عمران خان جي چيف آف اسٽاف شهباز گل جي گرفتاري اسٽيبلشمينٽ جو انتهائي نه پر ابتدائي قدم آهي. تحريڪ انصاف جنهن رستي تي نڪري پئي آهي، ان ۾ اهو موڙ اوس اچڻو هو. عمران خان ڪجهه به چوي پر اسان سڀني کي معلوم آهي ته تحريڪ انصاف ڪا ڪميونسٽ پارٽي ڪونهي ۽ نه وري عمران چي گويرا آهي. هن کي پنهنجي غلطي نه صرف تسليم ڪرڻي پوندي پر ان تي کيس معافي به وٺڻي پوندي. جڏهن ته اها معافي به مشروط هوندي. عمران خان کي ضامن ڏيڻا پوندا ته هو وري اهڙي ڪا حرڪت نه ڪندو، جيڪا بقول سندس ”نيوٽرلس“ کي ناگوار لڳي.
تحريڪ انصاف ۾ اهو تاثر عام آهي ته عمران خان تمام گهڻو ضدي آهي. شهباز گل به تازو هن جي باري ۾ اهو چيو هو ته هو ”ٽو هاٽ ٽو هينڊل“ (Too Hot to Handle) آهي. پر هو ڪو تاريخي ڪردار ڪونهي. پاڪستان جي سياست ڀلي هڪ ڊرامو هجي پر ان ڊرامي ۾ هو ترڪيءَ جو غازي ارطغرل ناهي. هن کي گهوڙي پٺ تي ويهي صليبي جنگيون نه جوٽڻيون آهن. نه وري هن کي منگولن سان مقابلا ڪرڻا آهن. هو هڪ طرح جي ليوش لائف اسٽائيل (Lavish Life Style) جو اسير آهي. هن ۾ سخت جاني به آهي پر اهڙي جهڙي سخت ورڪ آئوٽ (Workout) ڪرڻ واري ماڻهوءَ ۾ هوندي آهي. پر ان ايڪسرسائيز کان پوءِ هن کي انگريزن جهڙي آرامده زندگي گهرجي. هو ڪو نيلسن منڊيلا جهڙو نظرياتي شخص ڪونهي. هن کي اقتدار گهرجي. هو پاور جو پياسي آهي. هن ۾ ايترو دم خم ناهي جو هو ملڪي اسٽيبلشمينٽ خلاف جمهوري جدوجهد جي ڊگهي راهه اختيار ڪري سگهي.
شهباز گل جي گرفتاري تحريڪ انصاف جي وڏ واتن لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. اهي سمورا ”چيتا“ جيڪي ڪپتان جا خاص ”چهيتا“ آهن، انهن جي مٿان هن مهل هڪ خاص قسم جي ”احتساب“ جو پاڇو پئجي رهيو آهي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پئسي جي ڪرپشن معاف ڪري سگهي ٿي. معاف ڪندي رهي آهي. پرويز مشرف کان وٺي هن دور تائين جيڪي اعلانيا ۽ غير اعلانيا ”اين آر اوز“ مليا آهن، اهي ڪنهن کان به ڳجها ناهن. هن مهل به ڪيسن ۾ گهربل سياستدان جهڙي طرح سرڪار هلائي رهيا آهن، انهن کي جيڪڏهن سهارو نه ملي ها ته هو سوچي به نه ٿي سگهيا. اهو ئي فيڪٽر عمران خان جي توائيءَ جو بنياد آهي. هو دعويٰ ٿو ڪري هو تمام گهڻو اصل پرست ۽ صاف سٿرو حڪمران هو. هو محنت به ڪندو هو. پوءِ هن کي ڇو ڪڍيو ويو ۽ نه صرف هن کي ڪڍيو ويو پر هن جي جاءِ تي جيڪي آندا ويا، اهي ته پاڪستان جي قانون مطابق ڪنهن ٻي جڳهه تي هجڻ کپندا هئا پر انهن کي حڪومت ملي ۽ عمران خان کي وري عوامي سياست واري واٽ جو سفر ڪرڻو پيو.
