ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آواره گرد آدميءَ جو پنڌ ۽ عشق

Editorial -Article- Ishaq Mangrio

انهيءَ ڏينهن آوارا گرد آدميءَ جي عشق وارو پنڌ به وڃي پڄاڻيءَ تي پهتو. جڏهن هو شهدادپور جي اسپتال ۾ اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهيو پيو هو.
هن جهڙي ريت پنهنجي آوارگي واري زندگيءَ جا نوي ورهيه گذاريا آهن، ڪو اهڙي زندگيءَ لاءِ فقط تصور ئي ڪري سگهي ٿو. هو انهيءَ ٽهيءَ جو آخري ڪارڪن هو، جنهن سادگيءَ سان رهڻ ۽ سادي کائڻ تي پاڻ کي پابند ڪيو هو. هن جون سنڌ ۾ ڳيري وک تي منزلون، پنڌ ۽ ويهڪون هيون. سنڌ جا شهر هجن يا ڳوٺ، هر هنڌ هن جو گهر موجود هوندو هو. هو ٻه ڪم ڀلي ڀت ڄاڻندو هو. هڪ عشق ٻيو پنڌ. هن جو اهو پنڌ ڪڏهن به نه کٽو. هن سڄي عمر سياست ڪئي، ان ڪري هن سنڌ ۾ پنڌ کي سياسي پنڌ ۾ تبديل ڪيو. اهوئي سبب آهي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش تائين ويندڙ قافلا هجن يا شهيد راهوڪيءَ تائين فاضل راهوءَ جي مزار تائين يا سائين جي ايم سيد جي سالگره تي سن ويندڙ پيادل قافلن جو رواج وجهندڙ ڪامريڊ دادا علي بخش رهيو. بدين ۽ مٺيءَ کان دلتن جا قافلا هجن يا وري عوامي ورڪرز پارٽيءَ جو هارين جي حقن لاءِ چمبڙ کان حيدرآباد جو قافلو ڇو نه هجي. پر هو هر قافلي ۾ ضرور اڳيان اڳيان رهيو. هو ڄام ساقيءَ سان به پيادل مارچ ۾ گڏ رهيو ته رسول بخش پليجي سان به گڏ رهيو. ڀلي پيرسنيءَ ۾ هجي پر پنڌ ڪرڻ ڪو هن کان سکي.

پنڌ ۽ بُک هن کي سدائين حوصلو ڏنو آهي. هو سدائين پنهنجي دوستن يا انهن جي پونئيرن سان ملي، انهن سان ڪچهريون ڪري ۽ يادون اوري، وري اڳئين منزل تي روانو ٿيندو هو. هو پيو هلندو هو، ڄڻ هن جي پويان ڪا پوليس لڳل هئي. هن سڄي عمر سياست ۾ گذاري ڇڏي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان پوءِ هو ڪنهن به پارٽيءَ جو ميمبر نه ٿيو. هارين ۽ مزدورن جي ڳالهه ڪير به ڪري، هو ان سان گڏ ضرور هوندو هو. سياسي پارٽين جو پاڻ ۾ تعصب واري ورتاءُ جي ڪري هو رڳو ڪم جي ٽائيم تي ساڻن گڏ رهيو. وري جوڳي نه ڪنهن جا مٽ. جيسين جدوجهد هوندي، هو جدوجهد ۾ ساڻن گڏ هوندو. واندو ويهڻ هن کي آيو ئي ڪونه. هن کان جي پڇبو ته هاري ۽ مزدورن جي ڪا پارٽي سجهئي. چوندو ضرور ٺهندي. ڳوليو متان هجي به. هونءَ هو ڪارڪن هو، اهڙي پارٽيءَ جو، جيڪا هن جي دل ۾ هئي. جيڪا سندس چوڻ موجب سماج جا ڏتڙيل ماڻهو ضرور ٺاهيندا. هو پورهيت دوست هو ۽ دنيا جي پورهيتن جي جدوجهد ۾ هر وقت ساڻن گڏ رهيو آهي. هن زندگيءَ جو هر ڪم ڪيو. هارپو، زرعي واپار، سو به باغن جو واپار، بصرن جي پوکي ۽ واپار، ملاکڙن جو شوقين، ملهه جو به شوق ڪيائين. “گل اهڙي طرح پيا هوا ۾ لڏن، ڪو ها پيو ڪري، ڪو نه پيو ڪري” اسحاق راهيءَ جي انهيءَ شاعري واري رمز ۾ رهندڙ دادا علي بخش شيدي شوق ته موسيقيءَ جو به ڪيو. نه رڳو هن جي فون جي رنگ ٽون سينگار علي سليم جي ڪلام واري هوندي هئي، پر “ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي. ڪڏهن محب ملندين ملاقات ٿيندي” سر ۽ ساز کيس موهيو وجهي.
