14 آگسٽ تي وزير اعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر “نيشنل ڊائلاگ” جي وائي ورجائي آهي. جڏهن ته عمران خان به اهڙي راءِ سان نااتفاقي نه ڏيکاري آهي. پر انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اهم ڳالهه ملڪ جي موجوده صدر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ صدر عارف علويءَ جي آهي، جنهن پنهنجي ڊگهي ماٺ جو انت آڻيندي چيو آهي ته هو شهباز شريف ۽ عمران خان کي هڪ ٽيبل تي ويهارڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته “نيشنل ڊائلاگ” يا “سياسي سمجهوتو” ڪرڻ جي سلسلي ۾ مٿيان ٽي فرد نه پر ڪيتريون ڌريون متحرڪ آهن. هو عمران خان مٿان اهو بار وجهي رهيون آهن ته حڪومت سان ويهي تڪراري معاملا نبيري. عمران خان انهن سڀني اهو جواب ڏئي رهيو آهي ته “پهرين نئين اليڪشن جو اعلان پوءِ ڳالهيون!” عمران خان جنهن ضد تي چڙهيل آهي، ان کي مڃائڻ لاءِ هن جيڪو پاور شو وارو پريشر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ هن جيڪا ٻولي ڳالهائي آهي ۽ ان کان وڌيڪ هن جي حوالي سان جيڪي رپورٽون اسٽيبلشمينٽ کي مبينا طور تي مليون آهن، جن ۾ اهو انڪشاف آهي ته هن پنهنجن ساٿين کي اها هدايت ڏني آهي ته سوشل ميڊيا جي معرفت اسٽيبلشمينٽ مٿان مستقل دٻاءُ وڌو وڃي ۽ ان ڪرت ۾ جڏهن تحريڪ انصاف جا تکا چيتا پنهنجي حد کان مٿي چڙهي ٿا وڃن ته ان جي نتيجي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪاوڙ فطري ردعمل بڻجي وڃي ٿي ۽ اها عمران خان کي وڌيڪ سيکت ڏيڻ جو سوچي ٿي. ڇو ته عمران خان جي حڪومت کي نه بچائي اسٽيبلشمينٽ هن کي جيڪو سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي هو ان سان سڌو ٿيڻ بدران وڌيڪ ڏنگو بڻجڻ لڳو. اهو ئي سبب آهي ته عمران خان جي زبان دراز ڪلچر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ شهباز گِل کان شروعات ڪئي وئي.
شهباز گِل کي جنهن انداز سان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هن سان جهڙو سلوڪ ٿيڻ جا اطلاع ميڊيا جي زينت بڻيا، ان عمل سبب پهريون ڀيرو عمران خان کي پنهنجي ذات جي سلسلي ۾ پريشاني وڪوڙي وئي. عمران خان شهباز گِل جي گرفتاريءَ کان پوءِ خطاب ڪيو هو، ان ۾ هو خطرناڪ حد تائين پريشان نظر اچي رهيو هو. هو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ويٺو هو پر هن جي پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا صاف نظر اچي رهيا هئا ۽ هو بار بار دانهن ڪري رهيو هو ته ملڪ جي وڏي پارٽيءَ کي فوج سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
عمران خان جي اها تقرير هن وقت به يوٽيوب جي رڪارڊ تي موجود آهي ۽ اها وري ٻڌڻ گهرجي ۽ سمجهڻ گهرجي ته اسان جي ڪپتان ۾ ڪيترو حوصلو آهي. هن کي جڏهن اها پڪ ٿي وئي ته هن خلاف هڪ طرح جو آپريشن شروع ٿيڻ وارو آهي ته هن جي حالت تمام بدتر ٿيڻ لڳي. اهو ئي سبب آهي ته هن پاڻ ۾ مناسب تبديليون آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اها به حقيقت آهي ته عمران خان شهباز گِل جي گرفتاريءَ کان پوءِ جنهن ڊپريشن ۾ هليو ويو هو، ان مان لاهور واري جلسي کيس ٻاهر ڪڍڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردارا ادا ڪيو آهي. جيڪڏهن لاهور جو هاڪي اسٽيڊيم اهڙي طرح ٽمٽار نه ٿئي ها ته ڪپتان پنهنجي خوف واري ڪيفيت مان ٻاهر نڪري نه سگهي ها. جڏهن هن وقت اهو به محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان کي سمجهائڻ وارا به سرگرم ٿي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي ته لاهور جلسي ۾ تمام گهڻي خلق هجڻ جي باجود به هن پنهنجي زبان کي ڪنٽرول ۾ رکيو ۽ هن اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي، جيڪا شڪايت جو سبب بڻجي. ايتري حد تائين جو هن آمريڪا کي به اهو اطلاع ڏنو ته هو سندس مخالف ناهي پر پنهنجي سياست لاءِ هڪ پتو استعمال ڪري رهيو آهي. عمران خان ۾ جيڪا تبديلي اچي رهي آهي، ان جي پڪ 19 آگسٽ تي ڪراچيءَ واري جلسي ۾ ٿيندي. جڏهن ته عمران خان جي سلسلي ۾ اهو به سمجهڻ گهرجي ته هو سياستدان آهي ۽ هن جي لاءِ ڦرڻو گهرڻو هجڻ هڪ ضرورت جهڙو آهي. هو پنهنجي ان انداز کي مڪمل طور تي ختم به نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته هيءَ سياست آهي. هيءَ اقتداري سياست آهي. هيءَ پاڪستان جي پاور پاليٽڪس آهي. ان ۾ اها خرابي هن جي خوبي سمجهي ويندي آهي.
