اسان انهن سان اتفاق ڀلي نه ڪريون پر اها حقيقت اسان کي هر حال ۾ تسليم ڪرڻي پوندي ته سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي به مشهور نالا رهيا آهن، انهن پنهجي وس آهر سنڌ ۾ قومي بيداريءَ جي ڪوشش ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن جو مورچو ادبي هو. ڪنهن جو مورچو سياسي هو. ڪنهن جو مورچو صحافت جو هو. ڪنهن جو مورچو علم ۽ تعليم وارو هو. ڪنهن فڪر جي دنيا ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪنهن تحقيق جي دنيا ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر سچائي اها آهي ته انهن ڪجهه نه ڪجهه ڪيو.
ان سلسلي ۾ سوال ته تمام گهڻا آهن. اسان ان سوال کان به پنهنجي هن مختصر بحث جي ابتدا ڪري سگهون ٿا ته انهن فردن جي ڀيٽ ۾ اسان هن مهل تائين ڇا ڪيو آهي؟ اسان جڏهن به سنڌ جي ويجهي تاريخ جي مٿان نظر وجهندا آهيون ته اسان کي تمام گهڻا عيب نظر ايندا آهن ۽ اسان تنقيد جي ڀرپور عياشيءَ جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ڪنهن به ڪنجوسيءَ کان ڪم نه وٺندا آهيون پر اسان پاڻ تي نظر وجهڻ واري صلاحيت کان محروم آهيون. اسان ڪڏهن پاڻ تي سوچيو آهي ته اسان ڇا ڪيو آهي ۽ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟
شيخ اياز ڪهڙي نه ڪارائتي ڳالهه نهايت خوبصورت انداز ۾ چئي هئي:
”جي ڪالهه لريءَ ۾ لوچي ويا
تن کي به ڪوئي ياد ڪري!“
ڇا اسان لريءَ ۾ لوچيل ويل انسانن کي ياد ڪريون ٿا؟ جيڪڏهن اسان انهن کي واقعي به ياد ڪندا هجون ها ته هن مهل انهن جي واٽ تي انهن جي اڻ پوري سفر کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪا ته وک وڌايون ها؟ لطيف به ان سلسلي ۾ فرمايو آهي:
”ڪجي جيئن ڪيچين لاءِ، تان تو ڪين ڪيوءِ
وڃائي وڌوءِ، هڪ نه کنيئه وکڙي!“
اسان ان رخ ۾ هن مهل تائين هڪ به وک نه کنئي آهي. جيڪڏهن اسان ڪجهه ڪيو هجي ها ته اڄ اسان جي قوم هن هيڏي وڏي سنسار ۾ اسان جي سنڌ ايتري اداس ۽ ايتري مايوس نه هجي ها. اسان کي فڪر ۽ فهم جي دنيا سدائين اهو درس ڏيندي رهي ٿي ته جيڪو به فرد يا جيڪا به قوم عمل ۾ مصروف هوندي آهي، اها ڪنهن به صورت ۾ مايوس نه ٿيندي آهي. مايوسي بي عمليءَ جي مقدر ۾ هوندي آهي. جيڪو عمل ۾ هوندو، ان کي مايوس ٿيڻ جو وقت ئي نه ملندو. هن مهل سنڌ ۾ جيڪا به اٻاڻڪائي يا افسوس ڀري صورتحال موجود آهي، اها بي عمليءَ جو نتيجو آهي. جڏهن به جيڪو عمل ۾ ايندو، اهو پنهنجو پاڻ مايوسيءَ جي تاريڪ غار مان نڪري ويندو.
عمل جي سلسلي ۾ آئون اها ڳالهه واضع ڪرڻ گهران ٿو ته مون وٽ عمل جو تصور محدود ۽ مختصر ناهي. مان سمجهان ٿو عمل پنهنجي ماهيت ۾ تمام وسيع ۽ تمام ڪشادو لفظ آهي. ان حوالي سان اسان کي اهو نه سمجهڻ گهرجي ته روڊن ۽ رستن تي اچي نعرا هڻڻ ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ئي عمل آهي. قومي عمل جون تمام گهڻيون صورتون هونديون آهن. هر ڪم عمل آهي. اهو عمل آهي ته علم حاصل ڪيو وڃي. اهو عمل آهي ته تحقيق ڪئي وڃي. اهو عمل آهي ته تخليق ڪئي وڃي. عمل صرف تقرير تائين محدود ناهي ۽ نه هجڻ گهرجي. اسان جيستائين عمل جي تصور کي وسعت نه ڏينداسين، تيستائين اسان قومي زندگيءَ جون شرطون پوريون ڪري نه سگهنداسين. ان حساب سان اسان کي پنهنجي قومي زندگيءَ جو پورو احاطو ڪرڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته اسان ڪهڙي ڪهڙي عملي صورت کي آشڪار ڪيو آهي ۽ اسان ڪهڙي ريت پنهنجي قومي وجود جي سمورين سچائين کي پرکيو ۽ پروڙيو آهي. اسان قومي زندگيءَ جي تصور ۾ ڇا ڇا شامل ڪيو آهي؟ اهو ضروري آهي ۽ نه صرف ضروري پر بيحد ضروري آهي. سنڌ جي قومي زندگيءَ ۾ عمل جون سوين صورتون آهن. اسان پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجي مزاج مطابق جيڪا به صورت کڻنداسين، ان ۾ اسان کي مايوسي نه ٿيندي پر شرط اها آهي ته اسان ان ۾ پنهنجي حصي ۽ پنهنجي پتيءَ جي ڪم جي شرط شامل ڪيون. اسان ڏسون ته ان ۾ اسان ڇا ڇا ڪري سگهون ٿا؟ ان حوالي سان اسان جڏهن به ڪا وک کڻنداسين ته اسان کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي ته ان ميدان ۾ ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ ڪنهن نه ڪنهن وقت ۾ ڪو نه ڪو ڪم ضرور ڪيو آهي. اسان ڪڏهن به پنهنجي قومي زندگيءَ جي ميدان ۾ اهو نه ڏسنداسين ته ڪو ڪم نه ٿيو هجي. ڪم ٿيو آهي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڪيترو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪنهن ڪيترو ڪم ڪيو آهي. اسان کي قومي زندگيءَ جي هر رخ ۾ هر ڪم جو ڪو نه ڪو ڏس ۽ پتو ملندو. ان صورت ۾ اسان ۾ هڪ طرح جو اتساهه پيدا ٿيندو ۽ جڏهن به اسان اتساهه کي حاصل ڪيون ٿا ته اسان ۾ هر قسم جي اميد پيدا ٿئي ٿي ۽ اها اميد اسان ۾ ڪا نه ڪا جوت جلائڻ جو سبب بڻجي ٿي ۽ حوصلو ڏي ٿي.
