سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. هي ڪتاب محمد ابراهيم جويو جو ترتيب ڏنل آهي ۽ 2006 ۾ شائع ٿيو هو. هن وقت هي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن، جن مان ڪي تاج محمد ابڙو سان ذاتي طور لاڳاپيل ۽ سندس دوست رهيا آهن ۽ ڪن رڳو سندس نالي ۽ ڪم متعلق ٻڌو آهي، سندس زندگي جي گھڻن پاسن متعلق لکيو آهي.
تاج محمد پاڻ ڪڏهين ڪجھه به نه لکيو. جيڪڏهين ڪير کيس لکڻ لا چوندو هو ته هو هٿ مٿي ڪري بيهي رهندو هو. پر ڪتاب جي مختلف مضمونن مان خبر پئي ٿي ته هو پاڻ هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت جو مالڪ ۽ گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. شروع ۾ ڪجھه عرصو استاد به رهيو. ان ڪري محمد ابراهيم جويو کيس پنهنجو هم پيشه چئي ٿو. صحافت سان سندس واسطو رهيو. هن ڪراچي ۾ ڪجھه عرصو الوحيد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ريڊيو ۾ انائونسر ٿي رهيو. نوجوان جي نالي سان پنهنجي هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين جنهن جو ايڊيٽر اياز قادري هو پر مالي ڏکيائين جي ڪري گھڻي عرصي تائين ان کي جاري نه رکي سگھيو. ڪراچي ۾ سندس واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان رهيو. هو اڳوڻي لائيٽ هائوس سينيما ويجھو پارٽي جي آفيس ۾ به ويندو هو. اتي هو جمال بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان مليو. هو قادر بخش نظاماڻي کي پنهنجو استاد ڪري ليکيندو هو. هن مزدورن ۾ پارٽي جو ڪم به ڪيو پر قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پو لاڙڪاڻي هليو ويو جتي مختلف وڪيلن سان انهن جي جونيئر طور ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ته گھڻا ڪارخانا ۽ مزدور نه هئا ان ڪري هتي موٽڻ کانپو هن هارين ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ حيدر بخش جتوئي سان سندس تعلق ٿيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان ڄڻ سندس واسطو هوندو ئي هو ۽ اهي مٿس اعتماد ۽ ڀروسو ڪندا هئا. اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جڏهين مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر عتاب هيٺ ۽ روپوش هو ته ڪجھه ڏينهن لا تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي رهيو هو ۽ هن ڪنهن ڊپ ڊا کانسوا کيس اتي رهايو هو. پر لڳي ائين ٿو ته لاڙڪاڻي موٽڻ کانپو ان جي باوجود ته سندس تعلق حيدربخش جتوئي سان هو عملي سياست سان سندس واسطو ختم ٿي ويو هو. شروع ۾ ڪجھه عرصو سياست ۾ سرگرم رهڻ کانپو هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيون. ائين چئي سگھجي ٿو ته تنظيمي طور سندس ڪنهن به سياسي ڌر ۽ جماعت سان واسطو نه رهيو.
سنڌي ادبي سنگت کي هڪ مرڪز ڏيڻ ۾ به هن هڪ ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته هن، رشيد ڀٽي ۽ مقبول ڀٽي اهو سوچيو ته مختلف جاين تي ڌار ڌار ادبي گڏجاڻيون ٿين ٿيون پو ڇو نه انهن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪجي. ان وقت کين اهو موقعو لاڙڪاڻي ۾ جميعت الشعرا جي ڪانفرنس جي دعوت ملڻ سان هٿ اچي ويو. ان ڪانفرنس ۾ گھڻا هم خيال ليکڪ وغيره موجود هئا. ڪانفرنس کانپو تاج محمد ابڙو اسان جي گڏجڻ جو انتظام پنهنجي جا تي ڪيو جتي اسان گڏ ٿياسين ۽ سنگت جي نئين سر تنظيم ڪئيسين. اهڙي ريت اياز قادري ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ لطيف ڊي جو هڪ شاندار پروگرام ڪيوسين جنهن جو سڄو خرچ ته تاج محمد پاڻ ڪيو پر ان جو سڄو ڪريڊٽ اياز قادري کي ڏنائين.
ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان گھڻي سرگرمي ۽ گهما گهمي هوندي هئي. اياز قادري ٻڌائي ٿو ته شام جو مختلف جاين تي مختلف ماڻهن جون ڪچهريون ٿينديون هيون جن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا گھڻا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. لاهورين ۾ حاجي امير علي جي ڪچهري، پوسٽ آفيس جي سامهون عبدالغفور ڀرڳڙي جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري ۽ اهڙي ئي هڪ ڪچهري ٽائون ٿاڻي لڳ تاج مجمد ابڙو جي به هوندي هئي جيڪا انهن سڀني کان منفرد ۽ نرالي هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي پر ٻين شهرن ۽ علائقن جا مختلف خيالن ۽ طبقن جا ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ چانهه جي ديڳڙي هميشه گرم هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ ڪڏهين ڪڏهين ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن جي تاج محمد سان ويجھڙائي هوندي هئي ۽ هو مختلف معاملن ۾ ساڻس صلاح مشورا به ڪندو هو، اچي ويهندو هو.
پڙهڻ سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي. ڪراچي ۾ محمد ابراهيم جويو سان سندس تعلق جڙيو. هن کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لا ڏنا. هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت ٿنڪرس لائبريري جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت ۾ ڇپجي سڄي دنيا ۾ شائع ٿيڻ لڳا هئا ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. انهن جي قيمت هوندي هئي اٺ آنا، ٻارنهن آنا في ڪتاب ۽ وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين 1947 تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پو به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيستائين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين. جڏهين پاڻ 1985 ۾ نوڪري تان رٽائر ڪيائين ته ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پيئي ته ٿنڪرس لائبريري جا جيترا ٽيهارو کن ڪتاب مون وٽ موجود هئا اوترا وٽس به هئا.
اهڙي ريت ٽائيم ميگزين وٽس باقاعدي ايندو هو. وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو هو.
هو پو وڪالت ڇڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ تي ايڊيشنل سيشن جج ۽ پو سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو. جج ٿيڻ کانپو به سندس پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن سان ساڳيو ورتا هوندو هو. اياز پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته جڏهين تاج محمد جي سکر ۾ تعيناتي هئي ته سندس ساڻس ڪجھه ذاتي ڳالهين تي اختلاف ٿيا هئا جيڪي پو حل ٿي ويا هئا. جج هئڻ دوران به سندس طور طريقن ۾ گھڻو فرق نه آيو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته عام ماڻهو کي انصاف ملي ۽ فائدو پهچي. ساڳي ريت شام جو سندس ڪچهري ٿيندي هئي. رٽائر ٿيڻ کانپو آبهوا جي ڪري هن ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي پر لاڙڪاڻي سندس اچ وڃ هوندي هئي. هڪ ڀيري ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سندس گھر وارن کان ڦر ٿي. ملزمن جي پڪڙجڻ کانپو جڏهين تاج محمد جي گھر وارن کي سامان ڏيکاريو ويو ته هن کين خاص هدايت ڪئي ته رڳو اهو سامان کڻو جيڪو اوهان جو آهي. ان سامان مان ڪجھه به انهن جو نه هو ۽ اهو سامان ائين واپس ٿي ويو.
ائين چئي سگھجي ٿو ته هو اهڙو شخص هو جنهن کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو.