عمران خان نفرت جو جيڪو ٻج ڇٽيو، ان جي نتيجي ۾ هاڻ جيڪي فصل تيار ٿيا آهن، انهن جي نتيجي ۾ به ڪي هاڪاري تبديليون نه اينديون. اهي جيڪي “مقدس ڳئون” سمجهيا ويا، جن ڏانهن ڪو آڱر کڻڻ جي به جرئت نه ڪندو هو، انهن کي نشانو وٺي وٺي ڪري، هڪٻئي پٺيان بيانيا تيار ڪيا ويا. ان جو اظهار ڪو پهريون ڀيرو نه ٿي رهيو آهي، ان کان اڳ ۾ به ايڪڙ ٻيڪڙ اهڙا عنصر هئا، جن ساڳي نوعيت جو اظهار ڪيو هو، انهن کي عبرت جو نشانو بنائڻ جي ڪوشش ته ڪئي وئي، پر ملڪ جي اعليٰ عدالتن انهن فيصلن کي معطل ڪري ڇڏيو هو. ان جو هي مطلب نه وٺڻ گهرجي ته انهن کي سزائون صحيح يا غلط مليون. ان حوالي سان جاويد هاشمي جو تازو مثال هو، ان کانپوءِ ميان نواز شريف ۽ ٻين به ساڳيو گس ورتو،انهن سڀني جي خلاف قدم کنيا ويا، پر هي پهريون موقعو آهي، جو، اهي جن جو ذڪر ٿئي ٿو، پر هو، ڪا هلڪي ڦلڪي ترديد ڪري جان آجي ڪرائين ٿا. پاپا جونز کان وٺي، موجوده اسٽيبلشمنٽ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن جو ذڪر نه ٿيو آهي. هي الڳ ڳالهه آهي ته ان کان اڳ ۾ جن صحافين آڱر کنئين انهن کي گولين جو نشانو بڻايو ويو، يا وري غائب ڪيو ويو. پر هينئر اهو سڀ ڪجهه نظر نه اچي رهيو آهي. ڇا اهڙي قوت، جيڪا سياسي گهٽ پر cult وڌيڪ آهي، ان جي خلاف ڪو قدم کڻڻ کان واڳ ڌڻي ڪيٻائي رهيا آهن؟ ڇا اسٽيبلشمنٽ جي رازن کان عمران خان ۽ ان جا حامي ايترا گهڻا واقف آهن، جو انهن جو ڪو وار به ونگو ڪري نٿو سگهي؟ ڇا هينئر شهباز گِل جيڪو ڪجهه چيو ان جي کيس ڇوٽ مليل هئي يا کيس ڊگهي رسي ڏني وئي آهي؟ ڇا عمران خان ڄاڻي واڻي، شهباز گِل جي زباني چورايو آهي ۽ هن واڳ ڌڻين جو ردعمل ڏسڻ گهريو پئي؟ ان کان پهريان عمران خان جيڪو ڪجهه چوندو رهيو، جنهن ۾ مير جعفر کان وٺي مير صادق تائين، نيوٽلز جانور کان وٺي ٻيون جيڪي گوهر افشانيون ڪيون، هي سڀ واڳ ڌڻين جي صبر جو امتحان هو؟
هي ڳالهه سڀ سمجهن ٿا ته پهريان جي مقابلي ۾ هن ڀيري، واڳ ڌڻين کي جيڪو ڪجهه چيو ويو، اهو ڪافي گهڻو هو. انهن کي امتحان ۾ ضرور وڌو ويو، پر جيڪي چون ٿا يا جن چيو ته هتي رينڪ اينڊ فائل جو مسئلو آهي، اهي هڪ صف ۾ بيٺل ناهن، هي به ڪنهن وڌاءَ کان گهٽ ناهي. اهڙي قوت، جيڪا ڊسيپلن فورس سمجهي ويندي آهي، ان ۾ ائين ورلي ڏٺو ويو ته ڪي اهم عملدار پنهنجي ليکي متبادل بيانيو اپنائين يا وري هشي ڏئي ڪري سياسي قوت جي پٺڀرائي ڪن. هن ملڪ ۾ پنڊي سازش ڪيس کان وٺي، اٽڪ ڪيس تائين، جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو، اهي اصل ۾ اندروني سياسي سازشون هيون، جن جي آڙ ۾ انهن جنرلن کي پاسيرو ڪيو ويو، جيڪي چيلينج بڻجي سگهيا پئي. انهن ۾ جنرل اڪبر به شامل آهي ۽ ڪرنل ايسپرين به، ان سان گڏ ميجر فيض احمد فيض به. هي سمورا داخلي جهيڙا هئا. پر جيئن انهن سازشي ٿيوريز جي ذريعي آمريڪا بهادر کي به خوش ڪرڻو هو، هي اهي “سوشلسٽ جنرل” هئا، جن ملڪ جو تختو اونڌو ڪري سوشلسٽ انقلاب آڻڻ گهريو پئي. هي ورلي ٿيو آهي ته انقلاب بندوق جي نالي مان نڪرندو هجي! هن ڀيري صورتحال مختلف آهي.