عمران خان کي آئوٽ ڪرڻ واري راهه تان رڪاوٽون ڇو هٽايون ويون؟ ڇا عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي معلوم ناهي؟ ڇا شيخ رشيد نه ٿو ڄاڻي؟ سڀني کي معلوم آهي ته عمران خان جهڙي طرح اسٽيبلشمينٽ جي مڪينزم ۾ مداخلت ڪرڻ لڳو هو، ان مان هڪ تاثر اهو اڀري آيو هو ته هو اسٽيبلشمينٽ ۾ ڦيٽاڙو وجهي رهيو آهي. هن جو اهو انداز ڪنهن به طرح سان قبول نه ڪرڻ جهڙو هو. ڇو ته پاڪستان ۾ ڪجهه سرخ لڪيرون آهن، انهن کي ڪراس ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به حاصل نه هوندي آهي. عمران خان پنهنجي حد ۾ رهڻ کان اڳتي وڌي رهيو هو. جڏهن ته هن کي چڱيءَ چوکيءَ ريت معلوم هو ته هن جو اقتداري بنياد تمام گهڻو ڪمزور آهي. جيڪا پارٽي صرف ايم ڪيو ايم جي سهاري سان اقتدار ڪري رهي هجي، ان پارٽيءَ وٽ ڪيترو پاور ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي به ڪپتان جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو اتان مليو هو، جتان ملندو آهي. آبجيڪٽو (Objective) انداز سان ڏٺو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي حڪومت کي ختم نه ڪيو پر هن پنهنجا اها سهارا پري ڪيا، جيڪي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ٽيڪ ڏئي بيٺا هئا. جيڪا ڪارروائي مخالف ڌر ساڍن ٽن سالن کان پوءِ ڪئي، ڇا اها ساڍن ٽن مهينن کان پوءِ ممڪن نه هئي؟ بلڪل هئي. پر جيڪڏهن مخالف ڌر کي به سختيءَ سان روڪيو ويو هو ته اهي روڪڻ وارا هٿ انهن جا هئا، جن ڪڍيا ته عمران خان جي حڪومت ڌڙام سان پٽ تي پئي. عمران خان پنهنجين اتحادين کي پرچائي پاڻ سان ويهارڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪئي؟ هن کي ان سلسلي ۾ بهادرآباد جي به ياترا ڪرڻي پئي ۽ متحده جا مطالبا به مڃڻا پيا. پر پوءِ به ايم ڪيو ايم کي اهو ڪجهه ڪرڻو هو، جيڪو ڪجهه ايم ڪيو ايم جهڙي پارٽي ڪندي آئي آهي. ايم ڪيو ايم جي هڪ اڳواڻ حڪومت کان الڳ ٿيندي ته اهو به چيو هو ته ”اسان ابتدا ۾ به عمران خان سان گڏجڻ لاءِ تيار نه هئاسين“ هڪ طرف عمران خان کي ڏنل سهارو هٽايو ويو ۽ ٻين طرف اقتداري جي بکايل ۽ اڃايل اپوزيشن کي پنهنجي قوت آزمائڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ پوءِ اهو ئي ڪجهه ٿيو، جيڪو هن مهل اسان جي اکين آڏو آهي.
عمران خان ڪجهه به چوي. هو ڪهڙي به دعويٰ ڪري. پر اها حقيقت آهي ته عمران خان جي پارٽيءَ کي پاڪستان جي حڪمران پارٽي بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار اسٽيبلشمينٽ جو هو. اسٽيبلشمنيٽ جا رٽائرڊ آفيسر اڄ ميڊيا آڏو مڃين ٿا ته انهن کي محسوس ٿيو ته عمران خان جي مدد ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هو ٻين سياستدانن کان بهتر محسوس ٿيو. پارٽيون ٺاهڻ. ٺهندڙ پارٽين جي مدد ڪرڻ. انهن کي مستحڪم ڪرڻ. انهن کي اقتداري ايوانن تائين پهچائڻ. پر واعدا وفا نه ڪرڻ ۽ طئه ٿيل شرطن تي نه هلڻ جي صورت ۾ انهن کي سزا ڏيڻ ۽ انهن جي سگهه کي ٽوڙي مروڙي ختم ڪرڻ وارو ڪم ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو پراڻو مشغلو آهي. ايم ڪيو ايم کان وٺي تحريڪ انصاف تائين پاڪستان جون جام پارٽيون ان مرحلي مان گذريون آهن. جيڪي صدما هن مهل اسان جو ڪپتان سهي رهيو آهي، اهي صدما ڪيترن ئي پارٽين جي حصي ۾ اچي چڪا آهن.
عمران خان ۽ هن جي پارٽي تقريرن، جلسن، جلوسن ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا تي جنهن ردعمل جو رستو ورتو آهي، ظاهر آهي ته اهو ملڪي اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪنهن به طور تي برداشت ڪرڻ جهڙو ناهي. هاڻي سوال اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ اهو به نه ٿي ڪري سگهي ته پنهنجي مٿان تنقيد ٿيڻ جي خوف ۾ دٻاءَ ۾ اچي عمران خان جون شرطون قبول ڪري. اسٽيبلشمينٽ کي انديشو ٿيندو ته اڄ جيڪڏهن عمران خان ۽ هن جي پارٽيءَ آڏو ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو ته پوءِ سڀاڻي سوشل ميڊيا تي ٻيون پارٽيون به اهو ساڳيو انداز اختيار ڪنديون. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ عمران خان ۽ هن جي ساٿين کي هڪ طرح جي سيکت ڏيڻ چاهي ٿي ۽ اهو فيصلو اڳ ۾ ٿي چڪو هو پر ان تي عمل هن مهل ٿي رهيو آهي. ان جي ابتدا شهباز گل کان ٿي آهي. شهباز گل عمران خان جو تمام ويجهو ۽ پارٽي پاليسين جي سلسلي ۾ راز محرم شخص آهي. هن کان گهڻي معلومات حاصل ٿيڻ جو امڪان به رد ڪري نه ٿو سگهجي. عمران خان کي اهو خدشو به آهي ته هن کي ممڪن آهي ته اهڙي مدد نه ملي سگهي، جهڙي هن کي هن مهل تائين ملندي رهي آهي.
