ھيءَ ڪالم لکڻ کان اڳ آئون سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇا ھر ڀيري ملڪ جي انگڙ ونگڙ ٿي ويل بدمعاشيءَ جي حد تائين تڪراري بڻيل سياسي مامرن تي ئي لکڻ کپيم يا سنڌين جي پندرهين سال ۾ داخل ٿيل سنڌ سرڪار جي “تاريخي ڪارنامن” بابت به پنهنجن پڙھندڙن کي ڪجھه ڏيل ڏکوئيندڙ سچائيءَ کان به آگاهه ڪرڻ منھنجو قومي ۽ صحافتي فرض آهي ۽ مظلوم سنڌ واسين جو قرض آهي. ڇا سنڌي ماڻهن جي قديم ڳوٺن ۽ شھرن زمينن، ملڪيتن ۽ پلاٽن تي قبضا مافيا جي سنڌ پوليس جي سرپرستي ھيٺ ٿيندڙ ناجائز قبضن، عورتن تي فائرنگ ۽ آڌيءَ رات مھل ھٿياربند حملن بابت رڳو سوشل ميڊيا کي ئي ڪتب آڻجي!
آئون 1972ع ۾ حيدرآباد مان ڪراچيءَ منتقل ٿي ويل ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي سنڌي اخبار “ھلال پاڪستان” جو ڪراچيءَ ۾ پھرئين ڏينھن کان چيف رپورٽر مقرر ٿيس، ڇاڪاڻ ته ھلال جي ايڊيٽر سراج ميمڻ منھنجي لکڻين کي تڏھن به پسند ڪندو ھو. جڏھن آئون “عبرت” اخبار جي ٻارڙن جي ٻاريءَ ۾ لکندو ھئس. ھلال پاڪستان حيدرآباد ۾ رپورٽنگ ڪندي جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا ۾ گرفتار ٿيو ھئس. مون کي 1970ع ۾ مارشل لا ڪورٽ ٽي سال ٽيپ ۽ ٽيھه ھزار ڏنڊ ڀرڻ جي سزا ٻڌائي هئي.
انھيءَ ڪيس ۾ مون تي جنرل يحيٰ خان جي حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ وارا قلم لڳايا ويا هئا. جيتوڻيڪ رسول بخش پليجو صاحب ۽ سينيئر قوم پرست وڪيل حفيظ قريشي صاحب منھنجا وڪيل ھئا ۽ ھلال پاڪستان ۾ منهنجي ڪيل رپورٽنگ جون ڪاپيون ڏيکاري ملٽري ڪورٽ جي ميجر جج کان پڇيائون ته ٻڌايو ته حيدر چوڪ تي ھلندڙ ھارينٔ ۽ ھارياڻين جي تحريڪ ۾ سنڌ جي زمينن جا نيلام بند ڪريو، کان سواءِ ڪھڙي بغاوت واري ڳالهه ڇپيل آهي. پر جيئن ته مارشل لا ھوندي آھي انڌي جي لٺ، سا جنهن کي به لڳي تنهن کي في الحال ڊاھي ڇڏي. سو چوڻ ھيءَ ٿو چاهيان ته اسان کي پنهنجي مانائتي ايڊيٽر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برک ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار سراج ميمڻ صاحب پھرئين ڏينھن کان اھا سکيا ڏني ته ڪراچي شهر اندر ۽ شھر جي پسگردائيءَ ۾ فوٽوگرافر ظفر کي ساڻ کڻي سنڌين جي صدين پراڻن ڳوٺن ۽ ملير نديءَ توڙي لياري نديءَ تي قائم وسندين جي ماڻهن جا ڏک سور ۽ تڪليفون اکين ڏٺو احوال لکي ته تصويرن سان ڇاپيون. اھو ان ڪري جو 1948ع ۾ قائداعظم ۽ لياقت علي خان ڪراچيءَ کي سنڌي عوام جي مرضيءَ خلاف وفاقي سرڪار جي گاديءَ جو شهر ڊڪليئر ڪيو ته ان کان پوءِ ھندستان مان لڏي آيل پناهگيرن جي ٻيگھي مچي ويئي. ھنن نه رڳو ھندو سنڌين کي غنڊاگردي ڪري لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندن محلن ماڙين دوڪانن ۽ بازارن تي قبضو ڪيائون پر ڪوڙن ڪليمن ذريعي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ھندو سنڌين جي زرعي زمينن جا کاتا به ناجائز طريقن سان پنهنجي پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيائون. ان زماني جي سنڌي حاڪمن جو قومي جذبو اسلامي ويس ڍڪي، اکيون پوري ويٺل رهيو ۽ سنڌ تي بنا ڪنهن جنگ جدل جي قابض ٿيل پناهگيرن اھو ڪم ڪيو جنهن لاءِ چوڻي آهي ته “ناني ورھائڻ واري ۽ ڏوھٽا کائڻ وارا”.
ھاڻي آئون اچان ٿو پنهنجي اصل موضوع تي ۽ پ پ جي عبدالباري پتافي واري مائٽ طرفان ٽي ڏينهن اڳ ھڪڙي ننڍڙي ڳالهه تان سنڌ جي ھندو ڌرتيءَ ڌڻين سان ڪيل ھانءُ ڏاريندڙ بدسلوڪي ۽ بدمعاشيءَ تي، جنهن تي سڄي سنڌ مشتعل آهي پر سنڌ جي حاڪمن ۽ ججن جي صحت تي ٽڪي جو به اثر نه پيو آهي. سنڌ جي نياڻين ۽ پورھيتن سان روزانو ٿيندڙ ظلم ۽ ناحق جون ويڊيوز ڏسي آئون اڪثر سوچيندو آهيان ته ڇا سنڌ جا سمورا سنڌي آفيسر، پوليس وارا ۽ پ پ جا حڪمران آخرڪار سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ڄاول آهن يا اردو چواڻيءَ جيان آهن ئي، پٿر ڪي صنم !
