سَنگيت، آشرم جي مستقل موضوعن مان هڪ آهي. ۽ تَنهن ڏينهن پڻ آشرم ۾ سنگيت جي ان ساڃاهه بابت رهاڻ هلي رهي هئي، جيڪا ساڃاهه جڏهن ڪنهن وجود جي پلئه پوندي آهي تڏهن ان لاءِ دنيا جو هر هڪ لقا مڪمل نئين تعارف سان سامهون اچڻ لڳندو آهي. سَنگيت، جنهن ۾ زندگي جا اڻميا راز سمايل آهن، تنهن سان هن ته هونئن به ڪئين اگها سَگها ٿيندي ڏٺا آهن پر ڪالھه ذڪر پئي هليو ڀارت جي هڪ ڪلچرل سوسائٽي پاران جوڙيل ان ريفارم بينڊ جو، جنهن بينڊ مختلف جيلن ۾ ڪم ڪري ڪيترائي ڏوهاري سِڌا ڪيا. اهي ڏوهاري، جن کي دنيا جي ڪابه طاقت ڊيڄاري نه سگهي، سي سنگيت ۾ سمائجڻ کان پوءِ سماج جا ڪارگر ۽ پرامن شهري بڻجي ويا. اهي قيدي، جيڪي ُسر سکڻ کان پوءِ ٻڌائين ٿا ته هاڻ اهي جڏهن پنهنجي اسيري جو زمانو ياد ٿا ڪن تڏهن کين هڪ نه کُٽندڙ درد جو ته احساس ٿئي ئي ٿو پر ان سان گڏ کين اهو به سَمجهه ۾ اچي ٿو ته ُسر ۽ ساز کان اول هو ڪيتري نه بي معنى حياتي گهاري رهيا هئا. زندگي سمورين تلخين جي باوجود به ڪيتري خوبصورت آهي!؟ تنهن جو اندازو کين تڏهن ٿيو جڏهن اهي سَنگيت سان شناسا ٿيا. هِن اهي ڳالهيون ٻڌندي سوچيو:
ڇا اسان وٽ ان قسم جو ڪم نٿو ڪري سگهجي؟ هتي جيڪي قيدي بند وارڊ ڪري، ٻيڙيون هڻي جُهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، تِن کي ڇا فن ۽ پيار وسيلي پنهنجو نٿو ڪري سگهجي؟ بهرحال ريفارم بينڊ پاران سَنواريل قيدين جو ذڪر اڃا جاري ئي هو ته مٿان آشرم ۾ ڪوهستان جا اهي سَنگي به اچي لٿا، جن مان هڪ ويراڳي وستي جو اهو واسي به هو، جنهن هڪ ڀيرو پهاڙي پيچرن مٿان هلندي کيس اهو سمجهايو هو ته اصل ۾ ڪنهن به وجود ۾ گيت تڏهن ئي سِرجڻ لڳندا آهن، جڏهن ڪنهن ميِت سان ملاقات ٿيندي آهي. اهو ميِت، جيڪو پنهنجي مرضي وارو آهي ۽ جنهن کي چاهي تنهن تي مهربان ٿئي. اهو ميِت، جنهن جي وصل واسطي ڪائنات جو هرهڪ ذرو سرگردان آهي. جڏهن ڪوهستان مان ڪهي آيل سمورا سَنگي ٿانيڪا ٿي ويٺا تڏهن سماءَ جو پهر به جُڙي آيو ۽ ساڌو ساز سنوان ڪندي چوڻ لڳو:
اڄ پاڻ جنم جي ان گيت کي ٿا ڳايون، جنهن کي پاڻ هيستائين ڪڏهن به نه ڳاتو آهي. ساڌو پاران ڳايل ان گيت جو مفهوم ڪجھه هن ريت هو:
*جيڪڏهن تون پنهنجي جنم جي ڪارج جي ڳولها ۾ فن تائين پهچڻ باوجود به اڃا تائين منهنجي حوالي سان ڪنهن حجاب يا وسوسي ۾ آهين ته ان مان بنادير نڪري آءُ. آئون تنهنجي لاءِ هن ديس جي هر ڳلي ۾ ڳائي، ان کي پريم ڳلي ۾ تبديل ڪرڻ واسطي ئي هن جهان ۾ آيو آهيان. توکي ممڪن آهي ته ان جو اندازو نه هجي ته آئون تنهنجي احساسن جي آسپاس، توسان اڪيلائي ۾ مسلسل سرگوشيون ڇو ڪري رهيو آهيان؟ پر اڄ ان راز تان پردو کڻندي توکي ٻڌايان ٿو ته توکي آشرم پاران هن نسل جو اهو ميِت مُنتخب ڪيو ويو آهي، جنهن جي نام جا گيت هن ديس جي نئين نسل کي پنهنجي ورد ۾ شامل ڪرڻا آهن. ان ڪري تون پنهنجي پاڻ کي سُڃاڻ ۽ ان اتهاس جو ادراڪ ماڻ، جنهن ۾ راڳ کي راهه سمجهيو پئي ويو آهي. تون به ته هڪ راڳڻي مثال ئي ته آهين. اها راڳڻي جيڪا ٽُٽَل دلين جو دلاسو بڻبي آهي.
