رهڙڪي درٻار جي درشن لاءِ ويندڙ سانگهڙ جي هڪ ياتري ڪُٽنب سان شمشير پتافي نالي هڪ ٺِڙڪو وڏيري جيڪا بدتميزي ڪئي، تنهن معاملي ۾ جيتوڻيڪ هڪ جبري جُرڳو ڪرائي واردات ڊاهڻ جي ڪوشش ته ڪئي وئي آهي پر سنڌ جي شعور ان جرڳي ۾ ورتل نام نهاد معافي تلافي کي سڌو سنئون ڍونگ قرار ڏيندي، قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. سڀ ڄاڻون ٿا ته ان ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ جو اصل مجاز بهرحال متاثر ڪُٽنب ئي هُيو، سو اهو جڏھن ڪنھن به لاچاري يا مجبوري تحت پوئتي هٽيو تڏھن ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو وس هلي ٿي سگهيو. تنهن ڪري اها بدتميزي واري واردات في الحال ته ظاهر ۾ ڄڻ آئي وئي ٿي وئي پر سنڌ جي شعور، ٺِڙڪو شمشير پتافي جي انتهائي ڪُڌي عمل تي سموري ديس مان جيڪي سوال اٿاريا آهن، سي ڪيئن ٿا اجايا وڃي سگهن!؟ نه ڪڏهن به نه، اهي سوال پنهنجو جواب هر صورت ۾ ان ڪري ڳولي لهندا جو جيستائين سنڌ وطن مٿان سامراج جي پاليل اها پَٺو جاگيرداري مڙهيل رهندي، تيستائين سنڌ جو شعور ان سان جهيڙِيندو رهندو، اوستائين جيستائين اسان کي آخري فتح نٿي ملي ۽ ان فتح جي نتيجي ۾ سنڌ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل اهو صدين جو ڳٽ لاهي آجپو نٿي ماڻي.
جاگيرداري آهي ڇا؟ اهو سوال ته هاڻ هرڪو ڄاڻي ٿو پر وري به هتي ڪجھه ان جو مختصر تعارف ڏيندا هلون ته جيئن انهن جي بُڻ بُڻياد جو پتو پئجي سگهي، جيڪي هينئر پاڻ کان وڏو خان، سردار ۽ تُمندار سڏائين ٿا پر اصل ۾ اھي سڀ وطن ۽ ويڙهيچن سان غداري ڪندڙ انهن غدارن جو ئي اولاد آهن، جن هر دور جي سامراج جي تنبيلن جي لِڏ ميڙي، بدلي ۾ بخشش جي صورت ۾ اهي جاگيرون حاصل ڪيون.
غلامي ۽ پنچائتي واري دور کان پوءِ جاگيرداري جي دور ۾ داخل ٿيل سموري دنيا ان مرض مان ڪڏهوڪي جان ڇڏائي، ان کي دفن ڪري، اڄ الائي ڪٿي آسمانن تي خيما کوڙڻ جي تياري ۾ آهي ۽ اسين اڄ به ان مُدي خارج نظام جون اهي بُڇڙايون ڀوڳي رهيا آهيون، جنهن جا مثال رهڙڪي واقعي جيان هر روز اسان جي سامھون ايندا ٿا رهن. دراصل نگريزن ننڍي کنڊ ۾ ڀڳڙن مُٺ جاگيرون ورهائي، جيڪي غدار خريدار ڪيا، اهي ئي اڳيان هلي ورهاڱي کان پوءِ ايوانن ۾ پهچايا ويا ته جيئن سامراج جي گرفت ورهايل ننڍي کنڊ ته ساڳي موجود رهي.
ان جو مثال پاڻ پياري شڪيل سومري جي ڏنل تازي حوالي مان ڪافي بهتر حد تائين سمجهي سگهو ٿا ته بمبئي کان آزادي کان پوءِ 1937 وارين چونڊن ۾ سنڌ مان جيڪي ميمبر چونڊجي آيا، انهن ۾ اڪثريت وڏيرن ۽ جاگيردارن جي هئي. ان کان اڳ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ کي جيڪا نمائندگي حاصل هئي ان ۾ به جاگيردار ۽ وڏيرا اڳيان اڳيان هئا. ايئن ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙن جي اڪثريت جو تعلق پڻ ساڳئي طبقي سان هو. پوءِ وري 1967ع ۾ کاٻي ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر مبشر حسن جي لاهور واري رهائشگاھه تي اسلامي سوشلزم پروگرام هيٺ “روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان” جو نعرو ڏئي قائم ڪيل پيپلزپارٽي 70 وارين چونڊن ۾ سنڌ ۾ اڪثريتي وڏيرن کي ٽڪيٽون ڏنيون ۽ اڳتي هلي اقتدار ماڻڻ کانپو پ پ ۾ شامل کاٻي ڌر جي اڳواڻن کي پاسيرو رکي، وڏيرڪي اثررسوخ کي سياسي سگھه فراهم ڪئي وئي ۽ انهن موقعي پرست وڏيرن اڳتي هلي پارٽي کي هائيجيڪ ڪري پارٽي ڪارڪنن کي ڪوڙي آسري ۾ رکي حقيقي عوامي جدوجهد بدران جنرل ضيا سان سمجهوتو ڪري ڀُٽي صاحب کي ڦاهي تي چاڙھڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو.
