ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جي روحاني ترقي ۽ سوويت ادب-V

Editorial-Article-Yameen Jatoi

اسان جي سڀني وڏن اديبن جيان شولوخوف به عوام جي زندگيءَ جي طاقت کي اجاڳر ڪيو آهي ۽ اسان کي هڪ هڪ انسان جي آئيندي ۽ پڄاڻيءَ بابت ويچارڻ جي نينڍ ڏني آهي.
هلندڙ صديءَ جي ٽين ڏهاڪي ۾ خاص ڪري “پرولتاري ڪلچر” جي نظرين ۽ اهڙن ئي لاڙن وارين لکڻين ۾ ۽ هڪ حد تائين شاعريءَ ۾ هڪ لحاظ کان عام ماڻهن کي تمام وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويندو هو جنهن سان فرد ڪٿي گم ٿي ويندو هو.
گڏوگڏ ٻين اديبن ان رجحان جو مظاهرو ڪيو ته جيڪو عوام سوشلسٽ انقلاب ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺي رهيو هو سندس زندگيءَ جي سڀني نون ۽ بيمثال نقشن جو اعزاز انفراديت پسنديءَ جي بغاوت هڪ “نئين” عمل پسندي ۽ عامياڻي موقعي پرستيءَ جهڙن پراڻن ڪائناتي تصورن کي ڏنو وڃي.
چوٿين ڏهاڪي ۾ صنعتي صنف کي موضوع بڻائيندڙ ڪيترن ئي لکڻين ۾ هيءُ به ڏيکاريو ويو ته ڪردارن جي اندروني زندگي سندن محنت جي سرگرمي جي ماتحت ٿي وئي، جن ماڻهن جي تصويرڪشي ڪئي وئي انهن جي انفرادي خدوخال کي انهن جي روحاني ساخت ۾ جيڪي تبديليون آيون هيون انهن کي پوئتي اڇلايو ويو.
عظيم محب وطن جنگ دوران عوام جي زبردست صفبندي عام دليريءَ جي زبردست ۽ بيمثال عروج جو سبب بڻي. سوويت عوام جي اتحاد جو، ڀائيچاري جو، ۽ پنهنجي وطن جي حال ۽ مستقبل لاءِ ذميوار هئڻ واري ۽ بين الاقواميت پسند فرض جي شعور جو ڪارڻ بڻي.
عوام جي ان نئين واڌويجهه جي عڪاسي ادب ۾ مختلف طريقن سان ڪئي وئي، اسان کي هڪ نظم نظر اچي ٿو جنهن ۾ ڪو اجتماعي هاري هڪ مثالي سپاهي بڻجي ويندو آهي. اها تمثيل روزمره جي ئي سهي پر گڏوگڏ ان کي اهڙي وسيع ۽ گهري جنرلائيزيشن حاصل ٿي وڃي ٿي جيڪا جنگ جي ڏهاڙن ۾ سوويت عوام جي سڄي زندگيءَ جو احاطو ڪري وٺي ٿي. (تواردوفسڪيءَ جو نظم، “ويسلي تيورڪن”) ٻيو مثال “هڪ ٽي 34 ٽينڪ”، انتهائي شاعراڻي تحرير آهي. انهن ماڻهن کي اڳيان وڌڻ واري روحاني ۽ وطن دوست خواهش متحد ڪري رکيو آهي.
لينن جنهن شئي کي اڳواٽ ئي ڏسي ورتو هو، اها سوشلسٽ ڪلچر جي ارتقاءَ ۾ ظاهر ٿي، يعني سندس ئي لفظن ۾ “ڪل ارتقاءَ ۽ پوري تياريءَ سان” عوام جي تعليم هوريان هوريان هڪ تڪڙو عملي ڪم بڻجي وئي. سائنس روزمره جي زندگيءَ جو جز بڻجي وئي آهي. انسان، جيڪو ادب لاءِ ادراڪ ۽ تعليم جو دائمي موضوع آهي، سياسي، نظرياتي ۽ اخلاقي لحاظ کان ترقي ڪري رهيو آهي. فن ۽ ادب جي ان عمل جو مجسم نمونو مختلف رستن تي هلي رهيو آهي ۽ اها ئي شئي اسان جي زندگيءَ جي نظرياتي ۽ روحاني دولت جي عڪاسي ۽ سوشلسٽ طرز زندگيءَ جي مخصوص شڪلين جي تحقيق تي به پوري لهي ٿي. اديب عظيم فڪرن ۽ جذبن جي پيچيدي حرڪت ۽ اوسر تائين پهچي سگهي ٿو جيڪا اڪثر روزمره جي زندگيءَ جي مختلف تهن ۾، ان جي لاهن چاڙهن کي سهيڙي سگهي، ان لاءِ جو عوام وڏي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي ڏينهون ڏينهن تجربو گڏ ڪري رهيو آهي ۽ نين بلندين تي پهچي رهيو آهي.