تحريڪ انصاف ۽ هن جا حامي حلقا هن مهل ان پوائنٽ تي اصرار ڪندا ته جيڪڏهن عمران خان يا هن جي پوئلڳن پاران اسٽيبلشمينٽ کي ڪجهه چيو آکيو ويو آهي ته اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي؟ ڇا انهن کان اڳ ۾ مسلم ليگ ن ساڳيو ڪم نه ڪندي هئي؟ مسلم ليگ ن ته نالا کڻي تنقيد ڪندي هئي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ عمران خان جا مخالف اهو دليل پيش ڪري رهيا آهن ته اسٽيبلشمينٽ جي مٿان اها تنقيد الڳ قسم جي آهي ته هوءَ ملڪي سياست ۾ مداخلت نه ڪري پر اها تنقيد بنهه ٻين طرح جي آهي ته اسٽيبلشمينٽ مداخلت ڪري انهن کي اقتدار ۾ آڻي. پر پوءِ به فرق آهي. مسلم ليگ ن پاران اسٽيبلشمينٽ مٿان تنقيد ڪرڻ ۽ تحريڪ انصاف پاران اسٽيبلشمينٽ مخالف مهم هلائڻ ۾ تمام وڏو تفاوت آهي. مسلم ليگ ن جي جلاوطن قيادت ۽ مريم نواز ۽ ڪجهه ماڻهو جيڪڏهن اسٽيبلشمنيٽ مٿان تنقيد ڪندا هئا ته انهن جي پارٽيءَ ۾ اڪثريت پوءِ به انهن جي هوندي هئي، جيڪي ان قسم جي پاليسيءَ کي پسند نه ڪندا هئا ۽ ٻيو ته ميان نواز شريف جي آواز ۽ انداز ۾ اها عوامي اپيل نه هئي، جيڪا ملڪ جي ماڻهن کي متاثر ڪري سگهي. جڏهن ته عمران خان جا پرستار انگريزي به ڄاڻن ٿا ۽ انهن جو آواز ملڪ تائين محدود نه ٿو رهي. هو بين الاقوامي سطح تي ڏٺا ۽ ٻڌا وڃن ٿا. ان کان سواءِ عمران خان جي پارٽي هن جي پنهنجي وجود وانگر آهي. هن جي پارٽيءَ ۾ هڪ به اهڙو فرد ناهي، جيڪو هن جي عمران خان سان جمهوري اختلاف ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهي. ان کان سواءِ عمران خان جهڙي طرح پاڪستان کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ جي باري ۾ ضد ڪري رهيو آهي ۽ جهڙي ريت هو آمريڪا مٿان ڪوڙي ئي سهي پر تنقيد ڪري پنهنجو عالمي قد ڪاٺ وڌائي رهيو آهي، هن جو اهو عمل به اسٽيبلشمينٽ لاءِ قابل برداشت ناهي. عمران خان کي ان شرط تي اقتدار مليو هو ته هو اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي هلندو پر جڏهن عمران خان حڪمران ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اختلاف پيدا ٿيڻ اڻ ٽر ٿي ويا.
شهباز گل جي گرفتاري عمران خان لاءِ هڪ قسم جو چتاءُ آهي. جيڪڏهن هن راهه راست نه ورتي ته پوءِ هن طرح جي ”احتساب“ جي وڪڙ ۾ گهڻا ايندا. عمران خان جي پنهنجي گرفتاري ته تمام مشڪل آهي پر هن جي ساڄي کاٻي وارا اڳواڻ جيڪڏهن ان طرح سان کنڀجندا رهيا، جهڙي ريت شهباز گل کي کنڀيو ويو ته پوءِ عمران خان گهڻي دير تائين مزاحمت مشڪل ڪري سگهي. هونءَ به عمران خان کي سوچڻ گهرجي ته جنهن ٽيم جي سهاري هو اهڙو ”پنگو“ وٺي رهيو آهي، اها ٽيم هن جو گهڻو وقت ساٿ ڏئي سگهندي؟