سنڌي ادب ۾ انسان جي داخلي ڪيفيتن تي ماڻڪ بھترين ناوليٽ لکيا ۽ ان کانسواءِ حليم بروھيءَ جو ناول “اوڙاهه” به ان پس منظر ۾ لکيل آھي پر ان حوالي سان رسول ميمڻ جو ناول “ڪتا” تمام منفرد آھي. جنھن کي رسول ميمڻ پنھنجي لاشعور ۾ ويٺل زندگيءَ جي تلخ تجربن، ڏکن، تڪليفن ۽ اذيتن کي پيش ڪيو آھي. داخلي ڪيفيتن تي لکيل ڪھاڻين يا ناولن ۾ ھڪڙي ڳالهھ تمام اھم آھي ته ڪھاڻيڪار يا ناول نگار پنھنجا داخلي خيال جيڪڏھن تخليقي ۽ فلسفياڻا انداز سان پيش ڪري ٿو ته پڙھندڙ کي تمام متاثر ڪن ٿا.
رسول ميمڻ وٽ اھو فن آھي ته ھُو پنھنجي ھر ڳالھه کي تخليقي ۽ فلسفياڻا انداز سان پيش ڪري ٿو، جيڪا پڙھندڙ کي سڌو ذھن کي متاثر ڪري ٿي. ھن ناول “ڪتا” جي به ھر سٽ پڙھندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ھيءَ ناول ڪتن ۽ انسان جي چوڌاري ڦرندو رھي ٿو. ناول ضمير متڪلم ۾ لکيو ويو آهي، ڪردار پنھنجي ڪھاڻي يا پنھنجي زندگيءَ جون يادون ٻڌائي ٿو. ٻيا مختلف انساني ڪردار توڙي ڪتن جا ڪردار ايندا رھن ٿا ۽ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ھليا وجن ٿا ۽ ناول جو مرڪزي ڪردار اڪيلو پنھنجي ڪتي سان رھجي وڃي ٿو. ناول جي شروعات مرڪزي ڪردار جي پنھنجي ڪتي راڪو کي پنھنجي گھران ڪڍڻ کان ٿئي ٿي، جيڪو ھاڻي ان عمر ۾ پھتو آھي جو ھن کي ڪتن جي ڀونڪ بيزار ڪري ٿي. تنھنڪري ھو پنھنجي پاليل ڪتي کي گھران ٻاھر ڪڍي ڇڏي ٿو ته جيئن سُک جو ساهه کڻي سگھي. ائين مرڪزي ڪردار ڪتن سان پيار ۽ انھن کي پنھنجي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ ڌارڻ جون يادگيريون ٻڌائڻ لڳي ٿو ته ھن کي ڪتن سان پيار ڪرڻ جي پيدائشي بيماري آھي. ھو ننڍپڻ ۾ به ڪتا پاليندو ھو ۽ ھن جي ماءُ ھن کي ننڍپڻ ۾ ڪتن جا تمام گھڻا قصا ٻڌائيندي ھئي، جنھن ڪري ھن کي ڪتن سان اُنسيت ٿي وئي ھئي ۽ ھن جي ڳوٺ ۾ ڪتن جي لوڌ ھوندي ھئي، جيڪا پئي ماڻھن کي کائيندي ھئي.
ھڪ ڀيري ھن جي ننڍي ڀاءُ کي ڪتو چڪ پائي وڃي ٿو ۽ انھن ڏينھن ۾ چڪ پائڻ کان پوءِ علاج لاءِ انجيڪشن جو ڪو تصور نه ھو. تنھنڪري ماڻھو ڪتي جي چڪ سبب مري ويندا ھئا پر ھن جي ماءُ پنھنجي پُٽ کي ھڪ حڪيم کي ڏيکاريو جنھن ساوا مرچ ٻڌڻ لاءِ چيو ھو، جنھن تي ھن جو ڀاءُ بچي ويو ھو. ائين ھن ناول جو مرڪزي ڪردار ننڍپڻ ۾ ڏٺل ڪتا ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھن جا قصا ٻڌائي پنھنجي ڪھاڻيءَ کي اڳتي وڌائي ٿو ۽ ھڪ ڏينھن ھو ڍاڪٽر ٿي شادي ڪري ٻارن ٻچن وارو ٿي وڃي ٿو پر ھن جي ڪُتن سان واسطو ضرور رھي ٿو ڇو ته ھن کان ورثي ۾ مليل اھو شوق ھن جي اولاد کي ملي ٿو. جيڪي پڻ ڪتا پالڻ لڳن ٿا.