هو موسيقيءَ سان نه رڳو لڳاءُ رکندو هو ۽ پنهنجي سفر ۾ هلندي هن جي ويهڪن ۽ منزلن ۾ ڪٿي ڪو يڪتاري پوٽو ۽ ڪٿي چپڙي نواز سجهيل هوندس. هو اتي پهچندو. هن چيو هاڻ هو محرابپور جي قبرستان ۾ مجاور سان رهي ٿو. ڇو ته جن ماڻهن پنهنجي مرڻ تي راڳ ڳائي دفن ڪرڻ واري وصيت ڪئي آهي. ان جي پورائي لاءِ هو اتي رهيل آهي. هو سرن مان آڪسيجن وانگر اتساهه وٺندڙ هو. اهڙي ساهي ئي سندس ٿڪ لاهيو ڇڏي. جنهن کان پوءِ هوُ پنهنجي اڳئين منزل ڏانهن هلندڙ هو. ڪو شاعر هن کي بادل سان تشبيهه ڏئي سگهي ٿو. هو 16 جنوري 1935ع ۾ هالا ويجهو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ ڄائو. هو ننڍي هوندي متحرڪ هو. هن جي ڳوٺ جو رئيس خاڪسار پارٽيءَ ۾ هئڻ ڪري هن جو به ڌيان خاڪسار تحريڪ ڏانهن ويو. ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ جو رئيس بزرگ مولوي شفيع محمد نظاماڻي، تنهن وقت خاڪسار تحريڪ حيدرآباد ضلعي جو سالار هو. دادا جيڪا خاڪسار تحريڪ ۾ پريٽ سکي هو اڃان به انهيءَ ڊسيپلن ۾ هلندڙ هو.
هو فقط پرائمري تائين پڙهيو. جيڪا مولوي شفيع محمد نظاماڻيءَ پاران قائم ڪيل المنصوره مدرسي واري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. هن کي پنهنجي استاد ڪاتب، خطيب ۽ حڪيم ڪرڻ ٿي چاهيو ٿي. پر هو وري ڪامريڊ ٿي ويو. هن حڪمت به رڳو پنهنجي پاڻ تي صرف ڪئي، جنهن جي بنياد تي هو عمر جي ان ڏاڪي تي پهتو. هو ڪاتب ته نه ٿي سگهيو پر سندس اکر اهڙا ڄڻ منڊيءَ تي ٽڪ. اهوئي سبب آهي، جو هن نوڪريءَ واري درخواست پنهنجي اکرن ۾ لکي مخدوم طالب الموليٰ کي ڏني ته سندس اکرن کي ڏسي مخدوم صاحب پاڻ وٽ نوڪري ڏئي ڇڏيس. ائين هو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي درٻار ۾ وڃي پهتو. جنهن کيس سندس خوش خطيءَ سبب پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب فيئر ڪرڻ لاءِ ڏنو. هو مخدوم هائوس هالا جو چاٻيدار به رهيو. مستقل مزاجيءَ سان ڪٿي ٽڪ ٻڌي ويهڻ هو نه سکيو هو. اهوئي سبب ٿيو جو هڪڙي ڀيري هالا ۾ بزم سروري جي مشاعري ۾ آيل سکر جي هڪڙي شاعر هٿان دل ڦرائي ويٺو. ٻئي ڏينهن مخدوم هائوس جون چاٻيون اتي ڇڏي، هو پيرين پنڌ سکر روانو ٿيو. اهڙي ريت هو پنهنجي نوڪري چٽ ڪري ويٺو. هو ڪجهه وقت پوليس وارو به ٿيو. ٿاڻو ڪلچر نه وڻيس، نوڪري ڇڏي ڏنائين.
