ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

صدر علوي جي پهرين سنجيده آڇ

Editorial-Artilce-Dastgir Bhatti

ڇنڇر وارين سمورين اخبارن ۾ شھه سرخين سان پاڪستان جي صدر جناب عارف علوي صاحب جو بيان ڇپيو آهي جنهن ۾ هن چئن سالن لاءِ صدارتي عهدو ماڻڻ ۽ ملڪ جي مقبول عوامي سياسي پارٽين جي تڪرارن تي پھريون ڀيرو پنهنجي دل ۽ دماغ کي استعمال ڪندي (يا شايد پنھنجي اڳواڻ عمران خان) جي حڪم تي اھڙي ڳالهھ ڪئي آهي جيڪا ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ سياسي گھوٽالي کي گھٽائڻ خاطر صدر علوي صاحب ڪڏهن به نه ڪئي آهي. اخباري اطلاعن موجب صدر عارف علوي جمعي تي لاھور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اھا آڇ ڪئي ته جيڪڏهن سندس سياسي پارٽي تحريڪ انصاف جو ليڊر عمران خان ۽ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف چاھين ته ھو ٽياڪڙي ڪري ٻنھي مخالف ليڊرن کي ھڪڙي ميز تي گڏ ويھاري، کين اھڙي صلاح ڏيئي سگهي ٿو ته ملڪ جي برباد ٿي ويل معاشي حالت جو ڏيوالو نڪرڻ کان اڳ پاڻ ۾ گڏجي ڪو ڀلو گس ڪڍجي جنهن سان بيروزگاري، مھانگائي ۽ غريب ماڻهن جي مايوسي ۽ تڪليفن کي گھٽائڻ لاءِ گڏيل اپاءَ وٺڻ گهرجن. آئون حيران آھيان ته صدر علوي صاحب جيڪو پنهنجي ليڊر ۽ محسن عمران خان (جنهن کيس ملڪ جو سربراھه ٺاهيو) جي اجازت کان سواءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندو آھي، تنهن سندس مرضيءَ بنا شھباز شريف جھڙي شخص سان ملائڻ ۽ ھڪڙي ميز تي ويهارڻ جي ڳالهه ظاهر آهي ته پنهنجو پاڻ نه ڪئي ھوندي!
پاڪستان جو جيڪو به سويلين صدر ٿيو آهي سو ذوالفقار علي ڀٽو دؤر جي صدر فضل الاهي چوڌري کان وٺي اڄوڪي صدر جناب عارف علوي تائين ملڪ جو سڀ کان وڏو حاڪم ۽ سربراهه ھوندي به عملي طرح ڪنھن به فيصله ڪن اختيار کان وانجهيل ھوندو آھي. انھيءَ ڳالھه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ڊاھڻ کان پوءِ اونداهي مارشل لا راڄ جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق غير جماعتي چونڊن ذريعي مقرر ڪيل وزير اعظم جناب محمد خان جوڻيجي کي قومي اسيمبليءَ ۾ نواز شريف، چوڌري شجاعت حسين ۽ پنهنجن ٻين پنجابي ميمبرن وسيلي زبردست پريشر وجهي، پاڪستان جي آئين ۾ ترميم ڪرائي آرٽيڪل 58 ٽو- بي تحت سڄي ملڪ جون چونڊيل اسيمبليون ٽوڙڻ سان گڏوگڏ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي ختم ڪرڻ جا آمريت وارا غير قانوني ۽ غير اخلاقي اختيار پنهنجي مٺ ۾ قابو ڪري ورتا ۽ محمد خان جوڻيجي جھڙي بي داغ ۽ اصول پرست وزيراعظم تي سڀ کان اول اھڙن آمرانه پاورس جي ڪاتي وھائي ڪڍيائين.
جنرل ضياءَ جي حادثاتي موت کان پوءِ ھڪ ٻيو حادثو اھو پيش آيو ته رٽائرڊ ڪامورو ۽ جنرل ضياءَ جو خاص ساٿاري غلام اسحاق خان ملڪ جو صدر ٿي ويو ۽ سويلين ڪامورو ٿي ڪري ھن سازشي ڪاموري به پارليامينٽ جا اھي اختيار واپس نه ڪيا. جنرل ضياءَ ته فوجي سپهه سالار ھو جنھن ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار کي 5 جولائي 1977 تي ڊاهي ھٿيارن جي سگھه سان پاڪستان جي اقتدار تي قبضو ڪيو ھو. پر محمد خان جوڻيجي صاحب کي ھٽائڻ مھل جنرل ضياءَ پنھنجا آئيني اختيار ڪتب آندا. مغربي پريس جي ٽيڪا ٽپڻي کان بچڻ خاطر ھن نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو جنهن لاءِ اوجھڙي ڪئمپ ۾ ظاهر ٿيل جديد ميزائيلن ۽ ٻين موتمار ھٿيارن جي غير قانوني وڪري جا راز ڦاٽي پوڻ ڪري مٿس سندس ئي سامراجي رکوالن جو دٻاءُ وڌي ويو ته نيون چونڊون لڪرائي سويلين حڪومت قائم ڪريو. ھي سمورا زبردست واقعا سال 1988 جا آهن جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر بينظير ڀٽو صاحبه ڏھين اپريل 1986 تي آمريڪا جي تڏهوڪي صدر جارج بش سينيئر جي آشيرواد سان پنهنجي جلاوطنيءَ کي ختم ڪري وطن واپس وري آئي ھئي ۽ کيس سڄي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلسا جلوس ڪڍڻ جي سھوليت به مليل هئي. جنرل ضياءَ کي عوامي ميڙاڪن کان نفرت ھوندي ھئي جيڪا اقتدار تي رات جي اونداھيءَ ۾ ڌاڙو ھڻندڙ ھرھڪ حڪمران کي ٿيندي آهي. بھرحال 17 آگسٽ 1988 تي جنرل ضياءَ جي آسماني اڏام مھل اوچتي موت پاڪستان جي حالتن ۾ اھڙو ڀوائتو ڏڦيڙ وجهي ڇڏيو جنهن جو بڻ بڻياد آمريت پاڻ وڌو هو. جنرل ضياءَ پاران مرڻ کان اڳ چونڊن جي مقرر ڪيل تاريخ جي مخالفت سڀ کان گھڻي سندس جاءِ تي سپھه سالار بڻجي ويل جنرل اسلم بيگ ڪئي. ھن صدر غلام اسحاق خان کي انٽيليجنس ايجنسين جون تفصيلي رپورٽون ڏيکاري مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ ته ڇا پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به بينظير ڀٽو تمام گهڻيون سيٽون کڻي سگهي ٿي. پر اسحاق خان جيڪو تپيدار مان ملڪ جو صدر ٿيو ھو تنھن جو دماغ ٽوپيءَ بنا وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪندڙ ھو. کيس ڄاڻ ھئي ته جنرل ضياءَ کي ڀٽو جي ڦاسيءَ لاءِ هن پاڻ ھمٿايو ھو ۽ 1973 واري دستور ۾ ترميم ڪري آرٽيڪل 58 ٽو-بي جھڙا غير قانوني ۽ غير پارلياماني اختيار پنهنجي مٺ ۾ رکڻ جي صلاح به آمريڪي سي آئي اي جي ھن پراڻي اينٽي سوشلسٽ ڪاموري ئي جنرل ضياءَ جھڙي خالي کوپڙيءَ واري حڪمران کي پاڻ ڏني ھئي. جنرل جي مرڻ کان پوءِ. ھن پاڻ کي پاڻ صدر ڪيو ۽ اسلم بيگ کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيائين. ھنن ٻنھي گڏيل سازش وسيلي پھريان ته بينظير ڀٽو کي آڪٽوبر 1988 واري اليڪشن ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان روڪڻ واسطي سوين گھاٽ گھڙيا.
خاطريءَ سان لکان ٿو ته صدر صاحب لاھور ۾ پھچي اھا ڀلي ڳالهه عمران خان جي حڪم تي ئي ڪئي ھوندي. پنھنجي انھيءَ دليل واسطي مون وٽ لنڊن مان مليل ٽي ڏينهن اڳ جا ثبوت آهن. ٿيو ھيئن ته ھفتو ڏيڍ اڳ جڏهن برطانيه جي ساک واري اخبار فنانشل ٽائمز ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ جي مالڪ عارف نقوي پاران مني لانڊرنگ وسيلي عمران خان کي ٻه ڪروڙ ڊالر ڏنا ويا جيڪي اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ٿيندڙ گوشوارن ۾ عمران خان لڪائي قانوني ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ابوظهبي جي وزير شيخ مبارڪ النھيان طرفان ڏنل ارب روپيا به ظاهر نه ڪيائين تنھن تي 8سالن کان ھلندڙ فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي عمران خان جو ايمانداريءَ وارو چوغو لاھي ڦٽو ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اھو ڪيس رڳو پاڪستان اندر ئي ھجي ھا ته گھڻو ڪري لئه مٽي ٿي وڃي ھا. پر آمريڪا ۽ برطانيا ۾ مني لانڊرنگ خلاف نھايت سخت قانون آھن جن مان معافي مشڪل بلڪ ناممڪن آهي. انھي ڊپ وچان عمران خان چار ڏينهن اڳ هڪ طاقتور شخص ڏانهن پنهنجو خاص ايلچي اماڻيو ته مون کي معاف ڪريو پر هن کين ٻڌايو ته بين الاقوامي قانون کي ڪير به منھن نٿو ڏيئي سگهي. ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي عمران خان لنڊن ۾ رهندڙ پاڪستان جي سڀ کان وڏي بلڊر ٽائيڪون کي منٿ ميڙ ڪري چيو ته ميان نواز شريف سان منھنجو ٺاھه ڪرايو. سمجھو ٿا سنڌي پھاڪو ته ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانگن ڪيرائي!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button