ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات سٽيلن جي بحالي

Editorial

سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو هلندڙ آهي، امڪان اهي آهن ته اهو سلسلو ايندڙ مهيني تائين جاري رهندو. برساتن جي ڪري هڪ پاسي جتي پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ بهتري آئي آهي، اتي ماڻهن جو گهڻُو نقصان پڻ ٿيو آهي. آبادگارن جا فصل تباهه ٿيا آهن، ماڻهن جا گهر ڊهي ويا آهن ۽ ڍور پڻ لڙهي ويا آهن. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن عوام سدائين حڪومت ڏانهن مدد لاءِ واجهائيندو آهي. پر حڪومت عوام جي ڪيتري سهائتا ڪندي آهي. ان جو اندازو هاڻوڪين برساتن ۾ ٿيندڙ امداد مان لڳائي سگهجي ٿو. جتي جتي به برسات وسي ٿي، اتي عوام کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. جنهن کان پوءِ عوام ڊٺل گهرن جي ڀرسان ويهي حڪومت امداد جو انتظار پيو ڪندو آهي. سنڌ حڪومت 9 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته انهن ضلعن ۾ بحاليءَ وارو ڪم عملي طور نظر اچڻ گهرجي. هن وقت تائين جتي به برسات جون تباهيون نظر آيون آهن، اتي ڪوبه عملي ڪم نظر ڪونه آيو آهي ۽ نه ئي عوام کي ڪا سهائتا ٿي آهي. سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ماڻهو زراعت تي ڀاڙيندا آهن. جڏهن ته هاڻوڪين برساتن سبب انهن جا فضل بنهه گهڻا متاثر ٿيا آهن ۽ اهڙي ريت اهي معاشي طور بنهه ڪمزور نظر اچي رهيا آهن.
ڪالهوڪي خبر موجب سنڌ سرڪار 9 ضلعن ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال سبب متاثر ٿيل علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ تباهيءَ کانپوءِ 9 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، صوبي جي 9 ضلعن جون 723 ٻهراڙيون آفت سٽيل قرار ڏنيون ويون آهن. ٺٽو، قمبر شهدادڪوٽ، مٽياري، بدين، ڄامشورو، دادو، سانگهڙ، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ متاثر ٿيل علائقا آفت سٽيل قرار ڏنا ويا آهن. سنڌ سرڪار طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آفت سٽيل علائقن ۾ تازين برساتن دوران زراعت، بُنيادي ڍانچي ۽ چوپائي مال سميت تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. تازين برساتن دوران جن ضلعن ۾ زرعي ايراضي ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي. انهن ۾ ٺٽو، ڄامشورو، دادو، بدين، قمبر – شهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز، خيرپور، مٽياري ۽ سانگهڙ شامل آهن. ڄاڻايل ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. واضح رهي ته سنڌ جي وڏي وزير وفاقي حڪومت کان آفت سٽيل علائقن ۾ قرض جون قسطون معاف ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو. رڳو اعلان ڪرڻ ڪافي ناهي پر ان کي عمل ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. ڪاغذن وسيلي ٿيندڙ ڪارروائي ڪنهن به ريت عوام کي ڪو لاڀ نٿي ڏئي سگهي. جڏهن ته حڪومت کي اها به خبر آهي ته برساتن جو هي سلسلو اڃا وڌيڪ هلڻو آهي، تنهنڪري اڃا وڌيڪ ضلعا برسات سبب پڻ متاثر ٿي سگهن ٿا. انهن ضلعن لاءِ حڪومت وٽ ڪو عملي پروگرام ضرور هجڻ گهرجي. هن وقت تائين ته رڳو عوام کي اهو پيو ٻڌايو وڃي ته انهن جي علائقن ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي پر ان ٻوڏ کان حڪومت انهن کي ڪيئن بچائيندي اهو اڃا تائين واضح نه ٿي سگهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت کي هر حوالي سان سنڌ جي برسات سٽيلن جي مدد ڪرڻ گهرجي. حڪومت فصلن جي انشورنس کان ڇو ٿي لنوائي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو گهر ڊهي پيو آهي ته ان لاءِ ڏهن هزارن جي امداد ڪابه معنيٰ نٿي رکي، پر ضروري آهي ته ان کي اهو گهر ٺهرائي ڏنو وڃي. ان جي فصلن تي جيتري لاڳت آئي آهي ۽ جيترو پئسو ان کي فصلن مان ملڻو آهي، اهو آبادگار کي ڏنو وڃي پر حڪومت رڳو نالي ماتر امداد جو چئي جان ڇڏائيندي رهندي آهي. جنهن سان عوام جي ڪابه مدد نه ٿي سگهندي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻوڪين برساتن ۾ وڏئي پئماني تي عوام جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي زندگيءَ جو ڪاروهنوار وري بحال ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button