جي ھا چوڏھن سالا ڪارڪردگي پاڻ ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جا حڪمران پٿر جا بوتا آهن، جن کي سنڌي ماڻهن خاص ڪري نياڻين سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي ڪابه ڪھل نه پوندي آهي.
تازو مثال ته کڻي ٿيو رھڙڪي درٻار ڏانهن سفر ڪندڙ ھندو خاندان جي عورتن، مردن ۽ ٻارن ٻچن جو پر جيڪو قھر معصوم عورت فھميدہ سيال سان ايم پي اي گوھر اسراڻ ھٿان ٿيو ۽ يونيورسٽين جي ھاسٽلن ۾ آپگھات ڪندڙ شاگردياڻين سان ٿيو. ان تي سنڌ جي حڪمرانن ڪنهن ھڪ به ڏوھاريءَ کي گرفتار ڪرائي سزا ڏني ھجي ته پڙھندڙن کي عرض ٿو ڪريان مھرباني ڪري منھنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪيو.
دھشت، وحشت، رشوت، ظلم ۽ بربريت واري زرداريءَ جي پوليس اسٽيٽ ۾ “راڄوڻي ٺاهه” انصاف جي واٽ ۾سڀ کان وڏي ظالماڻي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ آهي. اسان سمورن روشن خيال سياسي ڪارڪنن، وطن دوست وڪيلن، ليکڪن، شاعرن ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سچن صحافين جي جدوجھد سرداري ۽ جرڳائي نظام جي پنجوڙ مان خدا جي خلق کي آزاد ڪرائڻ واسطي اڌ صديءَ کان هلندڙ آهي.
رھڙڪي درٻار لڳ وڏيرڪي تشدد ۽ بيھودگيءَ جو نشانو بڻيل ھندو ڪٽنب ھيڏي ناحق کان پوءِ ڇا ھاڻي پنهنجي ڌرتي ماءُ کي الوداع چئي پاڙيسري ملڪ ۾ وڃي پناهه نه وٺندو؟ اھو آھي راڄوڻي ٺاهه جو نتيجو؟
تانيه خاصخيليءَ جي مظلوم ماءُ سنڌ جي حاڪمن سان راڄوڻي ٺاهه کان انڪار ڪري، ستن سالن تائين ڪورٽن جي درن تي ڌڪا ٿاٻا کائي کائي نيٺ گذريل مھيني فوت ٿي ويئي. سنڌ ۾ کيس انصاف نه مليو!
قاتلن خلاف مزاحمت جو شانائتو ۽ دليراڻو مظاهرو ڪندڙ اسان جي بھادر نياڻي ام رباب چانڊيو جا قاتل ججن کي کنگھن ئي نه ٿا. ڇاڪاڻ ته زرداريءَ جا ساٿاري آهن ۽ چانڊين جا سردار جيڪي عرب شيخن کي شيل شڪار ڪرائي ايڏا سگھارا ٿي چڪا آهن جو پنجن سالن کان ڪيسن کي اينگھائي رهيا آهن. آفرين آهي دلير ۽ اصول پرست نياڻي ام رباب کي جيڪا راڄوڻي ٺاهه جي ھر وڏي آڇ کي لت هڻي ٿي ڇڏي ۽ پنهنجو سر تريءَ تي رکي قاتلن خلاف اڪيلي سر قانوني جنگ لڙي پيئي.
قرآن پاڪ ھٿن ۾ پ پ ايم پي اي کڻي گوھر اسراڻ کي منٿ ميڙ ڪندڙ مظلوم نياڻي فھميدہ سيال کي جنھن ريت قاتل اسراڻ گولين جو بک بڻايو سو ڏيل ڏکوئيندڙ زرداري دؤر جو تحفو ڪنهن کان وسري سگهي ٿو؟
هتي گهڻو ڪري هر قاتل قانون کان ڏاڍو آهي، ناظم جوکيو شهيد جا قاتل زرداريءَ جي سنڌ ھائوس اسلام آباد ۾ موجون ڪندا رهيا ۽ سندس وني ادي شيرين جوکيو وڏي ھمت ۽ جرئت سان سنڌ جي بھادر وڪيلن جو ساٿ ڏيئي ڏيئي پنهنجي ڏير ۽ ٻين مٽن مائٽن جي بيوفائي سبب صفا ساڻي ۽ مجبور ٿي پ پ جي قاتلن کي پنهنجي ور جو خون معاف ڪري ڇڏيو. ڏير افضل جي پوليس ۽ وڏيرن سان ٺاهه ڪري ڪيس خراب ڪيو. اتي به عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي مظلوم شيرين جوکيو جي درد جو ڪوبه احساس نه ٿيو؟
اڳ ۾ ته اسان جي قومي اڳواڻن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان وٺي ڪامريڊ ڄام ساقيءَ ۽ استاد رسول بخش پليجي تائين سمورن سياسي ليڊرن ۽ ڪارڪنن سنڌ مان سردارن ڀوتارن ۽ وڏيرا شاهيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ پنهنجي سڄي حياتي ارپي ڇڏي ھئي. اسان به جيسين جيئرا آهيون پنھنجن رھبرن جي مشن کي نئين ٽهيءَ تائين منتقل ڪرڻ واسطي پنهنجي قلم ذريعي سجاڳيءَ جي جوت جلائي رکنداسين.