شوبز

سجل علي فاطما جناح جو ڪردار ڪرڻ تي ٻيهر تنقيد جو شڪار

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سجل علي فاطما جناح جو ڪردار ڪرڻ تي ٻيهر تنقيد جو شڪار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق فاطما جناح جي ڪردار ۾ سجل علي جي انداز بھ مداحن کي ڪاوڙ ۾ آڻي مٿس چٿر ڪرائي آهي. سجل علي فاطما جناح واري ڪردار جي تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو تھ، فاطما جناح عظيم قدآوار اڳواڻ هئي، سندس طاقتور ڪردار ڪرڻ وڏو اعزاز آهي. هوڏانهن مداحن تنقيد ڪندي لکيو آهي تھ، فاطما جناح مسڪرائيندڙ عظيم عورت هئي، سجل هر جڳهه تي ڪاوڙ ۾ نظر اچي رهي آهي. هن ڪردار ۾ ڪا ٻي اداڪارا وڌيڪ مناسب هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button