پنھنجون تجويزون ڏيندا آھن ۽ ڳڻتي جو اظھار ڪندا آھن. ڳنڀير صورتحال کي بھتر ڪرڻ جي لا پڻ مالي مدد ڪندا آھن.
- موسمي تبديلي ھڪ عالمي مسئلو آھي ۽ انھي جو سبب عالمي وايو منڊل کي خراب ڪندڙ انسان جي پاران شروع ڪيل تباہه ڪن رٿائون آھن. مثال طور وڏي پئماني تي صنعتون شروع ٿيون، زھريليون گئس پيدا ٿيون، ڪوئلي تي ھلندڙ بجلي گهر ٺاھيا ويا نتيجي ۾ ھوا ۾ ڪاربان ۽ ٻين گئسن جي وڌندڙ تناسب ايڪو سسٽم کي متاثر ۽ اوزون تهه کي نقصان رسايو. سج مان نڪرندڙ گاما، بيٽا ۽ الفا شعاعن کي ڌرتي تائين پھچڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿي ۽ اھي فلٽر نه ٿيا. انھي سموري ماحولياتي تباھي جي اثر جي ڪري موسمي تبديلين جا اثر ساھوارن تي تمام ھاڃيڪار ٿيا. دنيا جي سڌرندڙ ملڪن ۽ باشعور ماڻھن جي ذھن ۾ اھا ڳالهھ ويٺي آھي ته ھن ڌرتي کي گڏجي بچائڻو آھي ۽ انھي لا گڏجي ڪجهه ڪرڻو آھي.
- عالمي اداري پاران دنيا ۾ بک، بيروزگاري، صنفي فرق، ما ۽ ٻار جي صحت کي بچائڻ جي لا ميلنيم ڊيولمپمينٽ گول طئي ڪيا ويا ۽ انھن گولس جي حاصلات جي لا ٽارگيٽ طئي ڪيا ويا. پاڪستان پڻ انھي ڏس ۾ پنھنجي رٿابندي ڪئي. دنيا جي عالمي ادارن ۽ عالمي تنظيمن غريب ۽ اسرندڙ ملڪن کي خاص مدد ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي ته اھي طئي ٿيل ٽارگيٽ حاصل ٿين پر ٻين ملڪن وانگر پاڪستان به انھي ڏس ۾ ڪي خاص ھدف حاصل ڪري نه سگهيو.
- 2015 ۾ دنيا جي ملڪن ھڪ دفعو ٻيھر 2030 تائين پنھنجي لا 17 گول طئي ڪيا جنھن ۾ غربت، بک، صحت، تعليم، صنفي برابري، صاف پاڻي، توانائي، معاشي ترقي، اڻبرابري کي ختم ڪرڻ، موسمي تبديلي، آبي حيات، زمين تي رھندڙ مخلوق ۽ امن جھڙا ھدف مقرر ڪيا آھن. انھي ڏس ۾ دنيا جا عالمي ادارا ۽ عالمي تنظيمون حڪومتن ۽ سماجي ادارن جي مدد لا مختلف حڪمت عمليون ترتيب ڏنيون ۽ فنڊ مختص ڪيا آھن جيئن ڪجھه ھدف حاصل ڪري سگهجن.
- ترقي يافته ملڪ پنھنجي حڪومتي سطح تي فنڊ قائم ڪري ادارا ٺاھيا آھن جيڪي غريب ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جي لا فنڊنگ ڪندا آھن. انھي فنڊنگ جي ھجڻ ۽ نه ھجڻ جو دارومدار ملڪي تعلق تي منحصر ھوندو آھي.
- مختلف ملڪن جون سفارتي آفيسون پنھنجي تعلق ۽ ساک کي بھتر ڪرڻ جي لا پنھنجي ملڪ جي نمائيندگي ڪندي ڪجھه ترقياتي ڪم انھي ملڪ ۾ شروع ڪندا آھن جتي سندن آفيسون ھونديون آھن. اھي سفارتي فنڊنگ گهڻو ڪري عارضي ۽ ھڪ وقت جي لا ھوندي آھي جنھن ۾ ڪنھن عمارت ٺاھڻ، اوزار خريد ڪرڻ وغيرہ جي صورت ۾ مالي مدد ھوندي آھي.
- ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيبلٽي فنڊ ھڪ وڏو مالي مدد جو ذريعو ٿي سامھون آيو آھي. وڏي ڪمائي وارا ڪاروباري ادارا پنھنجي ڪمائي جو ڪجھه حصو پنھنجي اداري جي ناموس ۽ اخلاقي ذميواري کي پورو ڪرڻ لا مقامي آبادي جي فلاح بھبود ۽ ترقي جي لا مختص ڪندا آھن. اھا رقم قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن جي مدد سان انھي ايريا ۾ خرچ ڪندا آھن جتي ھو پنھنجو ڪاروبار ڪندا آھن.
- ڪجھه بين الاقوامي ادارا فنڊ حاصل ڪرڻ جي مھم ھلائيندا آھن، خاص طور تي ڪنھن ملڪ ۾ قدرتي آفتن جي ڪري ڪا تباھي آئي ھجي، ماڻھو بي گهر ٿيا ھجن ته اھڙن اداران وٽ چڱي رقم گڏ ٿئي ٿي. غريب ملڪن جي ماڻھن جي ترقي جي حوالي سان پڻ سڌريل ملڪن ۾ مھم ھلندي آھي، امير ماڻھو پنھنجي اخلاقي ذميواري سمجهندي اھڙي مھم ۾ فنڊ ڏيندا آھن.
- پاڪستان ۾ مخير حضرات پڻ ٻين ملڪن کان اڳتي آھن، فلاحي ڪمن جي لا پاڪستان جي جي ڊي پي جي 1 في صد حصي جيترو فنڊ ڏنو وڃي ٿو، پاڪستان سينٽر فار فلنٿراپي جي رپورٽ مطابق سالانا 240 بلين رقم پاڪستان جا مخير حضرات فلاحي ڪمن جي لا ڏين ٿا.
دنيا ۾ ٻين ملڪن جي ماڻھن جي ترقي جي لا فنڊنگ ڏيڻ جا مقصد سياسي، مذھبي ۽ انساني بنيادن تي ھوندا آھن، ھر فنڊنگ سياسي يا مذھبي نه ھوندي آھي. سياسي ۽ مذھبي بنيادن تي به فنڊنگ ڏيڻ وارا به مجموعي طور انسانيت جي خدمت ۽ ترقي جي لا رقم ڏيندا آھن. انھي فنڊنگ جي پٺيان انھن جا ڪي سياسي يا مذھبي ارادا ٿي سگھن ٿا پر بظاھر اھو نج انساني مسئلو ھوندو آھي. دنيا ۾ صنعتڪاري چوٽ تي چڙھيل آھي، ھڪ ملڪ جون تيار ڪيل شيون ٻئي ملڪ ۾ وڪرو ڪندا آھن پر جيڪڏهن ٻين ملڪن ۾ ماڻھن جي خريد ڪرڻ واري صلاحيت نه ھوندي ته اھي تيار ڪيل شيون ڪٿي وڪرو ٿينديون، انھي ڪري اھڙن ملڪن جي مجبوري آھي ته ھو پنھنجي مفاد کي سامھون رکندي غريب ملڪن ۾ معاشي بھتري جي لا ڪجھه مدد ڪن.
دنيا جي ھر خطي ۾ مختلف چئلينج آھن ۽ رياستون اڪيلي سر ڪنھن به وبا يا سماجي توڙي اقتصادي بحران جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت نه رکنديون آھن، شھرين ۽ شھري تنظيمن جو نه صرف سھڪار کپي پر انھي کان به اڳتي انھن کي پنھنجي حصي پتي جو ڪم ڪرڻ جي لا ھٿ ونڊائڻ جي ضرورت ھوندي آھي. انھي خلا کي پورو ڪرڻ جي لا سول سوسائٽي آرگنائزيشن يا اين جي اوز وجود ۾ آيون آھن ۽ ملڪي توڙي غير ملڪي فنڊنگ جي سھاري تي مختلف ڪم ڪري رھيون آھن.