هن ڀيري هڪ طرف ملڪ جون اهم سياسي قوتون اتحادي حڪومت قائم ڪري چڪيون آهن، انهن ڪيترن ئي معاشي ۽ سياسي مسئلن کي منهن ڏنو ۽ مستقبل قريب تائين ڏيندا رهندا، پر انهن جي سامهون واري قوت، جنهن جو طريقه واردات به ڪنهن فاشسٽ فورس کان گهٽ ناهي، اها به گوئبلز جيان پروپئگنڊا جي ماهر آهي. سوشل ميڊيا، اهڙو ٽول يا پسٽل آهي، جيڪو ڀولڙي جي هٿ ۾ آهي، جيڪو ڪنهن تي به فائر ڪري سگهي ٿي، پوءِ هي فائر فرينڊلي به ٿي سگهن ٿا ۽ سنجيده نوعيت جا به. هن ملڪ ۾ شروع کان وٺي هي تاثر به ڏنو ويو ته صرف هڪڙي طاقت يا منظم ادارو آهي، هاڻ اها ڏند ڪٿا لڳي ٿي. ان اداري تي ملڪ جا اڻ ڳڻيا وسيلا ته خرچ ڪيا ويا، پر موٽ ۾ ان ڏنو ڇا؟ هن ملڪ جا ڪيترائي سڻڀا ادارا آهن، جيڪي انهن جي خدمت ۾ پيش پيش رهيا. اهي ادارا رڳو موجوده حڪمران انهن حوالي نه ڪري رهيا آهن، پر عمران خان به ساڳيو ئي ڪم ڪيو. جڏهن جڏهن هي سڌا اقتدار ۾ رهيا ته انهن جون ويهه ئي آڱريون گيهه ۾ هيون. هينئر اڻويهه ويهه جو حساب آهي. هي به ٻڌايو پيو وڃي ته موجوده قوت، جنهن جي اڳواڻي عمران خان ڪري رهيو آهي اهو ساڳيو فورس آهي، جنهن کي ففٿ جنريشن وار لاءِ تيار ڪيو ويو هو. هاڻ ان وار جو ذڪر ورلي ٻڌڻ ۾ ايندو هوندو. هي ساڳي نوجوان ٽهي آهي جنهن کي اهم ادارن تربيت فراهم ڪئي، انهن کي سمجهايو ويو ته هڪ ٽوئيٽ کي هڪ لک ڪري سگهجي ٿو. جنهن اهم اداري انهن جي تربيت ڪئي، ان تي سواليا نشان به انساني حقن جي علمبردار عاصما جهانگير لڳايو هو، هن ان اداري جي بجيٽ جي آڊيٽنگ جي گهر به ڪئي هئي، پر انهن ڏينهن ۾ ان کي سنجيدگي سان نه ٻڌو ويو. هي لکن ۾ فورس هو، جنهن ۾ چڱا ڀلا، پڙهيل لکيل ماڻهو شامل ڪيا ويا،جن کي لکين رپيا پگهار ملندي هئي، انهن ۾ وڏن ٽي وي چينلز جا اينڪر ۽content producer به شامل هئا. انهن ڪمپني جي مشوري لاءِ اهڙا فارمولا جوڙيا جو سڀ حيران ٿي ويا. هي اهي ئي هئا، جن چيو هو ته” دشمن ڪي بچون ڪو پڙهانا هي”! هنن جن کي پڙهايو،انهن ئي سندن مخالفت ڪئي، يا بقول مير صاحب جي ته” ٻلي شينهن پڙهايا، ول شينهن، ٻلي ڪو کاوڻ آيا”!
واڳ ڌڻين کي ڪير سمجهائي عوام جي پئسي تي هنن جيڪي ايڊونچر ڪيا، اهي انهن جي خلاف اٿي بيٺا. جيڪڏهن ٽيڪنالوجي جي مدد سان هو، وڌي وڏي ٿيل نسل کي نيوٽرلائيزڊ به ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، پر اهو ممڪن نٿو لڳي. جيڪڏهن انهن کي گهڻي ڪاوڙ آئي ته هو يوٽيوب کان وٺي ٽيوٽر تائين سڀني تي ڪنٽرول ڪرڻ يا انهن کي بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪندا رهيا آهن، پر اهڙيون ايپس اچي چڪيون آهن، جيڪي انهن حربن يا هٿڪنڊن کي به ناڪام ڪري ڇڏين ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن کي جائزو وٺڻو آهي ته اهو پي ٽي آءِ جي نيٽ ورڪ کي ڏسي وٺي. هي سڀ پروپئگنڊا جا رستا آهن، جيڪي “ٻلي شينهن” کي سيکاريا هئا!
