ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان کي گرفتاري ۽ نااھليءَ جو خوف

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

ميڊيا موجب عمران خان نيازيءَ کي اڳ قتل، پوءِ گرفتاري ۽ ھاڻي نااھليءَ جو ڊپ پيدا ٿي پيو آھي. ائين لڳي ٿو ته عمران خان ھن وقت بي يارمددگار رڳو خوف جو شڪار بڻيل آھي. ھاڻي کيس ھر طرف کان گهيري تنگ ٿيڻ جو خوف به آھي. سندس ذھني صحت ھاڻي گهڻي بيڪار ٿي وئي آھي. اھا سچائي آھي ته عمران خان نيازيءَ جي ننڊ مڪمل حرام ٿي وئي آھي، جيڪا سندس اختلافي بيانن مان به ظاھر آھي. صحافي چون ٿا ته عمران خان نيازيءَ شديد دٻاءُ جو شڪار ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته سندس سڀ سھارا ختم ٿي ويا آھن. اڳوڻي حڪمرانيءَ دوران کيس ڪيترا سمجهدار ۽ تجربيڪار، سندس اعتراض جوڳن افعالن جي ڪري کيس “سليڪٽيڊ” سڏيندا ھئا ۽ ھاڻي کيس نا اھل به سڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته سندس گذرسفر رڳو ‘وڻندڙ بيان’ جاري ڪرڻ تي ئي ٻڌل آھي.
عمران خان نيازيءَ ڀلي پنھنجي بچاءُ لاءِ ڪھڙيون به دعوائون ڇو نه ڪندو رھي پر سندس سياسي ڪردار خاص ڪري وفاقي سرڪار ۾ اچڻ کانپوءِ خطرناڪ ھوندو ھو، جنھن ڪري پاڪستان جي 75 ورھين جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو کيس قانوني طور قومي اسيمبليءَ جي ووٽن ذريعي پوڻن چئن ورھين جي حڪمرانيءَ تان مجبور ٿي ھٽايو ويو. جيتوڻيڪ حڪمرانيءَ دوران عوام تي کوڙ غيرقانوني ۽ رڪاوٽ جوڳيون پابنديون مڙھيون ھيون. اھا سندس وڏي بدقسمتي آھي ته ھو پنھنجن ڳاٽي ٽور اختلافي بيانن ذريعي ملڪ ۽ عوام جو ٻيڙو ٻوڙڻ چاھي ٿو پر پاڻ کي سڌارڻ جو کيس ٽڪو به احساس ڪونھي. بھرحال، ائين لڳي ٿو ملڪ جي تاريخ ۾ سندس سياسي حشر تمام گهڻو برو ٿيندو پر انھيءَ لاءِ ھو پاڻ اڪيلو مکيه ذميدار ھوندو.
اسان ته پنھنجن ڪالمن ۽ فيس بوڪ تي پوسٽن ذريعي عمران خان نيازيءَ کي کوڙ ڀيرا مختلف صلاحون ڏيندا رھياسون ته پاڻ کي بھتر بڻائي پر لڳي ٿو ته منجھس بردباري ٽڪو ئي ڪونھي. ھو پنھنجون خاميون مڃي پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ھا ته ملڪ جا صحافي ۽ دانشور به کيس سپورٽ ڪندا رھن ھا ۽ عوام آڏو به سندس نالو بڇڙو ڪونه ھجي ھا. ٻئي طرف، برطانيا ۾ به عمران خان نيازي خلاف جاچ شروع ٿي وئي آھي. جڏھن ته فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ۽ فنانشل ٽائيمس اخبار جاچ جو حصو بڻجي وئي آھي.
اسان جي ملڪ ۾، سندس پارٽي ليڊر شھباز گل به گهڻو ئي گند ڪيو آھي. تنھن جو حوالو ڏيڻ به ضروري آھي، ڇاڪاڻ ته عمران خان مختلف بھانا بڻائي ملڪي صورتحال جو ٻيڙو سڌي ۽ اڻ سڌري ريت مڪمل ٻوڙڻ چاھي ٿو. لڳي ٿو ته شھباز گل به پنھنجي پارٽي پي ٽي آءِ جو ٻيڙو اڳتي ھلي ٻوڙيندو. ھونئن به ھاڻي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ يعني شھباز گل پنھنجي پارٽيءَ جو ٻيڙو ٻوڙڻ لاءِ خاص ڪوششون ڪيون آھن، جيڪي ظاھري طور ضرور رنگ لائينديون.
انھيءَ سلسلي ۾ پنجاب جي نئين وڏي وزير چوڌري پرويز الاھيءَ جو بيان به ضرور پڙھڻ گهرجي، جيڪو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازيءَ جي مدد سان پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويو آھي. ھن اھم بيان ڏنو آھي. ميڊيا موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شھباز گل آمريڪا جي آئيندي جي رھائش جو سرٽيفڪيٽ رکي ٿو، آمريڪا جي گرين ڪارڊ تي شھباز گل جو نالو محمد ايس شبير به آھي. جيو نيوز جي دعوى آھي ته شھباز گل جي آمريڪا جي دائمي رھائش واري ڪارڊ جي ڪاپي حاصل ڪئي اٿئون. ان جي ختم ٿيڻ جي تاريخ مارچ 2025 آھي. شھباز گل يعني مشھور پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جا ھڪ نه پر ٽي نالا آھن. جيو نيوز تي ڳالھائيندي چوڌري پروز الاھي، شھباز گل جي بيان کي ننديندي چيو ته پي ٽي آءِ کي شھباز گل کان مفاصلو رکڻ گهرجي.
