شوبز

ڊرامن ۾ تشدد ۽ ريپ کي رومانوي بڻائي ڏيکاريو وڃي ٿو: عروا

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عروا حسين عورتن جي مسئلن تي کليل نموني سان ڳالهائيندي چيو آهي تھ هن وقت اسان جي ڊرامن ۾ گهريلو تشدد ۽ ازدواجي ريپ کي رومانوي بڻائي ڏيکاريو وڃي ٿو. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه عروا حسين نشاندهي ڪئي تھ ڊرامن جي ڪهاڻين ۾ اڪثر ائين ٿئي ٿو تھ هراسان ڪندڙ ڇوڪري سان ڇوڪري جو عشق ٿيو وڃي، جنهن سان نھ ڄاڻ ڪهڙو پيغام وڃي ٿو. هن چيو تھُ سماج ۾ اڄ بھ عورت کي اهميت ناهي، سمجهيو وڃي ٿو تھ اها تخليقي صلاحيت ۽ ڪا رائي نٿي رکي. جڏهن تھ ملازمت ڪندڙ عورت بابت تصور آهي تھ اهي مرد جي جنسي لطيفن تي مرڪي موٽ ڏين. هن چيو تھ ماضي ۾ شعور بيدار ڪندڙ ڊرامن ٺهندا هئا، پر هاڻ اهڙين ڪهاڻين تي پيمرا نوٽيس ٿو ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button