ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪابينا جو انگ ۽ وزيرن جون مراعتون

Editorial

عمران خان جي حڪومت کان پوءِ وجود ۾ آيل حڪومت ان ڳالهه تي زور ڏيندي رهي آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتر نه آهن، تنهنڪري ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ ڪجهه وقت لاءِ سختيون برداشت ڪرڻيون پونديون. پر اهي سڀ سختيون رڳو عوام لاءِ هونديون آهن. جڏهن ته حڪمران طبقو پاڻ ڪجهه سهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. هن وقت ملڪ ۾ معاشي بحران ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ ڪابه اهڙي ٻاهرين سيڙپ ناهي، جنهن وسيلي ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ٿي سگهي. تنهن هوندي به حڪومت ڪابينه جي سائيز وڌائي رهي آهي. ڪابينه جو انگ وڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته وڌيڪ وزير ۽ انهن کي ملندڙ مراعتون جو بار ۽ اهو سڄو پئسو عوام جي کيسي مان ويندو آهي. جڏهن ملڪ ۾ ايترو پئسو ناهي ته پوءِ حڪومت انهن وزيرن جا خرچ ڪيئن برداشت ڪري سگهي ٿي، جيڪي ڪابينه ۾ اجايا شامل ڪيا ويا آهن. حڪومت عوام کي ته ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ جو چوي ٿي پر اها ساڳي ڳالهه پنهنجو پاڻ تي لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڪري جيڪو پئسو عوام جي ڀلائيءَ تي خرچ ٿيڻ گهرجي. اهو پئسو ڪابينه جي وزيرن تي ٿي ويندو آهي. جنهن سان عوام جي حالت وري به ساڳي رهندي آهي. ڪالهه هڪ اهڙي خبر آئي آهي، جنهن موجب شهباز شريف جي ڪابينه جو انگ وڌي 61 ٿي ويو آهي.
حڪمران اتحاد جي سمورين پارٽيز کي ايڊجيسٽ ڪرڻ جي دٻاءُ ۾ وزير اعظم شهباز شريف جي ڪابينه جو انگ وڌي 61 تائين پهتو آهي، وفاقي وزير وڌيڪ هُجڻ جي ڪري وزارتون کُٽي پيون آهن. عمران خان بطور وزير اعظم 52 رڪني ڪابينه ڇڏي هئي. شهباز شريف اعلان ڪيو هو ته پئسا بچائڻ لاءِ ڪابينا ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪئي ويندي، پر شهباز پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪيو ۽ ڪابينا ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو عمران خان جي 52 رڪني ڪابينا جي ڀيٽ ۾ شهباز ڪابينه جو انگ 61 ٿي ويو آهي، هاڻي صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو اتحادي پارٽيز جي وزارتن جي ڊمانڊ کي ڏسي حڪومت وٽ وفاقي وزارتون ختم ٿي ويون آهن. هن وقت وفاقي وزير 34 ۽ وفاقي وزارتن جو انگ 33 آهي، جڏهن ته جاويد اقبال ڪيترن ئي مهينن کان بنا ڪنهن قلمدان جي وفاقي وزير آهي، وزارت نه هجڻ جي ڪري چوڌري سالڪ حسين کي وزارت يا ڊويزن ناهي ڏني وئي. جڏهن کيس رڳو سيڙپڪاري بورڊ جو قلمدان مليل آهي. عمران خان به اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۾ چوندو هو ته هو بنهه مختصر ڪابينه رکندو پر هن به 52 رڪني ڪابينه رکي هئي ۽ اهو سلسلو وڌائيندو رهيو پر هاڻوڪي حڪومت ان کان به وڏو انگ رکيو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت ڪنهن به ريت پنهنجن شاهه خرخين کي گهٽائڻ لاءِ تيار ناهي. ان جي آڏو ان ڳالهه جي ڪابه اهميت ناهي ته عوام جي صحت کي ڪهڙو اثر ٿو پوي، قومي خزاني کي ڪيترو نقصان ٿو ٿئي پر هن کي رڳو پنهنجن اتحادين کي راَضي رکڻو آهي. تنهنڪري حڪومت ان سلسلي کي جاري رکندي پئي اچي. ائين ڪرڻ سان حڪومت اهو تاثر به وڃائي رهي آهي ته اها ملڪ ۾ پئسو بچائڻ جي معاملي ۾ سنجيده آهي. ڇاڪاڻ ته ايڏي وڏي ڪابينه جي هوندي، ڪنهن به ريت سرڪاري پئسي ۽ وسيلن جي بچت نٿي سگهي. هڪ وزير کي ڪيتريون مراعتون مليل هونديون آهن. ان جو اندازو وزير اعظم کي به هوندو. جيڪڏهن انهن مراعتن کي گهٽايو وڃي ته اهو پئسو ملڪي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت جيتري ڪابينه موجود آهي، اها بنهه گهڻي آهي. تنهنڪري ان جو انگ گهٽايو وڃي ۽ ان کان سواءِ جيڪي اجايون مراعتون وزيرن کي مليل آهن، اهي به گهٽايون وڃن ته جيئن قومي خزاني تي بار گهٽجي سگهي ۽ اتان بچت ٿيل پئسو عوام تي پڻ خرچ ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button