نوڪري دوران ڍاڪٽر جي بدلي ھڪ مصروف شھر ۾ ٿئي ٿي جتي ڪُتن جون بازارون لڳنديون ھيون ۽ امير ماڻھو ڪتا شوق سان خريد ڪري پاليندا ھئا. ائين ھو پنھنجي ڍاڪٽريءَ مان گھڻو ڪمائي مالدار ٿي وڃي ٿو ۽ ھڪ پلاٽ خريد ڪري گھر ٺھرائڻ جي شروعات ڪري ٿو جنھن جي چوڪيءَ لاءِ پڻ ھڪ چوڪيدار ۽ ڪُتي جي ضرورت پوي ٿي. تنھنڪريِ ھو ھڪ چوڪيدار رکي ٿو تُه ھن جو پٽ ھڪ ڪُتو خريد ڪري اچي ٿو ته وري ھن جو ڀاءُ ھن کي ھڪ ڪُتي تحفي طور پڻ ڏي ٿو. ائين ھن جو پُٽ سڄو ڏينھن ڪُتن جي سارسنڀال ۾ پورو ھوندو آھي. پنھنجي پاڻ ۽ پنھنجي صحت تي بلڪل ڌيان نٿو ڏي جنھن سبب ھن کي ڪينسر جھڙي بيماري ٿي پوندي آھي. جنھن مان بچي نه سگنھدو آھي ۽ گذاري ويندو آھي. ڊاڪٽر جي گھر لاءِ اهو وڏو صدمو ھوندو آھي جنھن ڪري ھن جي زال ڊپريشن جي مريض ٿي ويندي آھي. ھن جي گھر جون خوشيون ختم ٿي وينديون آھن. وڏي پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ ھن کي پنھنجي ننڍي پُٽ جي شاديءَ جو خيال ايندو آھي. ائين ھُو پنھنجي ننڍي پٽ جي شادي ڪرائيندا آھن جنھن کي پڻ اولاد ٿيندو آھي. گھر ۾ ٻارن جي اچڻ ڪري ڪُتن جي اھميت گھٽجي وڃي ٿي پر اوچتو ھنن جي گھر ۾ ھڪ وڏي تبديلي اچي وڃي ٿي. ھن جي پُٽ کي ڪيناڊا ۾ نوڪري ملي وڃي ٿي جنھن سبب ھنن کي ڪيناڊا شفٽ ٿيڻو پوندو آھي پر مرڪزي ڪردار پنھنجي ڌرتي ڇڏڻ ناھي چاھيندو جنھن ڪري ننڍو پُٽ پنھنجي ڪٽنب سان ھليو وڃي ٿو ۽ ھي ٻئي اڪيلا رھجي وڃن ٿا ۽ ٽيون ھنن جو ڌاريل ڪتو راڪو.
جيئن ته ھي ناول بنيادي طور ڪتن ۽ انسان جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي تي لکيل آھي جنھن ۾ ليکڪ اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته انسان، انسان کي ڇڏي سگھي ٿو. انسان، انسان سان بيوفائي ڪري سگھي ٿو پر ڪتا وفادار آھن. ڪُتن لاءِ پنھنجو مالڪ ئي خدا آھي. ناول ۾ ليکڪ ڪٿي ڪُتن کي حقيقي ڪردار طور پيش ڪيو آھي ته ڪٿي علامتي طور استعمال ڪيو آھي. تنھنڪري ناول ۾ ليکڪ جي خيالن تي ڳوڙھي ويچار ڪرڻ جي پڻ گھڻي ضرورت پوي ٿي. وري به ناول ۾ جيڪي اھم نقطا آھن تن مان ڪن تي پاڻ بحث ڪريون ٿا.
جيئن ته ناول ۾ ڪتا ڪٿي حقيقي ڪردار طور آيا آھن ته ڪٿي وري علامت طور آھن. ھڪ انسان جي لاشعور ۾ ڪيتريون يادون گڏ ٿيل ھونديون آھن. اُھي ھر وقت انسان کي ستائينديون رھنديون آھن انسان پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪي تڪليفون، ڪي اذيتون ۽ ڏک ڏسي ٿو ته اُھي يادن جي صورت ۾ رلاشعور ۾ رھجي وينديون آھن ۽ اُھي يادون ڪنھن نه ڪنھن ڳالھه تي، ڪنھن نه ڪنھن حادثي تي اُھي ظاهر ٿينديون آهن. تنھنڪري پوري ناول ۾ ڪتا حاوي رھن ٿا ۽ انھن جو ڳانڍاپو ڪنھن نه ڪنھن ڪردار ڪنھن نه ڪنھن واقعي يا مرڪزي ڪردار کي مليل اذيت سان ڏيکاريل آهي. ناول جي مھاڳ ۾ ليکڪ لکيو آھي ته”اڪيلائي عياشي آھي، جيڪا توھان کي ڪڏھن به نصيب نٿي ٿئي. ڇو جو يادن جا ڪُتا توھان جي اڪيلائيءَ کي متاثر ڪن ٿا. لاشعور رولو ڪُتو آھي جنھن جو چڪ توھان کي چريو ڪري ٿو.” يا وري صفحي 111 تي مرڪزي ڪردار واتان ھي لفظ چئي ٿو ته “منھنجي زندگيءَ ۾ ڪتن جي عظمت جو سبب اھو ئي رھيو آھي ته توھان جن کي ياد ڪيو اُھي نه رھندا آھن. اُنھن جُون يادُون وفادار ڪتي جيان توھان وٽ رھجي وينديون آھن.”