هينئر چيو پيو وڃي ته عمران خان سان گڏ، اهي جيڪي ان جا مائوٿ پيس آهن، جن ۾ شهباز گِل جهڙا کيڏوڻا شامل آهن، انهن کي مات ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي جو ئي استعمال ڪرڻو پوندو. هينئر تائين انهن سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ۽ جنهن جنهن جي “عزت افزائي” ڪئي آهي، سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. هنن ڪنهن به مخالف کي معاف نه ڪيو آهي. انڪري هينئر راڻا ثناءَ الله انهن پٺيان لٺ کڻي ته نڪتو آهي، پر جيڪي طريقا استعمال ڪري پيو، اهي به درست ناهن. راڻا، انتطامي مشينري کي استعمال ڪندي پي ٽي آءِ جي قيادت کي سوين ڪيسن ۾ ته الجهائي ڇڏيو آهي، پر اهي ڪيس وڙهندو ڪير؟ ان جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو آهي. هي به حڪومتي مشينري مان خبر پئي ٿي ته شهباز گِل جهڙن ماڻهن کي ڪورٽ مارشل ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن دفاع جي وزارت، گهرو وزارت کي چيو ته ان ۽ اهڙن ٻين کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي ته ان سان نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو. عمران خان ڀلي هي چئي ته شهباز گِل کي صفائي جو موقعو ڏيڻ گهرجي،پر هو اشارن ۾ ان جي پٺي به ٺپي رهيو آهي. عدالتي نظام به اهڙو آهي، جيڪو، حڪومت جو ساٿ ڏئي نه رهيو آهي، ايستائين جو اعليٰ عدليا تائين، جيڪي فيصلا سامهون آيا آهن، انهن تي حيرت ٿئي ٿي. عدليا جيڪا رعايت يافتا طبقي جو هٿيار آهي، اها به عمران خان لاءِ سهولت ڪاري ڪري رهي آهي. ان جا ڪيترائي مثال موجود آهن.
هينئر عمران خان ۽ سويلين حڪومت ۾ جيڪا ويڙهه هلندڙ آهي، ان مان هي خبرون ليڪ ٿين پيون ته اهي جيڪي واڳ ڌڻين جي خلاف ميدان ۾ نڪتل آهن، انهن کي سزائون به فوجي عدالتون ڏين، انهن جو دليل آهي ته هي معاملو به اسٽيبلشمنٽ جو آهي ۽ اها ئي انهن کي منهن ڏئي. پر ان جي ڪهڙي ضمانت آهي ته فوجي عدالتون جيڪي سزائون ڏينديون، انهن کي هاءِ ڪورٽون يا سپريم ڪورٽ برقرار رکندي؟ فوجي عدالتن جو تجربو پهريون ڀيرو نه ٿي رهيو آهي، ان کان اڳ ن ليگ جي جڏهن به حڪومت قائم ٿي، ان فوجي عدالتون قائم ڪيون. انهن عدالتن جي حمايت ڊاڪٽر مالڪ جهڙا ماڻهو به ڪندا رهيا، جيڪي ن ليگ جا اتحادي هئا. حقيقت ۾ متبادل عدالتي نظام وڌيڪ خطرناڪ آهي، جيڪو گهڻو ڪري وسيلن جو زيان ثابت ٿيو آهي. ڪيس وڙهڻ لاءِ وردي پائڻ لازمي ناهي، پر سٺو وڪيل ئي بهتر ڪيس وڙهي سگهي ٿو. شهباز گِل جهڙا ڪردار هڪڙا ويندا ۽ ٻيا سامهون اچي ويندا، پر سويلين حڪومت کي پنهنجي ڏاڙهي غيرسياسي قوتن جي هٿ ۾ نه ڏيڻ گهرجي. موجوده سويلين نظام، جنهن ۾ عدالتون به شامل آهن، اتي ئي ڪيس وڙهڻ گهرجن. جيڪڏهن رڳو سياسي مخالفت جي بنياد تي شهباز گِل کي عبرت جو نشانو بڻايو ويو ته مستقبل ۾ موجوده اتحادي حڪومت جا اڳواڻ به ڦاسي سگهن ٿا. انڪري ڀلي ڪير ڪيترو به مخالف هجي، ان کي سياسي طريقي سان ڊيل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.