اسان ماڻهن ته هن مهل تائين پنهنجي ويجهي ماضيءَ واري قومي زندگيءَ جو سرسري احوال به نه ورتو آهي. جيڪڏهن صرف ان رخ ۾ به ڪجهه ڪم ڪجي ته اسان کي اهو چٽيءَ طرح سان نظر ايندو ته اسان جي ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪي به ڪم ٿيا آهن، اهي اڌورا ۽ اڻ پورا آهن. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اهي اڌورا ۽ اڻ پورا ڪم اصل ۾ اسان جي قومي زندگيءَ جا اهي خواب آهن، جيڪي هن مهل تائين مڪمل ٿي نه سگهيا آهن. ڇا اسان کي انهن جي تڪميل جي باري ۾ سوچڻ نه گهرجي؟ ڇا اسان کي ان حوالي سان پنهنجي حصي جي وک نه وڌائڻ گهرجي. ڇا اسان کي اهو نه ڪرڻ گهرجي ته اسان اڳتي وڌي هڪ اڻ پوري ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيون ۽ ان کي پنهنجي حد تائين مڪمل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه اهڙو ڪيون، يعني ڪو اهڙو عمل جنهن سان اسان جي شعور جون منزلون روشن ٿين ۽ جنهن سان اسان کي حوصلو ملي سگهي ته اسان پنهنجي ماضيءَ ڪي غيرمڪمل ڪوشش کي جيڪڏهن مڪمل ڪري نه ٿا سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي ڪنهن حد تائين اڳتي وڌائي سگهون ٿا ۽ ان ۾ ضروري واڌارو آڻي سگهون ٿا. قومي زندگيءَ ۾ اجتماعي ڪم جو اهو ئي اهڃاڻ هوندو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو هوندو آهي ۽ جڏهن اهو ڪم مڙندو ۽ ڪٺو ٿيندو آهي ته ان ڪم جو تمام گهڻو مقدار سامهون اچي ويندو آهي ۽ اهو مقدار اسان ۾ موجود مايوسيءَ کي گهٽائڻ جي سلسلي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي اجتماعي ۽ قومي زندگيءَ جي ان روپ کي قبول ڪيون ته اسان کي اها مسرت ٿيندي ته اسان تاريخ جي تسلسل جو سبب بڻجون ٿا.
تاريخ جو تسلسل ٿيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو وڏو عمل ٿي نه ٿو سگهي. اسان کي اها خبر هجڻ گهرجي ته صرف اهي قومون فنا جي دائري ۾ داخل هونديون آهن، جن قومن جي اجتماعي زندگيءَ ۾ تاريخ جو تسلسل رڪجي ويندو آهي. جڏهن به ڪا قوم پنهنجي تاريخي تسلسل کي حاصل ڪندي آهي ته اها ڄڻ ته هڪ طرح سان نئين زندگي ماڻي وٺندي آهي ۽ ان ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿي پوندو آهي. اهو جوش ۽ جذبو هن ۾ عمل جو ڪو نه ڪو روپ وٺي ايندو آهي ۽ جڏهن به ڪا سست ۽ بظاهر نڪمي قوم عمل جي ميدان ۾ ايندي آهي ته هن جا ڪيترائي خوف ۽ خدشا ڪک پن ٿي ويندا آهن ۽ هوءَ هڪ نئين قسم جو لطف محسوس ڪندي آهي. ڇا سنڌي قوم جو اهو حق ناهي ته هوءَ پنهنجي تاريخي سفر کي نئين سر شروع ڪري ۽ اهو عمل اختيار ڪري، جنهن عمل سان هن جا اڻ پورا خواب پورا ٿي سگهن ۽ هن ۾ اميدن جا گل ٽڙن ۽ هن ۾ جذبن جا سمنڊ جاڳي پون ۽ هوءَ احساس ڪمتريءَ مان نڪري هڪ عظيم زندگيءَ جو خواب مڪمل ڪري سگهي. اهو عمل ڪيترو نه خوبصورت ۽ حسين هوندو؟