سنڌ جي هاري تحريڪ جو يگانو ڪارڪن رهيو آهي. هونءَ ته هاري تحريڪ جا دوست ۽ ساٿي ته سڄي سنڌ ۾ سوين هئا. پر هو هاري تحريڪ ۾ فقط ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان متاثر ٿيو. هن جو چوڻ هو ته ڀلي کڻي ظاهري طور تي پارٽيون ٽٽنديون رهن، ڪارڪن ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن. پر هن کي يقين هو ته جاهل يا مسڪين ماڻهو ئي ڪا اهڙي پارٽي ٺاهيندا. جيڪي مزدورن، هارين ۽ پيڙيل طبقن کي گڏ ڪري انقلاب آڻيندا. هو اڃان نه ٺهي سگهندڙ انهيءَ پارٽيءَ جو پنهنجي پاڻ کي ڪارڪنن سمجهندڙ هو. هو هر وقت سياسي ڪم ۾ مصروف رهندڙ هو. سندس چواڻي رابطي ۾ رهڻ به سياسي ڪم آهي. هو پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان هر صورت ۾ گڏ رهندڙ هو. هو ڳوٺاڻي زندگيءَ جو وڏو علم رکندڙ هو. پنهنجي زندگيءَ ۾ ڳوٺاڻي عوام سان مرڻي پرڻي گڏ رهندو آيو. ڀلي کڻي سندن پارٽيون نه رهيون آهن، پر هو جتي به ويو، اتي جدوجهد ڪندي تبديليءَ جا سونهري خواب کڻي ويو. ڪئين سالن کان اهي خواب اکين ۾ کڻي گهمندڙ، انهن خوابن جي ساڀيان لاءِ لاڳيتو سفر ۾ رهيو. هو چوندو هو، سياسي اڳواڻ سمهي رهيا، ماڻهو اڃا به جدوجهد ۾ آهن. ماڻهو صحيح آهن، ان ڪري آئون انهن سان گڏ آهيان. هو اهڙن سوين ساٿين سان رابطي ۾ رهندڙ هو. هو چوندو هو ته سماج جون ايڏيون ته ستم ظريفيون آهن جو غريب ۽ پيڙيلن جي دردن جو ڪو ته دارون ٿئي. هن جي سياسي سفر جا ڪئين دوست ۽ ساٿي هن دنيا ۾ ئي نه رهيا، پر هو انهن جي پونئيرن سان به رابطي ۾ رهيو. سندس چواڻي اهي نوجوان مون کي پنهنجي وڏن وانگر ڏسن ٿا. انهن جي ان خلوص جو نتيجو آهي، جو آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي هر علائقي ۾ منهنجو گهر آهي. جتي رات جا چار پهر رهي سگهان ٿو.
ڪامريڊ دادا علي بخش شيدي پنهنجي آوارگيءَ جي زماني ۾ “دادا ” به ٿيو. پر داداگريءَ ۾ پنهنجو نالو ڪڍي نه سگهيو ۽ رڳو نالي ۾ دادا ڦٻيو ۽ بس. هو سماجي طور صفا درياهه دل هو. سرد جنگ واري زماني ۾ هن وٽ ڪئين سياسي روپوش ورڪر رهيل هوندا هئا. هو انهن جي خدمت چاڪري ڪرڻ، پنهنجي هٿن سان سندن ڪپڙا ڌوئڻ وارا ڪم به ڪندو رهيو. هو مختلف لانگ مارچن جي پانڌيئڙن کي رات جو زور ڏيندو هو. چوندو هو ته پنڌ پري آهي، اوهان کي ٿڪجڻ ناهي ڏيڻو. هو طبقاتي سياست جو اهو يگانو ورڪر هو، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي ڪم کان ڪونه ٿڪو.
هن جي بي ترتيب شخصيت جو اهو ئي ڪمال آهي ته هوُ پنهنجي ٽهڪن سان دل ۾ دُکندڙ سورن ۽ سختين کي لڪائڻ ڄاڻندو هو. هو مشڪرن جي ٽولي ۾ ته نه رهيو آهي، پر هو وڏو چرچائي به هو. هن جو هڪ خاص جملو هو. بابا توبهه ڪبي، چار ڏينهن وڏو آهين. هن ساٿي ٻارڙا ۾ ورڪر طور به ڪم ڪيو ۽ ڪم ڪندي ٻارڙن جي پروگرامن ۾ ڪئين مشڪري وارا پارٽ به ڪيا. هڪ ڀيري کيس ڪتن اچي ورايو، هي پاڻ ڪتي واري اداڪاري ۾ بيهي رهيو ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ ڪتا پاڻمرادو روانا ٿي ويا ۽ هن پنهنجو گس ورتو. هو نه ڪڏهن پنڌ کان ٿڪو ۽ نه بُک کان ٿڪو، نه عشق کان ٿڪو.
.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button