عمران خان پنهنجي پوري ڪيريئر ۾ هڪ بيحد سمارٽ شخص رهيو آهي. هن جو اهو خيال رهيو آهي ته هو سياست کي سمجهي ٿو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بنا ڪنهن خانداني وراثت ۽ بنا ڪنهن روايتي انداز اختيار ڪرڻ جي، هن جهڙي طرح ملڪي سياسي شهرت حاصل ڪئي آهي، اهو بذات خود هڪ ڪارنامو آهي. پر عمران خان کي هاڻي اهو احساس ٿيڻ لڳو هوندو ته هو سياست کي ڀلي سمجهي چڪو هجي پر هو اڃان تائين “رياست” کي نه سمجهي سگهيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته عمران خان هڪ عملي سياستدان آهي. هن جو علمي پاسو تمام ڪمزور بلڪه نه هجڻ جي برابر آهي ۽ اهم ڳالهه اها به آهي ته هن جي پارٽيءَ ۾ ڪو به اهڙو وڏو عالم ۽ دانشور ناهي، جيڪو عمران خان کي ان شيءَ جي حوالي سان سمجهائي سگهي ته “رياست” ڪهڙي بلا جو نالو هوندي آهي؟
عمران خان ڪڏهن به رياست جي حوالي سان فريڊرڪ اينگلس جو ڪتاب نه پڙهيو هوندو ۽ نه وري هن جي نظرن مان ڪامريڊ لينن جي تحرير “رياست ۽ انقلاب” گذري هوندي. شهيد ڀٽو ۽ عمران خان ۾ اهو ئي فرق آهي. شهيد ڀٽو به ڪو ڪميونسٽ نه هو. پر هو ڪميونزم جا ڪتاب وڏي اهميت سان پڙهندو هو. هن کي معلوم هو ته ڪميونسٽ سياست کي سائنس سمجهندا آهن ۽ سياست سائنس وانگر سمجهائيندا آهن. جهڙي طرح لطيف لکيو آهي ته:
“قاتل ڪمائي ڪري، وهه ماکي جي ڪن
وٽان ويهي تن، پئج ڪي پياليون”
تهڙي طرح ڪميونسٽن جو ڪم ئي اهو رهندو آيو آهي ته هو تاريخ توڙي سياست ۽ معيشت توڙي رياست کي سمجهڻ جي لاءِ تمام ڪٺن محنت ڪندا آهن. انهن جي لاءِ سياست سائنسي ليبارٽري هوندي آهي. هو ان ۾ تحقيق ڪرڻ کان پوءِ جيڪا علم ۽ عقل جا املهه موتي آڻيندا آهن، انهن جو ملهه مهانگو هوندو آهي.
عمران خان جيڪڏهن سياست جو سائنسي مطالعو ڪندڙ هجي ها ته هو رياست جي اهم ترين اداري يعني اسٽيبلشمينٽ سان فري ٿي اهڙي غلطي هرگز نه ڪري ها، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ “ليڪو لتاڙڻ” چيو ويندو آهي. عمران خان ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه پڙهيو آهي. هن ڪجهه نه سمجهيو آهي. جيڪڏهن هو سلمان رشديءَ جو سڀ کان ننڍو ڪتاب “جيگور سمائل” ئي پڙهي ها ته هو سمجهي سگهي ها ته شينهن جي سواري ڇا ٿيندي آهي؟ عمران خان ۾ عقل آهي پر علم ناهي. جڏهن ته وڏي سياسي پرواز لاءِ هڪ سياسي پرندي کي ٻن پرن تي اڏامڻو پوندو آهي.