اڳتي هلي ايم آرڊي تحريڪ ۾ شامل ساڳين وڏيرن ڳجهھ ڳوهھ ۾ جنرل ضيا سان رابطا جاري رکيا ۽ آهستي آهستي اشارو ملڻ تي تحريڪ مان هٿ ڪڍي ضيا رجيم جو حصو ٿي ويا. 85 جي غيرجماعتي چونڊن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اڪثريتي وڏيرن جي هڪ وڏي لانڍ کي چونڊرايو ويو. وري 88 عيسوي ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊجي ايندڙن ۾ به اڪثريتي وڏيرا شامل هئا.
پوءِ وري آمر پرويز مشرف جي دور ۾ ناظمي نظام قائم ڪري وڏيرن کي سياسي ۽ معاشي طور تي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو.
تنهن کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد آصف زرداري مرحليوار سڄي ساري پارٽي کي وڏيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ مٿين سرڪار جي آشيرواد سان هيٺين سطح تائين جيڪو ڪرپشن وارو ڪلچر متعارف ڪرايو ويو. ان جي نتيجي ۾ قانون جي حڪمراني بدران راڄوڻو سرداري راڄ وارو نظام وڌيڪ مضبوط ٿيو.
ان سموري پسمنظر ڏيڻ جو هتي مقصد اهو آهي ته جيئن اسين اهو سمجهي سگهون ته رهڙڪي جي ياترين سان ٿيل واقعي پٺيان اصل قوتون ڪهڙيون آهن؟ اهو سمورو ڪارو ڪاروبار مقامي ۽ عالمي سامراج جي آشيرواد هيٺ صدين سالن کان عوام کي محڪوم بڻائي رکڻ لاءِ جاري آهي.
انهن جاگيردارن کي هر ضلعي ۾ آبپاشي، ريونيو ۽ پوليس کاتي ۾ هيٺين سطح کان ويندي ضلعي سطح تائين پنهنجي مرضيءَ جا عملدار ڏنا وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن قانون جي غدار عملدارن جي ڳٺ جوڙ سان جاگيردار پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ حڪمراني ڪن ٿا ۽ جڏهن به “وڏن” کي انهن ڀاڙ جي تَرن جي ڪن خاص موقعن ۽ معاملن ۾ ضرورت پوندي آهي ته هي پُڇ لوڏيندا پهچندا آهن.
هاڻ سوال اهو آهي ته سنڌ جي انهن جاگيردارن مان جِند ڪيئن آجي ٿئي!؟ ته ان جو سڌو سنئون جواب اهو آهي ته سنڌ کي هاڻ نئين دور جي تقاضائن موجب نوان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙا جُنگ گهرجن، شهيد نظير عباسي کان ويندي شهيد بشير خان قريشي جهڙا سرموڙ سُهڻا گهرجن. سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر گُهرجي شهيد مير مُرتضيٰ ڀُٽو جي اها للڪار، جنهن جو هڪ هڪ لفظ اڄ ثابت ٿي رهيو آهي ۽ پاڻ کي ويساھه آهي ته سنڌ پنهنجي جوهر مان اهڙا پُٽ سِگهو ئي ڄڻيندي، جيڪي “جاگيرداري مرده باد” جي للڪار سان تاريخ جو سمورو حساب برابر ڪندا ۽ سنڌ پنهنجو اها مقام حاصل ڪندي جنهن جو تصور مرشد لطيف هيئن ڏنو آهي ته:
نَڪا جَھل نه پَل، نَڪو رائُر ڏيھه ۾
آڻيو وِجهن آهُرين، روڙيو رَتا گُل
مارُو پاڻ امُل، مليرون مُرڪڻو
ها هِڪ ڏينهن اوس اچڻو آهي جڏهن سنڌ جو مارو لوڪ هر قسم جي لُٽ مار کان آجو ۽ خوشحال نظام پَسندي.