زندگي جي ڏکيائين ۽ انهن تضادن کي سچائيءَ سان پيش ڪرڻ ۽ سوويت عوام جي روحاني ۽ نظرياتي حاصلات جي پيچيدي عمل کي شاعراڻي جذبي سان قطعيت بخشڻ سوويت ادب جو مقصد آهي. ان سلسلي ۾ مثال طور چنگيز ايتماتوف جي ناول “الوداع گلسريءَ” کي پيش ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ روزمره جي زندگيءَ جي ڏکيائين کي اسان جي ملڪ جي تاريخ جي اهم مسئلن سان گڏوگڏ، سوشلسٽ ڪلچر ۽ ان جي قومي خاصيتن جي ارتقاءَ، سوشلسٽ جمهوريت جي وڌيڪ ارتقاءَ ۽ انسان جي روحاني واڌويجهه سان گڏگڏ پيش ڪيو ويو آهي.
ڌنار تانابائي بڪاسوف جي ڪهاڻي اسان کي ٻڌائي ٿي ته هن آزاداڻي نموني سوچڻ، زندگيءَ بابت غور فڪر ڪرڻ ۽ ان جي تلخ تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ ڪيئن سکيو. نون سماجي اصولن تي اٽل اعتماد ۽ انهن سان مڪمل وفاداري سندس المناڪ تجربن کي نااميدي ۽ بيدليءَ جي خاصيتن کان عاري ڪري ڇڏي ٿي ۽ جيڪا شئي اڀري آڏو اچي ٿي اها آهي ادراڪ جي صنعت، ان عام ارتقاءَ جو شعور جنهن لاءِ گورڪي آواز ڏنو هو. ايتماتوف جي ان ناول ۾ مرڪزي ڪردار جي شعور جي ۽ پاڻ پنهنجي گيان جي واڌويجهه آڪٽوبر انقلاب جو ثمر نظر اچي ٿي. ۽ هڪ اهڙو عمل بڻجي وڃي ٿي جنهن ۾ سڀئي ماڻهو شريڪ آهن کڻي تانابائي ڪيڏي ڪيڏي مهل پاڻ کي اڪيلو ڇو نه محسوس ڪندو هجي.
سندس جذبن ۽ احساسن جي شدت ۾، ادراڪ جي خوشيءَ ۾ ۽ سخت آزمائش ۾ به سندس اڏول رهڻ ۾ ۽ تانابائي جيڪو روحاني سفر ڪيو آهي ان ۾ ليکڪ کي اهي شڪليون نظر آيون آهن جيڪي اصل ۾ عام ماڻهن جي زندگيءَ جي خاصيت هونديون آهن. يعني سوشلزم جي حالتن ۾ فرد جي واڌويجهه.
ان ڳالهه ۾ شڪ جي گنجائش ئي ڪانهي ته هر سال اسان جو ادب سوويت عوام جي روحاني زندگيءَ جي گهراين ۾ لهندو پيو وڃي ۽ ان جي مختلف پاسن ۽ خاصيتن جي عڪاسي ڪري رهيو آهي.
هوڏانهن ڪجهه سالن کان نئين نسل جا ڪيترائي اديب سامهون آيا آهن جن جي لکڻين مان سڌ پئي ٿي ته انهن مان هر هڪ پنهنجي تخليقي دائري اندر واري زندگيءَ جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو ۽ ان سان محبت ڪري ٿو.
۽ گڏوگڏ اهي سڀ پنهنجين پنهنجين انفراديتن، پنهنجي ڌار اسلوب جا مالڪ آهن جنهن کان سواءِ ادب ۾ ڪابه قدر جوڳي ڪاميابي حاصل نٿي ڪري سگهجي تڏهن به رڳو فني انفراديت ۽ اسلوب ئي ڪاميابيءَ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهن. ان سلسلي ۾ استافيئيف، بيلوف، بيتوف، ميخونوسوف، تڪاچنڪو، شوڪشين جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو.
اسان جي زندگيءَ جيڪي بلند اخلاقي آدرش پيدا ڪيا آهن ان مان حوصلو حاصل ڪري اهي اديب پنهنجين بهترين تخليقن ۾ انهن اهم خدوخالن جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي سوويت عوام جي روزمره جي زندگيءَ ۾ انهن جي رشتن ۾ ظاهر ٿيندڙ تبديلين جي نمائندگي ڪن ٿا.
انهن اديبن جي تخليقن تي بحث ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي جن سان پنهنجي تخليقي صلاحيت جي منطق تي ۽ اسان جي زندگيءَ جي حالتن انهن لاءِ امڪان پيدا ڪري ڇڏيا آهن انهن تي وڌيڪ ڳوڙهي نظر سان غور ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.
ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ضروري آهي ته اهي اديب، ڪيترن ئي ٻين اديبن جيان پنهنجين ڪجهه لکڻين ۾ پنهنجي پاڻ کي اسان جي وڏي ڪاميابيءَ جي خدوخال ۽ ان جي اهم لقائن جي عڪاسيءَ ۾ ۽ پنهنجي فني ڪوشش ۾ زندگيءَ جي ڌارا جي سڄي هيڪڙائي ۽ اسان جي زندگيءَ جي سموري روحاني وايومنڊل کي، جيڪو تمام پيچيدو ۽ لڳاتار اسرندڙ عمل آهي، محدود ڪري پيش ڪرڻ جو لاڙو رکن ٿا.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button