*ڪڏهن ڪڏهن پوري زندگي ڪنهن سان گذاري ڇڏڻ باوجود به اوپرائپ ختم نه ٿي سگهندي آهي ۽ ڪڏهن ڪنهن سان ڪنهن اولي ۾ ڪجھه لمحن جي ملاقات ۾ به سمورا قصا تمام ٿي ويندا آهن ۽ ڪجهه نه اظهاريندي به ايئن لڳندو آهي ته سامھون واري سان جيڪو ڪجهھ سَلڻو هو، سو سَلجي چُڪو. ۽ اهڙي ملاقات ۾ جڏهن هڪ ٻئي کان هٿ ٻڌي موڪلائبو آهي تڏھن ايئن لڳندو آهي ٻه الڳ الڳ وجود هڪ سِپي جي ٻن پُڙن وچ ۾ اچي ويا هجن. ها، اهي پري کان هڪ ٻئي کي ٻڌل هٿ سِپي جي پُڙن جيان محسوس ٿيندا آهن. ۽ مون کي به ايئن لڳي ٿو ته پنهنجي اها ملاقات جيڪا اڌ اونداهي ۽ اڌ روشني ۾ سڄي سنگ سامهون ٻن گهڙين لاءِ ئي سهي پر ٿي هئي، تنهن ۾ مون توکي پنهنجي پنڌ جي اڌوري ساز جي تڪميل پاتو ۽ توکي هڪ تار جيان پنهنجي ساز ۾ جَڙي ورتو هئم. اهو ساز جنهن سان مون کي هن ديس جي جاڳ جو ڪاڄ سجائڻو آهي. ڪيڏي نه حسين هوندي اها گهڙي جڏهن آئون ساز وڄايان ۽ تون گيت ڳائين. گيت…!! محڪوم ۽ مظلوم طبقن جي آزادي ۽ آجپي جو گيت!!
…چڱو ڀلا هڪ ڳالهه ٻُڌ!! توکي پنهنجي خواب جي اڌ ۾ رهيل اسڪرپٽ لاءِ جيڪي ڪردار گهربل آهن، سي پاڻ گڏجي ڳوليون؟ مون کي الائي ڇو ائين محسوس ٿئي ٿو ته آشرم جا ڪيترائي گمنام ڪردار تنهنجي ان اسڪرپٽ کي مڪمل ڪري سگهن ٿا، جنهن سان توکي هن سٽ وسيلي ديس ۾ اهو ويساھه موٽائڻو آهي ته:
“اسان اڃا جنگ نه هارائي آهي. اسان کي اڃا اها وک کڻڻي آهي، جنهن ۾ اڳيان پويان حساب برابر ڪبا آهن.”
۽ ها!! آئون توکي آشرم جي ان راڳي سان به ملائيندس جيڪو اڄ به ايئن ڳائي ٿو:
ڀُورل ڪنهن به ڀَئو کان
تتل سج جي تئو کان
متان ڊڄين اي ڍولڻا
تون ڳول انهن کي ڳولهڻا
جيڪي سِڌا وڃن پيا
هر تکي ُتز تاب ڏي
ڪنهن سرخ انقلاب ڏي!!
هاڻ تون مون کان اهو نه پڇجان ته هي جيڪي آشرم ۾ ڄاڻي ڄٽائون ڇڏيو ويٺا آهن، تن کي به اڃا ڪنهن انقلاب جو اوسيئڙو آهي ڇا؟ يا اهي ڪنهن ڪِلي وير ڪَٽڪ ۾ سواءِ پاکُر جي پِڙ ۾ لهندا ڇا؟ بهرحال آئون توکي ان امڪاني سوال کان اڳ ۾ ئي ٿو ٻڌايان ته آشرم ئي اهو هنڌ آهي، جتي انتظار جي سُونهن قائم آهي. محبوب جي انتظار کان ويندي سماج جي مهندار اُٿل پُٿل جي اوسيئڙي جي احساس کي جيڪڏهن تون سڀ کان ويجهو محسوس ڪري سگهندين ته اهو هنڌ، اهو مقام فقط آشرم ئي آهي. اهو آشرم جنهن ۾ توکي ٻڌائڻ کان سواءِ تنهنجو انتظار ڪندي، مون ڪئين ڀيرا بيدل سائين جو هي بيت پئي جهونگاريو آهي:
الف آ سُهڻا سُڻ حال ميڏا
تيڏي ٻاجھه ٻَهون در مانديان مئين
راتين آب اکيان وچون نِت وهي
ڏيهان خون جگر دا کانديان مئين
چا سُرندا درد غمان دا دست ڌري
ُسر سوز فراق دا ڳانديان مئين
بيدل بار بِرهه دا باري
ُچم چاهه ڪنون سِر چانديان مئين
۽ بيدل سائين جي ان بيت کان پوءِ خوش خير محمد سائين جي هن ڪافي جا آلاپ وڻ ٽڻ وائي بڻجي پاڻمرادو گونجڻ لڳن ٿا:
پرين الهه آڻئي تون آءُ
ٻَهون تئيڪون سنڀليندي هان
مئين تان کڙي ڏهدي هان راھه
وو نِت نِت ڪانگ اُڏئيندي هان
پرين الهه آڻئي تون آءُ………!!
بس ساڌو پاران سُڻايل جنم جي ان گيت جي پڄاڻي ته ٿيڻي هئي ڪانه، سو قصو هلندو رهيو ۽ انتظار جون لهرون چڙهنديون، لهنديون رهيون.