پي ٽي آءِ جيڪو انقلاب ملڪ ۾ آڻڻ لاءِ اقتدار ۾ آئي هئي، اهو ايندي ايندي رهجي ويو. ڇاڪاڻ ته هڪ آمريڪي سازش وسيلي عمران خان نيازِيءَ جي حڪومت کي هٽايو ويو. هو ڪيترن ئي جلسن ۾ آمريڪي سازش وارو خط عوام کي ڏيکاريندو رهيو ۽ ان خط وسيلي اهو بيانيو جوڙيندو رهيو ته سندس حڪومت کي آمريڪي سازشين ۽ هتان جي ڪجهه ماڻهن، جن کي هو مير جعفر ۽ مير صادق جو لقب ڏيندو رهيو، انهن ڪيرايو آهي. هن ڪڏهن به سڌي ريت فوج جو نالو ناهي ورتو. پر ڪجهه عرصي کان جيڪا مهم فوج خلاف شروع ڪئي وئي آهي، اها پي ٽي آءِ لاءِ ڳچيءَ جو ڳٽ ثابت ٿي سگهي ٿي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ جو نوجوان لڏو ۽ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي محب وطن سمجهن ٿا، اهي عمران خان نيازيءَ تي انڌو ويساهه رکن ٿا. جيڪڏهن اڄ هو چوي ته هن کي ڪنهن آمريڪي سازش وسيلي ڪونه هٽايو ويو هو پر عدم اعتماد وسيلي هٽايو ويو هو ته سڀئي يوٿيا چوندا ته عمران خان صحيح ٿو چوي ڪابه آمريڪي سازش نه ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته اها هڪ غلط فهمي هئي، جنهن کي عمران خان نيازي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هو چوي ته ملڪ ۾ مهانگائي هن جي آندل آهي ۽ هو ئي ان جو ذميوار آهي ته هن جا پوئلڳ چوندا ڪيڏو سچو ماڻهو آهي، پنهنجي غلطي مڃي رهيو آهي. پي ٽي آءِ هاڻ هڪ سياسي جماعت نه پر هڪ اهڙو ٽولو بڻجي وئي آهي، جنهن تي ماڻهو ڪنهن مذهبي جماعت وانگر يقين رکن ٿا.
ڪجهه وقت کان سوشل ميڊيا تي فوج ۽ ادارن خلاف ٽرينڊ هلائڻ تي جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان کان پوءِ پي ٽي آءِ لاءِ سياسي طور مسئلا پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. پي ٽي آءِ کي هڪ انقلابي پارٽي ۽ عمران خان نيازيءَ کي ماڻهن جي مسيحا طور اسٽيبلشمينٽ پيش ڪيو هو. هن ئي عوام جي اندر ان ڳالهه کي اڀاريو ته عمران خان نيازيءَ کان سواءِ ڪوبه ملڪ کي بحران مان ڪڍي نٿو سگهي. پر سوال اهو آهي ته ان وقت ملڪ ۾ ڪهڙُو اهڙو سياسي بحران هو. ملڪي معيشت بهتر هئي، سياسي طور ڪا بيچيني ڪانه هئي، پيپلز پارٽي نواز ليگ جي مينڊيٽ کي قبول ڪيو هو ۽ نواز ليگ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي مينڊيٽ کي قبول ڪيو هو. پر تنهن هوندي به “پراجيڪٽ عمران” شروع ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ نه رڳو صورتحال خراب ٿيڻ لڳي پر ملڪ ۾ هڪدم سان پي ٽي آءِ کي ڇڏي باقي سمورين سياسي پارٽين کي ڀت سان لڳائڻ جي مهم شروع ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ کي اقتدار مليو. ان ملڪ ۾ جهڙي ريت اظهار جي آزاديءَ جي نڙيءَ تي ننهن ڏنو ۽ سياسي اڳواڻن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي ملڪ معيشت کي تباهه ڪيو. ان کان اسٽيبلشمينٽ به بيزار ٿي وئي.
هر سياسي پارٽيءَ کي پنهنجي ريڊ زون جي خبر هوندي آهي. ڪابه سياسي پارٽي پنهنجي مدار کان ٻاهر رهي ڪجهه نٿي ڪري سگهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي سياسي آزادي بنهه نالي ماتر آهي، اتي جيڪڏهن ڪابه سياسي پارٽي اهڙي حرڪت ڪري ته پوءِ ان لاءِ معافي مشڪل ٿي ويندي آهي. جنهن سياسي ڪلچر کي پي ٽي آءِ هٿي ڏني، ان کي سياسي پارٽيون ته برداشت ڪري سگهن ٿيون پر اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن ان سياسي ڪلچر جو نشانو بڻجي وڃي ته ان کي برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي ۽ نيٺ ائين ئي ٿو. پي ٽي آءِ لاڳيتو فوج کي نشانو بڻائيندي رهي، جيئن ته پي ٽي آءِ وٽ سوشل ميڊيا ٽيم چست آهي، تنهنڪري اها هر وقت ٽوئيٽر ۽ فيس بوڪ تي اهڙي ماحول کي هٿي ڏيندي رهي آهي، جيڪو فوج جي خلاف آهي. ان سڄي ماحول ۾ ٻرندي تي تيل جو ڪم شهباز گل جي ان بيان ڪيو، جنهن ۾ هو فوج جي آفيسرن کي بغاوت تي اڪسائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو. جنهن کان پوءِ صورتحال بنهه خراب ٿي وئي ۽ نيٺ شهباز گل کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو. پر هن وقت تائين به هو چوي ٿو ته سندس اهو بيان ذاتي راءِ ناهي پر پارٽي پاليسيءَ جو حصو آهي. جيڪڏهن پارٽي پاليسيءَ جو حصو آهي ته پوءِ سڌي ريت عمران خان نيازيءَ جون چيل ڳالهيون آهن. جيڪي شهباز گل پنهنجي واتان بيان ڪري رهيو آهي.
پي ٽي آءِ وٽ هاڻ سياسي آپش محدود ٿي ويا آهن. جيڪڏهن هو فوج خلاف پيدا ڪيل بيانيي سان ميدان ۾ لهي ٿي ته هاڻ ان کي اها پذيرائي بلڪل به نه ملي سگهندي ڇاڪاڻ ته اها پنهنجون حدون اورانگهي چڪي آهي. ان نه رڳو فوج تي سڌي ريت حملا ڪيا آهن پر عمران خان نيازي پنهنجو اقتدار وڃائڻ کان پوءِ هر قيمت تي ملڪ جي هر اداري کي بدنام ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ملڪ جو عوام جتي هر مسئلي جي حل لاءِ فوج ڏانهن نهاريندو هجي، ان کان مدد گهرندو هجي، اتي جيڪڏهن پي ٽي آءِ فوج کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪي بنهه ڪريل حرڪتون ڪري ته عوام پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه رهندو. هڪ حد تائين اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين سان اختلاف رکي سگهجي ٿو. اهي شيون ٿينديون به رهيون آهن پر جيتري حد تائين پي ٽي آءِ وئي آهي، اهو ڪم ڪڏهن به ناهي ٿيو. هاڻ عمران خان نيازي ڀلي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جا اسٽيبلشمينٽ مخالف بيان ڏيکاريندو رهي پر ان سان ڪجهه نه ٿي سگهندو.
امڪاني طور هاڻ ڇا ٿي سگهي ٿو؟ پي ٽي آءِ جي هاڻوڪي سياسي صورتحال کان پوءِ جيڪڏهن پي ٽي آءِ يو ٽرن به وٺي ٿي ته گهڻي دير ٿي وئي آهي. عمران خان نيازي خلاف اليڪشن ڪميشن به ڪارروائي ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. توشه خانه جو ڪيس الڳ آهي. کيس اهو ڊپ به ورائي ويو آهي ته هن کي نا اهل ڪرائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن هو واقعي به نا اهل ٿئي ٿو ته ان لاءِ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن وٽ ڪئين ٺوس ثبوت آهن. تنهنڪري ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ٿي ته چونڊون ٿيڻ کان اڳ ۾ عمران خان لاءِ حالتون بهتر نه رهنديون. هڪ پي ٽي آءِ عمران خان نيازي واري رهندي ۽ ٻي اها رهندي جنهن جون جهڪاءُ اسٽيبلشمينٽ ڏانهن هوندو.
پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهيءَ به هاڻوڪي صورتحال ۾ عمران خان نيازيءَ جو ساٿ ڏيڻ کا معذرت ڪري ڇڏي آهي ۽ شيخ رشيد جيڪو عمران خان نيازيءَ جو سپاهي ٿيو پيو هلندو هو، اهو منظر تان گم لڳو پيو آهي. تنهنڪري عمران خان نيازِي جيڪي ڪجهه ملڪي سياست ۾ پوکيو هو، ان کي لڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. شايد هن کي اڃا به اندازو ناهي ٿي سگهيو ته سياسي آزادي ۽ سياسي ڇڙواڳي ۾ فرق هوندو آهي ۽ ڪي فيصلا اهڙا به هوندا آهن، جن تي چاهيندي به هڪ سياستدان يو ٽرن ناهي وٺي سگهندو. پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششُون سياسي پارٽيون ڪيون اهي سڀ ناڪام ويون پر عمران خان نيازيءَ جي پارٽي پاليسي ان کي هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جتان نڪرڻ جان امڪان بنهه گهٽ آهن.