عمران خان وٽ ان پئماني جي سمجهه هجي ها ته هو پنهنجي حڪومت وڃائي ائين پار نه ڪڍي ها. بهرحال هاڻي جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ٿيو. هن مهل اهم ڳالهه اها آهي ته عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ مٿان دٻاءَ وجهڻ واري غلطيءَ جو به احساس ٿي چڪو آهي ۽ هو ان کي سڌارڻ جي سلسلي ۾ به هٿ پير هڻي رهيو آهي پر ان حوالي سان اهم ڳالهه اها آهي ته ڇا هو رياست جي عظيم تر مفاد جي لاءِ پنهنجن سياسي مخالفن سان هٿ ملائڻ ۾ ڪو عار ته محسوس نه ڪندو؟
عمران خان جي سدائين اها ڪوشش رهندي آئي ته هو جنهن به محفل ۾ هجي، ان محفل ۾ مختلف لڳي. ان ڪري هو شهباز شريف ۽ آصف زرداري توڙي نواز شريف سان ملي کلي نه ٿو سگهي. هن کي اها ڪس کائڻ نه ايندي آهي. جڏهن ته اقتداري سياست ۾ اهو ڪجهه ضروري عمل هوندو آهي. عمران خان جيڪڏهن اڄ به پاڻ کي هڪ اصول پرست ۽ انقلابي اڳواڻ سمجهي ٿو ته اها هن جي خوفناڪ خوشفهمي آهي. عمران خان به ساڳي ريس ڪورس جو گهوڙو آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جا گهوڙا سوارن سميت هڻڪي رهيا آهن. هن کي اهي ئي اصول تسليم ڪرڻا پوندا، جيڪي هن ريس ۾ سڀني قبول ڪيا آهن. هن جي لاءِ ڪو الڳ ريس ڪورس نه جڙندو ۽ نه وري هن کي ڪنهن مختلف انداز سان تسليم ڪيو ويندو. عمران خان کي کٽڻ ۽ هارائڻ جي لاءِ ساڳي هنڌ جي شرط مڃڻي پوندي. جيڪڏهن هو ان لاءِ تيار آهي ته هن کي عملي طور تي اهو ثبوت به ڏيڻو پوندو ۽ کيس پنهنجن سياسي مخالفن سان هٿ ملائي گڏ ويهڻو پوندو. ڇو ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪافي وقت کان وٺي ملڪ جي معاشي صورتحال جي حوالي سان سخت پريشان آهي.
اسٽيبلشمينٽ جو هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ رهندو آيو آهي. جيڪڏهن پاڻ ذهن تي ٿورو به زور ڏيون ته اسان کي ان مائينڊ سيٽ جو پتو پئجي ويندو. اسٽيبلشمينٽ جو سدائين اهو اصرار رهندو آيو آهي ته “پهرين رياست پوءِ سياست” ان ساڳي سوچ کي اڳوڻو آمر پرويز مشرف انهن لفظن ۾ پيش ڪندو هو ته “سڀ کان پهريان پاڪستان” جڏهن ته اصولي ۽ علمي طرح سان اها ڀيٽ صحيح به ناهي. پر پوءِ به اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي ذهن ۾ اها ڳالهه تمام گهرائيءَ سان گهر ڪري ويٺي آهي ۽ هوءَ عمران خان جي مٿان به اهو دٻاءُ وجهي رهي آهي ته پهرين ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين کي پاڻ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ گهرجي. اسٽيبلشمينٽ جو خيال آهي ته ملڪي معيشت جو منفي حالت ۾ اچڻ جو ڪارڻ اهوئي آهي ته سياسي پارٽين ۾ پاڻ وڙهي هڪ هٿرادو بحران پيدا ڪيو آهي. ان بحران سبب ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آهي. ان سياسي عدم استحڪام سبب ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي آهي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ جو مسلسل اصرار آهي ته سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ ويهي ڪنهن نبيري جي واٽ ڪڍڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ حڪومت ته راضي آهي، جڏهن ته عمران خان پنهنجي ضد تي چڙهيل آهي پر هن جي انداز ۽ هن مٿان وڌل دٻاءَ مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ جي مفاد ۾ هو پنهنجي ضد تان هٿ کڻي ويندو.