شوبز

ڪرينا ۽ عامر جي فلم لال سنگهه چڍا خلاف ڪيس داخل

بالي ووڊ فلمن جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ۽ بيبو ڪرينا ڪپور خان جي فلم لال سنگهه چڍا خلاف ڪيس داخل ٿي ويو آهي ۽ ان سان گڏ فلم باڪس آفيس تي پڻ ٻوٽو نھ ٻاري سگهي آهي. ميڊيا مطابق ممبئي پوليس کي وڪيل ونيت جندال نالي هڪ همراهه درخواست ڏئي مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي تھ فلم ميڪر ڀارتي فوج جي توهين ڪرڻ سان گڏ هندن جا جذبات مجروح ڪيا آهن. هوڏانهن عامر خان جي فلم لال سنگهه چڍا 4 ڏينهن ۾ 50 ڪروڙ ڪمائڻ ۾ ناڪام، رڳو 37 ڪروڙ بزنس ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button