ناول جو ٻيو اھم نقطو ته “اسان پنھنجي پاڻ ۾ پنھنجن والدين جون خصلتون کڻي گھمندا آھيون.” اسان جا والدين اسان ۾ ۽ اسان پنھنجي اولاد ۾ جيئندا آھيون. اسان جي ابن ڏاڏن ۾ جيڪي به خاصيتون، خاميون ۽ ڪمزوريون ھونديون آهن، اھي اسان ۾ منتقل ٿين ٿيون ۽ اسان مان اسان جي اولاد ۾ منتقل ٿين ٿيون. ان نقطي کي ليکڪ ڪيترن جاين تي پيش ڪيو آھي. صفحي ٽيويھه تي مرڪزي ڪردار چئي ٿو. “مون کي ڪتن سان پيار جي پيدائشي بيماري آھي، شايد ڪتن سان پيار جي اھڙي موروثي بيماري منھنجي ٻارن ۾ منتقل ٿي.”
ھڪ ٻئي ھنڌ ان نقطي کي ھن ريت پيش ڪري ٿو.”مون کي محسوس ٿئي ٿو ته مان صفا ڏاڏي جھڙو آھيان ڇو جو جڏھن ڏاڏو مرڻ ويجھو ھيو ته کيس ڪتي جي ڀونڪ نه وڻندي ھئي.” يا صفحي ٻاونجاهه تي آھي ته انسان جو مقدر اڪيلائي آھي ۽ امڙ جي اڪيلائي محسوس ڪري لڳندو ھيو. مان به ائين اڪيلو ٿي ويندس.” مٿين ٻن جملن مان اھو چٽو ٿئي ٿو ته مرڪزي ڪردار کي پيريءَ ۾ ڪتن کان بيزاري سندس ڏاڏي کان ورثي ۾ ملي ۽ مرڪزي ڪردار جي پٽ ۾ خود غرضي مرڪزي ڪردار مان ملي جنھن ڪري ھو پنھنجي ماءُ پيءُ کي اڪيلو ڇڏي ڪيناڊا شفٽ ٿي وڃي ٿو. ھن دور ۾ ھر ماڻھو مفاد پرست ۽ ھڪ ٻئي کي ڪٽجي ويو آھي. ھڪ پاڙي ۾ ئي رھندي ھڪ ٻئي کي نٿو سڃائي شھرن جي ايڏي آبادي ھوندي به ھر فليٽ ۾ ھر وڏي گھر ۾ رھندڙ انسان اڪيلو ۽ ويڳاڻو آھي. تنھنڪري ھُو اڪيلائيءَ کي دُور ڪرڻ لاءِ ڪُتا پالي ٿو، جانور پالي ٿو، پکي پالي ٿو ۽ انھن سان حد درجي جي پنھنجائپ رکي ٿو.
چوٿون نقطو اھو پڻ آھي ته ڪُتن کي جذبا ٿين ٿا. اُھي پنھنجي ٻچڙن سان انسانن جيان پيار ڪن ٿا. انھن جي موت تي انسانن جيان ماتم ڪن ٿا. ھي ھن دور جو شاھڪار ناول آھي، جيڪو رسول ميمڻ کي عالمي ادب جي وڏين ناول نگارن جي صف ۾ بيھاري ٿو. تنھنڪري اسان کي گھرجي ته ھن يگاني ليکڪ جي ناولن، ڪھاڻين ۽ ٻين ڪتابن کي سنجيدگيءَ سان پڙھون. سندس ڪتابن جو گھرائيءَ سان اُڀياس ڪريون ۽ ان کي دنيا ۾ پذيرائي ڏياريون. باقي خالي عظيم چوڻ سان ان جي پورھيي جي اصل ڪٿ ۽ انصاف نٿو ڪري سگھجي.