انھيءَ کان سواءِ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جو چوڻ آھي ته شھباز گل کي قانون موجب گرفتار ڪيو ويو آھي. ھو قانون موجب بغاوت جي مقدمي ۾ گرفتار ٿيل آھي. مٿس فوج جي ادارن کي ورھائڻ جي ڪوشش جو الزام آھي پر وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُاللھ، عمران خان جي اڳتي ھلي گرفتاريءَ جو پڻ حوالو ڏنو آھي.
بھرحال، عمران خان جي گرفتاريءَ واري خبر اھم ۽ اڳتي ھلي ملڪ جي فائدي ۾ ھوندي. ٻئي طرف، سنڌ جي ليبر واري وزير سعيد غني چواڻي، شھباز گل اھوئي ڪجھه چوندو آھي جيڪو عمران خان جو نظريو ھوندو آھي. عمران خان ملڪ جو سڀ کان وڏو مافيا آھي. پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ ھو ته عمران خان “ممنوع فنڊنگ”، ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ لاءِ ڦھيلايا، عمران خان “ممنوع فنڊنگ” کڻي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ڪوڙا قسم ناما جمع ڪرايائين. سعيد غني اھم ڳالھه به ڪئي ته عمران خان کان وڏو ڪو ڪرپٽ آفيسر ڪونھي پر پنھنجن تقريرن ۾ عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪائيندو رھندو آھي، جڏھن ته شهباز گِل جو بيان طئي ٿيل پروگرام هو، جنهن ۾ اھي سڀ شامل آھن. عمران خان جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، ثبوت مليا ته کيس به گرفتار ڪبو. واضح رهي ته شهباز گل تي ڪوهسار ٿاڻي تي بغاوت ۽ غداري سميت سنگين نوعيت جا 10 ڪيس داخل آهن.
ٻئي طرف، پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پريس ڪانفرنس ڪندي دعوى ڪئي آهي ته هاڻي سازش ڪئي پئي وڃي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽيءَ کي فوج سان وڙهايو وڃي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ، فوج جي خلاف آهي. صحافي جي دعويٰ آهي ته عمران خان جا نوان اختلافي رويا: نااهليءَ جي تلوار، عمران خان گوڏا کوڙڻ تي مجبور، نواز شريف کي ڊيل جي آڇ. سندس وڌيڪ چواڻي ھاڻوڪي حالتن، پي ٽي آءِ کي بيڪ فوٽ تي وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اھي جلد چونڊن جي مطالبي تي وڌيڪ زور نه پيا ڏين. جيتوڻيڪ اهڙي دعويٰ صحافي شاهد اجمل ڪئي آهي پر ان جي پٺڀرائي سينيئر صحافي حامد مير پڻ ڪئي آهي. دعويٰ ڪندڙ صحافي موجب هڪ اهم اداري جي رٽائرڊ اهلڪار، جيڪو اسرائيل جو سخت حامي هجڻ جي حوالي سان به شهرت رکي ٿو. تازو لنڊن ۾ (ن) ليگ قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عمران خان طرفان اهو پيغام ڏنو ته چونڊون ڀلي دير سان ڪرايو پر پرڏيهي فنڊنگ جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ نااهلي سميت پيدا ٿيندڙ ٻين معاملن ۾ ڪيس واپس وٺو.
نواز شريف سان ملاقات ۾ هن اهو به چيو ته اسان ۾ بھتر جمهوريت ۽ بھتر اقتصاديات لاءِ بامقصد ڳالهيون به ٿي سگهن ٿيون پر نواز شريف ڪو هاڪاري جواب ڪونه ڏنو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ قائد نواز شريف ڪنهن به قسم جي لچڪ ڏيکارڻ جي موڊ ۾ ناهي. صحافي شاهد اجمل موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ، پاڪستان تحريڪ انصاف. بيڪ فوٽ تي هلي وئي آهي، ڇو ته تازو اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاجي مظاهري ۾ ماڻهن جو انگ به گهٽ نظر آيو ۽ جذباتي حالتون به ڏسڻ ۾ ڪونه ايون.
ميڊيا جي روزاني بيانن مان ائين لڳي ٿو ته عمران خان نيازي بار بار نوان ۽ اختلافي بيان جاري ڪري پاڻ کي ‘ھيرو’ ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رھي ٿو. ڇاڪاڻ ته عملي طرح عوام جي ڀلائيءَ لِاءِ اصلي جدوجھد ڪرڻ جو وٽس ٽڪو به احساس ڪونھي. پوڻا چار ورھيه وزيراعظم رھيو ھو ته ھن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوبه ڪارنامو ڪونه ڪيو. البت لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيائين. نه رڳو ايترو پر آءِ ايم ايف سان ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جا ٺاهه ڪري عوام کي اقتصادي طور ڄڻ ته ماري ڇڏيائين ۽ ھاڻوڪي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، سندس پراڻي ٺاهه جو ئي نتيجو آھي.
مون کي لڳي ٿو ته عمران خان جي اليڪشن ۾ نااھلي ۽ گرفتاري، ٻنھي جو مکيه امڪان آھي ۽ ٻنھي تي اڳتي ھلي عمل، سندس نااھليءَ جو نتيجو ھوندو. ڇاڪاڻ ته کيس پنھنجون غلطيون مڃڻ ۽ پاڻ کي سڌارڻ جو احساس ڪونھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button